13 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    13مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    13 مارچ 1781ع تي يورنيس سيارو دريافت ٿيو.
    13 مارچ 1889ع تي ايفل ٽاور کي مڪمل ڪيو ويو.
    13 مارچ 1941ع تي سر شاهه محمد سليمان جو وڇوڙو ٿيو.
    13 مارچ 1941ع تي صحافي عبدالغفار صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
    13 مارچ 1955ع تي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظھر مغل جو جنم ڏينھن آهي.
    13 مارچ 1960ع تي اسلام آباد ۾ عجائب گهر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    13 مارچ 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مزاحمتي شاعر حليم باغي اصل نالو عبدالحليم ولد محمد سومار ساند ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمر ڪوٽ، ضلعي ميرپور خاص ۾ ڄائو.
    13 مارچ 1967ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر فرينڪ وارل جو وڇوڙو ٿيو.
    13 مارچ 1978ع تي بنگلاديش جي سينيئر وزير مسيح الرحمان جو وڇوڙو ٿيو.
    13 مارچ 1976ع سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم سنڌ ڊاٽ ڪام جو ايڊيٽر، محمد سليمان وساڻ تي ڳوٺ نواب خان وساڻ، ڪوٽ ڏيجي تعلقي خير پور ميرس ۾ محرم علي وساڻ جي گھر ۾ جنم ورتو .
    13 مارچ 2007ع تي سينيئر صحافي احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
    13 مارچ 2009ع تي لالي ووڊ جو ناليوارو ڊائريڪٽر، فلمي اداڪار ڪيفي جو وڇورو ٿيو.
    13 مارچ 2016ع تي قومپرست سياستدان ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جو لاڏاڻو ٿيو
     
    آخري ترميم: ‏8 اپريل 2022

هن صفحي کي مشهور ڪريو