• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

17 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
17مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي.
17مارچ 624ع تي حق ۽ باطل جي پهرين جنگ، بدر جي جنگ ۾ مسلمانن کي فتح حاصل ٿي.
17 مارچ 1672ع تي انگلينڊ- هالينڊ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
17 مارچ 1861ع تي اٽليءَ آزاديءَ جو اعلان ڪيو.
17- مارچ 1905ع تي داغ دهلوي اصل نالو مرزا محمد ابراهيم حيدرآباد دکن ۾ وفات ڪئي.
17 مارچ 1911ع تي پھريون دفعو مسلم اوقاف بل قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪيو.
17- مارچ 1920ع تي بنگلاديش جي باني، شيخ مجيب الرحمان جو جنم ڏينھن آهي.
17 مارچ 1920ع تي خلافت جو مسئلو مولانا محمد علي جوهر جي قيادت ۾ وفد برطانوي وزيراعظم سان مليو.
17 مارچ 1938ع تي اسلامي جدوجھد جي تاريخ جو امر انسان پير تراب علي شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو.
17 مارچ 1952ع تي ڪوري پائڊ، کان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي درميان، پي آءِ اي جي پھرين تجرباتي پرواز ٿي.
17 مارچ 1961ع تي شاعر سيف الله سيف جو جنم آهي.
17 مارچ 1971ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ذوالفقار ڪورائي، سردار صاحب خان ڪورائي پنو عاقل ۾ جنم ورتو.
17 مارچ 1976ع تي براڊڪاسٽر وسند علي مھر خان پور جي قديم ڳوٺ ٿاهريو ۾ محمد صادق جي گهر ۾ جنم ورتو.
17 مارچ 1982ع تي سنڌ جو مشھور سيلاني فقير ۽ صوفي شاعر ولايت علي شاهه وصال ڪيو.
17 مارچ 1985ع تي روسي صدر ڪانسٽنٽائن الستيتوت چرننڪو جو وڇوڙو ٿيو.
17 مارچ 1987ع تي پاڪستان، انڊيا جي سرزمين تي پھرين ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي.
17مارچ 1996ع تي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿي. جنھن ۾ سري لنڪا، آسٽريليا کي هارايو.
17مارچ 2019ع تي نامور تعليمدان ۽ ليکڪ پروفيسر حشمت الله لوڌي، جو وڇوڙو ٿيو.
 
Back
Top