9 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 9 مارچ 1746ع تي نپولين ۽ جوز بقائن جي شادي ٿي. 9 مارچ 1825ع تي مولانا ميان گل محمد ميڪڻ جي ولادت ٿي. 9 مارچ 1846ع تي بھترين شاعر ۽ مضمون نگار آخوند فقير محمد ”عاجز“ ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي حيدرآباد جي شيراڻي محلي ۾ ڄائو. 9 مارچ 1924ع تي سنڌ جو مخلص انسان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. 9 مارچ 1933ع تي مشھور اديب، اردو، فارسي ۽ گوجري ٻوليءَ جو شاعر صابر آفاقي جو جنم ڏينھن آهي. 9 مارچ 1942ع تي نالي وارو نقاد، ڪھاڻيڪار ممتاز مھر سکر ۾ جنم ورتو. 9 مارچ 1948ع تي ممتاز ماهر قانون غلام علي ميمڻ جو وڇوڙو ٿيو. 9 مارچ 1951ع تي مشھور شاعر فيض احمد فيض راولپنڊي سازش ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو. 9 مارچ 1961ع تي ليکڪ منظور مشوري جو جنم ڏينھن آهي. 9 مارچ 1978ع تي ملڪ جي ممتاز ديني روحاني پيشوا مخدوم محمد شاهه جو وڇوڙو ٿيو. 9 مارچ 1985ع تي پاڪستان جي ممتاز دانشور جِي الانا جو وڇوڙو ٿيو. 9 مارچ 2000ع تي نامياري لوڪ راڳي پٺاڻي خان جو وڇوڙو ٿيو. 9 مارچ 2010ع تي شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر ملڪ نديم جو وڇوڙو ٿيو. ڊاڪٽر ملڪ نديم جو اصل نالو عبدالرزاق هو.