شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ ڄاڻو استاد اختر حسين ڌامراهو...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ ڄاڻو استاد اختر حسين ڌامراهو...!
    فقير محمد سنڌي
    ڪي ڪي ماڻهو زندگيءَ گذارڻ لاءِ پيا جيئندا آهن، پر انهن مان الائي ڪيترائي محنت ڪش انسان پنهنجي محنتن سبب زندگيءَ کي معنيٰ بخشي ڇڏيندا آهن، اهڙن ماڻهن جو شمار اهڙن انسانن ۾ ٿيندو آهي جيڪي پنهنجي اکين ۾ ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي سيني سان سانڍيندا آهن. اهڙا املهه ماڻهو ئي زندگيءَ جي هر لمحي کي ڪارائتو ڪندا آهن، ۽ اعليٰ ۽ اتم مقصد لاءِ پيا مسلسل جاکوڙيندا آهن، اهڙا ماڻهو پنهنجي سموري زندگي بنهه سادي سودي گذاري مارن کي مرڪون ارپيندا آهن، سندن متحرڪ وجود سندن عظيم مقصدن کي ظاهر ڪندو آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ هو رات ۽ ڏينهن پير پٿون ڪندا آهن، سندن جياپي جو مقصد اهي اٻوجهه ۽ بي پهچ ماڻهو ئي هوندا آهن، هو پنهنجي مقصد ۾ ايترا ته ڪميٽيڊ ٿيندا آهن جو سندن جيئڻ مخلوقِ خدا لاءِ هوندو آهي، اختر حسين ڌامراهو به اهڙن همٿ ڀرين ۽ خدا ترس ماڻهن مان هڪ آهي، هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، اختر حسين ڌامراهي جو جنم 15 آگسٽ 1967ع تي قائم الدين ڌامراهي جي گهر ۾ ٿيو، سندس ڄمڻ جو ڳوٺ ڌامراهه شهر آهي، اختر حسين ڌامراهي پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڌامراهه مان ئي حاصل ڪئي، جڏهن ته انٽرميڊئيٽ کان ماسٽرس تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو ۽ پروفيشنل تعليم سي.ٽي، بي.ايڊ ۽ ايم ايڊ سچل اورينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ئي حاصل ڪئي، اختر حسين ڌامراهو هڪ بهترين ڪرڪيٽر، سٺو يوگا ماسٽر، سماجي اڳواڻ ۽ ڄاڻو استاد آهي، سندس زندگيءَ جو هر رخ محنتن سان سنواريل آهي، هو هڪ سٻاجهي طبعيت جو سلڇڻو شاعر پڻ آهي، سندس شاعريءَ ۾ نعتيه ڪلام نمايان هوندو آهي. اختر حسين ڌامراهو پنهنجي طبعيت جيئن پنهنجي تخليقن ۾ به منفرد ۽ سگهارو آهي، هن جي رومانوي شاعريءَ ۾ عشق ۽ حسن جو امتزاج هوندو آهي، اختر حسين ڌامراهو پنهنجي مزاج ۾ هڪ انفراديت رکي ٿو، جيڪا هن شاعريءَ کي الڳ مقام بخشي ٿي، هن جي شاعري عوامي رنگ واري ۽ سولي سلوڻي هوندي آهي، سندس شاعري پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هو لوڪ جي لاءِ ئي شاعري ڪري ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو