16مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 16 مارچ 1236ع تي سلسلي چشتيه جو باني حضرت خواجه معين الدين چشتي جو وصال ٿيو. 16 مارچ 1406ع تي تاريخدان ابن خلدون جو وڇوڙو ٿيو. 16 مارچ 1846ع تي نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاه ولد نور محمد شاه ڳوٺ حليم شاهه، تعلقي ميرپور ۾ جنم ورتو. 16 مارچ 1878ع تي شاهه ايران رضا شاهه پھلوي جو والد رضا شاهه محمد جو جنم ڏينھن آهي. 16 مارچ 1903ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ صوفي منش انسان آغا عبدالنبي عليگ ولد آغا گل حسن خان پٺاڻ شڪارپور ۾ ڄائو. 16 مارچ 1909ع تي سنڌ جو مزاحيه شاعر امام الدين ”ضامن“ ميھڙ جي ڀرسان دٻي ۾ جنم ورتو. 16 مارچ 1943ع تي آمريڪي سفير، آرنلڊ ليوس رافيل، نيويارڪ ۾ جنم ورتو. 16 مارچ 1956ع تي شاعر نظر لاکائي ڳوٺ وڏالاکا تعلقي صوبيديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. 16 مارچ 1957ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز ”نشانِ حيدر“ جي شروعات ٿي. 16 مارچ 1971ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عزيز قاسماڻي اصل نالو عبدالعزيز چانڊيو ولد سونو خان (سرمد چانڊيو) جي گهر ڳوٺ جمع خان چانڊيي تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. 16 مارچ 1972ع تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پھريون دفعو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ميچ کيڏي وئي. 16 مارچ 1975ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره ارم محبوب حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 16 مارچ 1987ع تي لاهور جي انگريزي اخبار پاڪستان ٽائيمز جي 40 هين سالگره ملهائي وئي. 16 مارچ 1996ع تي سنڌ جو سريلو فنڪار ڦوٽو زرداري وفات ڪئي ڦوٽي زرداري جي جنم ڀومي ضلعو سانگهڙ آهي پاڻ اٽڪل 1956ع تي پيدا ٿيو