19مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 19 مارچ 1857ع تي جنگ آزادي جي پھرين گولي بازڪ پور جي مقام تي هلي. 19 مارچ 1885ع تي برصغير ۾ جديد شاعريءَ جو باني سرڳواسي ڪشن چند ”بيوس“ لاڙڪاڻي شھر جي مشھور حڪيم تير ٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو. 19 مارچ 1886ع تي شاعر، نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينھن آهي. 19 مارچ 1898ع تي ميران محمد شاهه (ٻيو) ولد سيد حاجي زين العابدين شاهه ٽکڙ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون، معروف اديب، شاعر، سياسي اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر هو. 19 مارچ 1911ع تي پھريون ڀيرو عورتن جو ڏينھن ملهايو ويو. 19 مارچ 1932ع تي سڊني هاربر برج جو افتتاح ٿيو. 19 مارچ 1933ع تي شاعر عبدالفتاح عبد بٺورائي ميرپور بٺورو ۾ جنم ورتو. 19 مارچ 1949ع تي نالي وارو شاعر، سيد غضنفر علي ”راجا“ شھر رتوديرو ۾ سيد وريل شاهه جي گهر جنم ورتو. 19 مارچ 1953ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسڪول براڊ ڪاسٽ پروگرام شروع ڪيو. 19 مارچ 1960ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر خدا بخش خاڪي فقير شھدادڪوٽ ۾ وصال ڪيو. 19 مارچ 1972ع تي نيشنل اسٽيڊيم لاهور جو نالو تبديل ڪري قذافي اسٽيڊيم رکيو ويو. 19 مارچ 1972ع تي پاڪستان جي حڪومت پنجاب جي ڪمشنر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 19 مارچ 1974ع تي اديب ڀڳت کيمچند جو چالاڻو ٿيو. 19 مارچ 1979ع تي مصور گل محمد کتري جو وڇوڙو ٿيو. 19 مارچ 1982ع تي ڪراچي ۾ پھريون ايشيائي هاڪي ڪپ ٽورنامينٽ کيڏيو ويو. 19مارچ 1990ع تي اوٽاوا، ڪئناڊا ۾، پهريون ڀيرو عورتن جي آئس هاڪي ٽورنامينٽ منعقد ٿي. 19مارچ 2002ع تي زمبابوي جي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ، دولت مشترڪه جي رڪنيت معطل ڪئي وئي. . 19مارچ 2005ع تي پاڪستان ايٽمي بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٻه جو ڪامياب تجربو ڪيو ، شاهين ميزائل 2,000 ڪلوميٽرن تائين هدف کي مار ڪري سگهي ٿو. 19 مارچ 2006ع تي پاڪستان فلم انڊسٽري جو روشن ستارو اداڪار، محمد علي دل جي دوري سبب هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.