14 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    14مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    14 مارچ 1879ع تي مشھور سائنسدان آئن اسٽائن جو جنم ڏينھن آهي.
    14 مارچ 1883ع تي فلاسافر، معيشتدان، سماجياتدان، صحافي ۽ انقلابي سوشلسٽ ڪارل مارڪس پروشيا جي وچولي طبقي ۾ جنم ورتو.
    14 مارچ 1900ع تي ڪميونسٽ انقلاب ۽ تاريخ جو نامور اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاري ولد سيد زين العابدين بخاري ڀارت گجرات جي مشھور شھر احمد آباد ۾ جنم ورتو.
    14 مارچ 1900ع تي ماهوار عصمت جو پھريون شمارو شايع ٿيو.
    14 مارچ 1914ع تي سربيا ۽ ترڪي جي وچ ۾ امن معاهدو ٿيو.
    14 مارچ 1933ع تي نامور اديب، شاعر ۽ استاد نيڀراج ولد گنگو مل سوٽھڙ جو ادبي نالو صوفي نيڀراج ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
    14 مارچ 1937ع تي قادر الڪلام شاعر سرويچ سجاولي اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ ڳوٺ ابراهيم تارڙ لڳ سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
    14 مارچ 1953ع تي ناليوارو اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري ڳوٺ عالم خان زرداري تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
    14 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو صاحب فن شاعر قادر بخش ”بشير“ وفات ڪئي.
    14 مارچ 1959ع تي اديب قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر اديب انقلابي اصل نالو مظفر علي ولد علي حسن چانڊيو ڳوٺ گاهي خان چانڊيو تعلقو ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    14 مارچ 1960ع تي جي برطانوي خلائي دوربين جوڊيريل بنڪ ڪيشائر ۾ هڪ نئون خلائي رڪارڊ قائم ڪيو. هن 470,000 ميلن جي مفاصلي تي آمريڪي سيٽلائيٽ Pioneer V سان رابطو ڪيو.
    14 مارچ 1967ع تي لاهور، سرگودا ۽ سيالڪوٽ شھرن ۾ جنگ ۾ بھادري ۽ جوان مرديءَ جو مظاهرو ڪندڙ کي هلال استقلال جو اعزاز ڏنو ويو.
    14 مارچ 1969ع تي ايئر مارشل اصغر خان، تحريڪ استقلال پارٽيءَ جو بنياد رکيو.
    14 مارچ 1976ع تي بلبل سنڌ مولوي قاضي دوست محمد جو وڇوڙو ٿيو. آخري آرامگاهه ڪينيڊي مارڪيٽ لڳ عثمانيه مسجد لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
    14 مارچ 1987ع تي سنڌي ادب جو روشن باب پير علي محمد راشدي ڪراچي ۾ انتقال ڪيو.
    14 مارچ 1989ع تي شاعرهوش محمد درد ابڙو، ڪولاب جيئل ۾ جنم ورتو.
    14 مارچ 1990ع تي شاعر ۽ ايڊيٽر زاهد ڄامڙو جو جنم ڏينھن آهي.
    14 مارچ 2005ع تي بنگلاديش ۾ عوامي هنڌن تي سگريٽ پيئڻ تي پابندي لڳائي وئي.
    14 مارچ 2008ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽر تسليم عارف، جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو