18مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    18مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    18 مارچ 1878ع تي مشھور عالم ۽ تحريڪ آزادي جو ڪارڪن عبدالرحيم شاهه سجاول ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
    18مارچ 1922ع تي هندستان ۾ انگريز مئجسٽريٽ موهن داس ڪرمچند گانڌي کي نافرمانيءَ جي الزام ۾ ڇهن سالن لاءِ جيل موڪليو.
    18 مارچ 1925ع تي اردو جي مشھور اديب محمد اسحاق ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
    18مارچ 1938ع تي ڀارتي اداڪار ششي ڪپور، جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1960ع تي شاعر، ڪمپيئر ۽ ڊراما شارٽ اسٽوري رائيٽر عبدالجبار آزاد منگي نصيرآباد جي منگي محلي ۾ جنم ورتو.
    18 مارچ 1961ع تي جنوبي ڪوريا ۾ ڊاڪٽر جون چانگ جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو.
    18 مارچ 1962ع تي ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگي نصيرآباد، ضلعي قنبر - شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    18 مارچ 1970ع تي ڪمبوڊيا جي سربراهه پرنس سھانوڪ جي حڪومت ختم ڪئي.
    18 مارچ 1974ع تي اوپيڪ، پنجن مهينن بعد آمريڪا، يورپ ۽ جاپان تان پابنديون ختم ڪري ڇڏيو.
    18 مارچ 1975ع تي اسحاق سميجو ضلعي دادو جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو، ادبي سڃاڻپ، شاعر، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻارن جو ليکڪ آهي.
    18 مارچ 1978ع تي چوٿين عالمي هاڪي ٽورنامينٽ شروع ٿي.
    18 مارچ 1978ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي سزاءِ موت ٻڌائي وئي.
    18 مارچ 1982ع تي چشتيان بھاول نگر ۾ احسان دانش آخري مشاعري ۾ شرڪت ڪئي.
    18 مارچ 1984ع تي پاڪستان گورنمينٽ، شاگرد تنظيمون ختم ڪري ڇڏيون. الطاف حسين مهاجر قومي موومينٽ جي شروعات ڪئي.
    18 مارچ 1993ع تي ملڪ جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو آمريڪا ۾ وفات ڪئي. 20 مارچ تي سنڌڙي لڳ سندس ابائي قبرستان ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ گهرجي ڀرسان باغ ۾ دفنايو ويو.
    18 مارچ 1994ع تي مشھور سنڌي اداڪار محبوب عالم جو وڇوڙو ٿيو.
    18 مارچ 1999ع تي روازني تعمير سنڌ (اخبار) حيدرآباد مان قاضي شاهه محمد خريد ڪري جاري ڪئي.
    18مارچ 2005ع تي اسلامي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جمعي جي نماز جي امامت ڪئي، جنھن ۾ مرد ۽عورتن نماز ادا ڪئي.
    18 مارچ 2007ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ باب وولمر جو ڏکڻ آفريڪا ۾ ورلڊ ڪپ هلندي پراسرار موت ٿيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو