سنڌي شاعريءَ جي ليجنڊ گيتڪار مير محمد پيرزادو جي موڪلاڻي...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    Editorial Published on 09 January 20 19 daily irado larkana
    سنڌي شاعري جي ليجنڊ گيتڪار مير محمد پيرزادو جي موڪلاڻي....!
    فقير محمد سنڌي
    مشهور گيت ڪار شاعر، مير محمد پيرزادي، 19 جون 1944ع تي ٻلهڙيجي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رحمت الله پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. مير محمد پيرزادي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان 1962ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي چاچي جي مدد سان سنڌ زرعي ڪاليج ان وقت هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت هو مان 1967ع ۾ بي. ايس. سي، آنرز: ايگرانامي ۾ پاس ڪيائين. 1969ع ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت سان زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ نوڪريءَ مليس . جتان ڪجهه عرصي لاءِ سندس ڏوڪري، سجاول، ڪوٽ ڏيجي، دادو ۽ ٻين هنڌن تي بدليون به ٿينديون رهيون، پر سندس مستقل رهائش سڪرنڊ ۾ ئي رهي. مير محمد پيرزادو ’ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري‘ سڪرنڊ جو ڊائريڪٽر رهيو، جتان 20 جون 2004ع تي رٽائر ڪيائين.
    مير محمد پيرزادي 1969ع ۾ شادي ڪئي ۽ شاعريءَ جي شروعات به ساڳئي سال کان ڪيائين. ٻلهڙيجيءَ جي مئخانن ۾ ٿيندڙ راڳ، جهونن جي ڪچهرين، شادي وهانءَ جي سهرن ۽ ڳيچن ٻڌڻ ڪري کيس شاعريءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيو. هن جا وڏا ٻلهڙيجيءَ جا هئا، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ توڙي حڪمت جا ڄاڻو ۽ تحصيل يافته هئا، ان ڪري اتي موجود شاهه جمال جي درگاهه جو مئخانو شروع کان وٺي علم ۽ ادب جو مرڪز پئي رهيو آهي ، جتان راڳ ۽ سنگيت جو اهو عالم هو ته سنڌ جا ناليوارا سنگيتڪار جنهن ۾الهڏنو نوناري، جيوڻي ٻائي، استاد بنده علي خان، استاد منظور علي خان کان ويندي شرافت علي خان تائين سڀ سُريلا راڳي، ان مئخاني تي پنهنجي فن جا جلوا ڏيکاري چڪا هئا، جنهنڪري مير محمد جي شاعريءَ کي پختگي ملي. سندس شاعريءَ ۾ موسيقي ۽ رواني ڪمال جي آهي. گڏوگڏ کيس راڳ ۽ سنگيت جي به وسيع ڄاڻ ملي. مير محمد پيرزادي جا ڇپيل مجموعا : 1’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ 1981ع، روشني پبليڪيـشن، ڪنڊياري ، 2 ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘ 1999ع مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ طر. شاعريءَ ۾ گيت سندس خاص سڃاڻپ، ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ 2017ع سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد ، آتم ڪٿا، مضمون جو ڪتاب سارس ساروڻين جا۽ جي تو سڌ سڪڻ جي شامل آهن. مير محمد پيرزادي شاعريءَ ۾ ڪافي ڪامياب تجربا پڻ ڪيا . سندس پهرئين شعري مجموعي ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ تي سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ به ان ڪتاب کي سال جي بهترين ڪتاب طور پهريون انعام ڏنو. مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جا ٻه وڌيڪ مجموعا ۽ ٻه مضمونن جا مجموعا ترتيب ڏنل، ڇپائيءَ جا منتظر آهن. سندس ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف ”ڪلهوڙن جي دؤر جو سنڌي ادب ۽ حضرت سلطان الاولياء خواجه محمدالزمان جو مقام“ عنوان هيٺ لکيل آهي. ان کان سواءِ سندس لاتعداد سياسي، سماجي، ادبي ۽ تنقيدي مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. هن سرڪاري ملازمت دوران ڪڻڪ جي جنس ’مومل 2002‘ تيار ڪرائي، پاس ڪرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين آبادگارن ۾ پنهنجي ساک قائم رکيو اچي. سنڌ جو هي بهترين شاعر جو بهترين نانءُ مير محمد پيرزادو ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ 8جنوري 2019ع تي راهه رباني ورتي،مير محمد پيرزادو سنڌي ادب، شاعريءَ ۽ سڀني دوستن کي اڪيلو ڪري گيت جي هانء کي به وڇوڙا ڏئي ويو آهي.سندس جي شاعري ڀيٽاطور :
    سڳنڌ مٽيءَ جي سرهي سرهي،
    ساھ اندر وئي پيھي،
    پرڏيهي جو پيار به ڪهڙو،
    يار هجي ڪو ڏيھي.
    چنڊ ڪلاسان هير ملي ٿي ڇيڙي دل جا ساز،
    روڪ ڀلي جي رڪجي سگهجن، اندر جا آواز.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو