قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگيءَ تي مختصر نظر....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    “قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي
    زندگيءَ تي مختصر نظر!”
    فقير محمد سنڌي
    حضرت علي عليھ السلام جو قول آهي ته،“جنھن جي سياست سُٺي هوندي، ان جي رياست دائمي هوندي.” اهڙي سوچ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي خاندان جي رهي آهي. ڀٽي خاندان، قوم، رياست ۽ ساست جي خوب خدمت ڪئي آهي، ايتري تائين جو پنھنجي جان جا نذرانا به پيش ڪري نه ٿڪيا آهن. اهڙي ئي خاندان ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو جنم ٿيو. 5 جنوري 1928ع تي سر شاهنواز خان ڀٽو جي گهر ۾ روشن ڏيئو ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيو، جنھن سان خورشيد بيگم جي جهولي سائي ٿي. ڀٽي صاحب جي شروعاتي زندگي تعليم جي مشغلي ۾ رهي جيڪو بنيادي طور تي هر انسان جي ورثي اچي ٿي.
    ذوالفقار علي ڀٽي، ڪيٿڊرل اسڪو بمبئي 1937ع کان 1947ع تائين يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا (يو ايس سي) جي برڪلي ڪيمپس ۾ تبادلو 1949ع پوليٽيڪل سائنس (آنرز) ۾ گريجوئيشن 1950ع، ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ داخلا 1950ع، آڪسفورڊ يونيورسٽي، برطانيه مان آنرز گريجوئيشن 1952ع تائين تعليم جي ميدان ۾ اهم سرگرميون رهيون.
    ذلفي ڀٽي کي اهو به اعزاز مليو ته ايشيا جي پھرين تعليم علم جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ شموليت، اقوامِ متحده جي ڇھين ڪانفرنس ۾ خطاب ۽ اقوامِ متحده ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي سمنڊ جي قانون ۽ ان جي آزادي جي عنوان تي ليڪچر ڀٽي صاحب جي خوبين ۾ شامل آهن.
    “وارن بينس” سياست ۽ ليڊرشپ جي حوالي سان پنھنجا خيال پيش ڪيا آهن ته،“ليڊرشپ چئجي ٿو، صلاحيتن جي صحيح استعمال ڪرڻ کي، صلاحيت اها لياقت آهي جا پنھنجي مقصد کي سچائي ۽ بقا ڏانھن تبديل ڪري ٿي.” اها ئي تبديلي ڀٽي صاحب جي ذهن ۾ هئي، ان دوران پاڪستان ملڪ ٺاهڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش زور شور سان جاري هيون ان دوران ذلفي ڀٽو تحريڪ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪوششن کي ساراهيندي ڏانھس هڪ خط لکي پنھنجن جذبن جو هن طرح اظھر ڪيائين، “جيئن ته مان هينئر اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نٿو سگهان، پر ايندڙ وقت ۾ مان پنھنجي ملڪ لاءِ جان به قربان ڪندس.” واقعي ذلفي ڀٽي پنھنجي لکيل خط سان پاڻ ملهائي ڏيکاريو.
    ذوالفقار علي ڀٽو جي ذاتي نظر وجهون ته ڀٽو صاحب پھرين شادي پنھنجي خاندان مان امير شيرين بيگم سان 1940ع ۾ ڪئي جنھن مان ڀٽي صاحب کي ڪابه اولاد نه ٿي. زندگيءَ جي سفر کي اڳتي وڌائيندي ٻي شادي 18-سيپٽمبر 1951ع ۾ ايران جي هڪ واپاري مرزا محمد اسفھاني جي نياڻي نصرت اسفھاني سان ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو کي پھرين اولاد ۾ بينظير ڀٽو 1953ع تي ڄائي، ٻي اولاد ۾ غلام مرتضى ڀٽو 1956ع تي جنم ورتو. صنم ڀٽو جو جنم ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح ذوالفقار علي ڀٽو کي چوٿين ۽ آخري اولاد ۾ شاهنواز ڀٽو 1958ع ۾ پيدا ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي عوام جي دل ۽ جان سان خدمت ڪئي جنھن جي ڪري عوامي ليڊر طور سندس مڃتا ۾ اضافو ٿيندو رهيو.
    اسڪندر مرزا جي دور کان ڀٽي صاحب سياست جو آغاز ڪيو، 30-نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد لاهور ۾ رکيائين. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنياد رکڻ ۾ ڪافي شخصيتن حصو ورتو، پارٽيءَ جي مقصد ۽ منشور ۾ جيڪي نقطا رکيا ويا انهن ۾ اسلام اسان جو دين ۽ يقين آ، جمھوريت اسان جي پاليسي آ، طاقت جو محور سرچشمو عوام آ. ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي سياسي شعور طور عوام ۾ سجاڳي آندي جنھن جي ڪري اڄ تائين عوام قائد عوام جون ساروڻيون ساري ٿو. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي اهم عھدن تي رهيو، جن ۾ وفاقي وزير واپار، اطلاعات جو وفاقي وزير، پئٽرول ۽ توانائيءَ جو وفاقي وزير، وزير خارجه، صدر پاڪستان ۽ 14 آگسٽ 1973ع کان 5- جولاءِ 1977ع تائين وزيراعظم پاڪستان رهيو. قائدِ عوام جو قول آهي ته، اصول نه قربان ڪري سگهبا آهن ۽ نه ئي ناڪام ٿيندا آهن.
    دنيا جي ذهين انسانن مان ذوالفقار علي ڀٽو به هڪ هو جنھن جو ملڪ ۽ قوم لاءِ انيڪ خوبيون تاريخ پاڻ پسائي رهي آهي، جنھن ۾ مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙ، اسپتالن جو قيام، شملا معاهدي تي دستخط، مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان، 90 هزار پاڪستاني فوجين کي هندستان جي قيد ۾ آزادي وٺائڻ، پاڪستان جي وڏي نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح، قائد اعظم يونيورسٽيءَ جو قيام، قاسم پورٽ اٿارٽيءَ جو بنياد، لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس سڏائڻ، پاڪستان ۾ پھرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد وجهڻ، 1974ع تي ڊاڪٽر قدير خان کي ايٽمي پروگرام تيار ڪرڻ لاءِ اتساهڻ ۽ همٿائڻ. سلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي پڙهائڻ سميت ڪافي اهڙا ادارا ۽ قانون پاس ڪيائين جن ۾ اڄ تائين ملڪ جو عوام فائدو کڻي ۽ وٺي رهيو آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو 12-نومبر 1968ع تي گرفتار ڪيو ويو انهيءَ ڏوهه ۾ ته عوام کي حڪومت خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي. 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياءَ مارشل لا نافذ ڪئي ۽ ڀٽي کي گرفتار ڪرايو. 28- جولاءِ 1977ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.3 سيپٽمبر 1977ع تي کيس ڪراچيءَ مان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. 10 ڏينھن کانپوءِ وري ٻيھر کيس آزاد ڪيو ويو. گرفتارين جو سلسلو هلندو رهيو. 9- آڪٽوبر 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانتي درخواست رد ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي فُل بئنچ جو سربراهه مولوي مشتاق کي بڻايو ويو، اهڙي عوامي ليڊر کي 18- مارچ 1978ع تي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، گهٽين ڪوششن کانپوءِ به ڀٽي صاحب کي ڪٿان به مدد نه ملي، چونڊيل وزيراعظم کي 24-فيبروري 1979ع کان 4-اپريل 1979ع تائين ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو. زندگيءَ جي آخري ملاقات 3-اپريل 1979ع تي ذلفي ڀٽي سان سندس شريڪِ حيات بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ڪئي، انھيءَ ملاقات ۾ ڀٽي صاحب نصرت ڀٽو چيو ته،“اڄ توهان ٻئي گڏ آهيو ڇا منھنجي آخري ملاقات آهي ڇا؟” انهيءَ ملاقات ۾ بلڪل ماٺار ڇانيل هئي، 4- اپريل 1979ع جو واقعو جنرل (ر) ڪي ايم عارف به تفصيلي لکيو آهي پر ملڪ جو هيرو مقتل گاهه ۾ قوم کان موڪلايو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آخري آرامگاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ آهي.

    سوري چڙهندي سَت ئي پيڙهيون ڀُٽي نيٺ ملھايون!
    سـنـڌوءَ پـنـھنجون ٻانھون کولي پُٽڙي ڏانھن وڌايون،
    ســچ مــبــارڪ ســوڀ مـبـارڪ، توکي لک واڌايون،
    اوچــو ڳــاٽ ســڀــيــتا جـو ٿـيـو، تـاريخون تجلايون.
    (سرمد چانڊيو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو