حسين خيالن جو مالڪ، فقير محمد سنڌي...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    حَسِين خيالن جو مالڪ: فقير محمد سنڌي
    سعيد چانڊيو
    شاعري قدرتي ڏات آهي . اھا ڏات جيڪا اندر جي ترجماني ڪري ٿي . قدرت واري ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ان ڏات ۽ ڪلا سان نوازيو آھي . شاعري ڪنھن پنسارڪي ھٽ جو وکر ناھي جو جيڪو ويو ۽ وٺيون آيو . ھيءَ ھڪ اھڙي تخليق آھي ، جيڪا ڪنھن قسمت وارن جي جھول ۾ پوندي آھي . ھڪ اھڙي تخليق جيڪا انسان جي جذبن ۽ احساسن سان واسطو رکي ٿي. جنھن ۾ خيال جي پرواز اعليٰ هوندي آهي ، ھڪ چڪور واري پرواز ، جنھن ۾ ناڪاميءَ ۽ نااميديءَ جو نانءُ ئي ناھي ھوندو . ھا باز اوقات سماج جي بي رکي ۽ معاشي تنگدستي ڪنھن تخليقڪار کي نااميد ضرور ڪندي آھي ، پر حوصلي شڪن نہ . شاعري انساني زندگيءَ جي تصوير آھي ، جنھن ۾ ڪنھن شاعر جي زندگيءَ جا لمحا ڪنھن ڳجھارت مثل چٽيل ھوندا آھن، جن کي پڙھندڙ چٽيءَ طرح پرڙي وڃي ٿو .
    شاعريءَ کي دل جي ٻولي به چئبو آهي ، اھا ٻولي ڪيفيتن ۽ جذبن جي اظهار جو نانءُ آهي، اھو اظھار جيڪو دل وٽان ھوندو آهي ، جنھن ۾ اثر به ھوندو آھي ته ، سحر به . شاعري من اندر جي رڙ به آھي ته ڪُوڪَ به ، ان رڙ ۽ ڪُوڪَ کي سمجھڻ وارو اھو ئي ھوندو آھي ، جيڪو ان پيچري جو راھي ھجي ، جنھن پريم پترن جا اوسيڙا ڪيا ھجن، جنھن راتن جا اوجاڳا ڪري سج جي ڪِرڻَن کي ڀليڪار ڪيو ھجي ، جنھن منزلون طئي ڪري سرحدون ھٽايون ھجن . ھا اھو ئي ھن مَن اندر جي ٻوليءَ کي چڱي نموني سمجھي سگھي ٿو .
    لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي کيتر جي مٽي اھڙي زرخيز آھي ، جو ھتي ڪيترن ئي سھڻي تخليقڪارن جنم ورتو آھي . سندن تخليق ئي سڃائپ جو اھڃاڻ بڻي آھي . ڪشنچند بيوس کان ويندي سعيد ميمڻ تائين ھر ڪويءَ شاعريءَ جي ڪلا سان خوب نڀايو آھي جو ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ سندن نالو ادب سان ورتو وڃي ٿو .
    فقير محمد سنڌي به ھن ئي خطي ۾ جنم وٺندڙ شاعر آھي ، سندس تعارف ڪنھن کان ڳجھيو ڪونھي . فقير محمد جو جنم لاڙڪاڻي شھر ۾ 7 جنوري 1983 ع ۾ دين محمد جي گھر ۾ ٿيو . ھُن شروعاتي تعليم شاھ محمد پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ، جنھن کان پون مئٽرڪ تائين گورنمينٽ پائليٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙھيو . مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ھن سچل سرمست اورينٽل ڪاليج مان انٽر جو متحان پاس ڪيو . فقير محمد سنڌيءَ بي . اي ۽ ايم . اي جا امتحان ڏنا پر ان کان علاوہ ھن سٻاجھي انسان انھن متحانن کان علاوہ مولوي ، عالم ، فاضل جي امتحان سان گڏوگڏ درسِ نظامي جو ڪورس پڻ ڪيو آھي . فقير محمد سنڌيءَ 1995ع 2001ع تائين مدرسه جامعه عربيه جيلاني مان سند الفراغ سان فارغ التحصيل ٿيو .
    فقير محمد سنڌيءَ جي سڃاڻپ جا اھڃاڻ ڪيترا ئي آھن. ھو ھڪ سٺو شاعر به آھي ته نثرنويس به، ڪالم نگار به آھي ته ايڊيٽر به، صحافي به آھي ته ريڊيو ڪمپيئر به، تاريخدان به آھي ته پبلشر به، ھو قلمڪار پبليڪيشن جو سرپرست آھي، سندس سرپرستيءَ ھيٺ سنڌي ادب جي حصي ۾ ڪيترائي سٺا ڪتاب شايع ٿيا آھن. فقير محمد سنڌي بنيادي طور ھڪ شاعر آھي، ھو ادبي حلقي ۾ شاعر سڃاتو وڃي ٿو.
    فقير محمد سنڌيءَ شاعريءَ جي شروعات 1995ع کان ڪئي . سندس بقول ته ھو اسڪول ۾ پڙھڻ واري دور ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي گھڻو پڙھندو ھو ۽ اھو ئي سبب آھي جو ھن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي . سندس شاعري ۾ استاد جي ـ ايم رئيساڻي مدئجوي رھيو آھي ، جنھن جي رھنمائيءَ ھيٺ ھن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي . فقير محمد سنڌيءَ جا شاعريءَ ، نثر ۽ تاريخ جي موضوعن کان علاوه سھيڙيل ڪتاب پڻ ڇپيل آھن . جن جو تفصيل ڪجھ ھن ريت آھي:
    وچن وفا جا (شاعري) 2004ع
    جاني جيون جوڙ (شاعري) 2008ع
    قلمڪار قوي ( ترتيب ) 2009ع
    عظيم ھستين جا عظيم قول 2012ع
    سنڌ جي تاريخ (سھيڙيل تاريخ وار) 2013ع
    گڻ جنھنجا ڳائن ماڻھو
    سنڌ جي قديم تاريخ جو ھڪ ورق
    سونھن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ) 2016ع
    فقير محمد سنڌي مختلف رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر آھي. سندس صحافتي ڪردار پڻ قابل تعريف آھي . ھو نوجوان ادبي فورم جو لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري رھي چڪو آھي ، اياز ادبي اوطاق، سنڌ جو سيڪريٽري جنرل پڻ آھي، سجاڳ ۽ قلمڪار مئگزينن جو ايڊيٽر پڻ آھي. فقير محمد سنڌي روزاني ارادو اخبار لاڙڪاڻو ۾ ايگزيڪيٽو ايڊيٽر طور ذميواريون نڀائي رھيو آھي.
    انھن ذميوارين کان علاوه ھو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو اسٽيشن تان سائي ڌرتي ۽ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو پروگرام ڪندو آھي. سندس ريڊيو اسڪرپٽ ڪتاب سونھن سمبارا بيحد مقبوليت ماڻي چڪو آھي، ھن ڪتاب سيلف انٽرويوز کان علاوه نصيحت جوڳيون ڳالھيون پيش ڪيون ويون آھن. ھن ڪتاب ۾ انسانيت جو درس سمايل آھي ، بزرگن جي سٺن قولن سان گڏوگڏ چونڊ شاعري به ڏني وئي آھي . ان کان علاوه تاريخي واقعا ، صحت مند رھڻ جا گر ، آبادگار ڀائرن لاءِ مفيد ۽ ڪارآمد صلاحون ڏنيون ويون آھن .
    بھرحال فقير محمد سنڌيءَ ھر ادب جي ھر شعبي سان خوب نڀايو آھي ، سندس فن ۽ فڪر کي داد ڏجي ٿو . اڄ ھن سھڻي سرجڻھار جو جنم ڏينھن آھي . سندس جنم ڏينھن تي ھن ليک ذريعي ڀيٽا ڏيڻ سان گڏوگڏ سندس صحتيابيءَ ، سلامتيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ مالڪ در دعاڳا آھيون . شال ! رب عظيم ، سنڌ جي ھن نوجوان اديب کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي ، ڏکن ، ڏولاون کان دور رکي . آمين .
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو