21مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 21مارچ 1857ع تي جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ زلزلي سبب هڪ لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 21 مارچ 1897ع تي دين محمد اديب فيروز شاهي ڳوٺ فيروز شاهه تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو. سڃاڻپ پاڻ بلند پايه عالم، نثر نويس ۽ شاعر هو. 21 مارچ 1906ع تي آذربائيجان جو قومي شاعر صمد ورگون جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1912ع تي پاڪستان جو مشھور موسيقار خواجه خورشيد انور جو جنم ڏينھن آهي. 21 مارچ 1921ع تي ڪوٽاري پريڊ جو افتتاح ٿيو. 21 مارچ 1924ع تي اردو جو مشھور اديب اسلم ڪاشميري جو جنم ڏينھن آهي. 21 مارچ 1932ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو. 21 مارچ 1938ع تي مشھور خطاط، سرور راهي جو جنم ڏينھن آهي. 21 مارچ 1940ع تي نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان جي ايم سيد جي گهر سن ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو. 21مارچ 1943ع تي ناليواري شاعر افتخار عارف، جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1949ع تي ويسٽ انڊيز جو مشھور ڪرڪيٽر ڪالي چرن جو جنم ڏينھن آهي. 21 مارچ 1962ع تي خواجه محمد طاهر نقشبندي، عالم معروف سڄڻ سائين جو جنم درگاهه رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 21 مارچ 1978ع تي ڀارتي اداڪاره راني مکرجي، جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 2014ع تي قوم پرست اڳواڻ مقصود قريشي راھ رباني ورتي آخري آرام گاهه رتوديرو باءِ پاس وٽ اٿس. 21مارچ 2014ع تي قوم پرست اڳواڻ سلمان وڌو جو وڇوڙو ٿيو، آخري آرام گاهه رتوديرو ۾ اٿس.