12مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 12 مارچ 1828ع تي جرمن ماهرِ لسانيات، محقق ۽ لطيف جي پارکو ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ جي شھر السفيلڊ ۾ ڄائو. 12 مارچ 1915ع تي صوفي راڳ جي مشھور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي جو جنم ڏينھن آهي. 12 مارچ 1917ع تي روس ۾ انقلاب آيو. 12 مارچ 1922ع تي سنڌي علم ادب جو روشن ستارو محبوب علي چنه سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو. 12 مارچ 1925ع تي صوفي فقير موهن لال آهوجا جو وڇوڙو ٿيو. 12 مارچ 1935ع تي شاعر جمال الدين جوڳي جو جنم ڏينھن آهي. 12 مارچ 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو ڪھاڻيڪار غلام نبي مغل حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. 12 مارچ 1945ع تي ليکڪ ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات جو جنم ڏينھن آهي. 12 مارچ 1947ع تي نالي وارو شاعر عاجز اڄڻ جو جنم ڏينھن آهي. 12 مارچ 1948ع تي ڪراچي کي پاڪستان جي گاديءَ وارو هنڌ بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو. 12 مارچ 1967ع تي انڊونيشيا ۾ جنرل سھارتو اقتدار سنڀاليو. 12 مارچ 1972ع تي ڪمپيئر ۽ اداڪار نعمت الله جوڻيجو (محمد ملوڪ) ولد حسين بخش جوڻيجو ڳوٺ ٺل جوڻيجو تعلقه رتوديرو ۾ جنم ورتو. 12 مارچ 1985ع تي بين الاقوامي اسلامي محقق ۽ مصنف ڊاڪٽر غلام جيلاني برق جو وڇوڙو ٿيو. 12 مارچ 1985ع تي شام جو حافظ الاسد ٽيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. 12 مارچ 1987ع تي پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي 10 هين آئين جي ترميم کي منظور ڪيو. 12 مارچ 1992ع تي سٺو ڳائڻو ۽ ريڊيو آرٽسٽ حسين بخش خادم وفات ڪئي. 12مارچ 1993ع تي بمبئي ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ 200 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. 12 مارچ 1993ع تي انقلابي ۽ باغي شاعر حبيب جالب جو وڇوڙو ٿيو. 12مارچ 2007ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي برطرفي کانپوءِ لاهور ۾ وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو، مظاهرين جي پوليس سان جهڙپ ۾ 20 کان وڌيڪ وڪيل زخمي ٿي پيا. 12مارچ 2010ع تي پاڪستان جي شهر لاهور ۾ فوجي قافلي تي ٻن آپگهاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 45 ڄڻا مارجي ويا ۽ 95 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.