سنڌ کي حصي جي پاڻي ڏيڻ کانسواءِ چشما جهلم ڪئنال کي نٿو وهائي سگهجي: نثار کهڙو

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ کي حصي جي پاڻي ڏيڻ کانسواءِ چشما جهلم ڪئنال کي نٿو وهائي سگهجي: نثار کهڙو​



    حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ کان سواءِ چشما جهلم لنڪ ڪينال کي وهائي نٿو سگهجي، اسان چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ڪرڻ واري ڳالهه تي زور ان ڪري پئي ڏنو ته سنڌ کي پنهنجي حصو جو پاڻي ڏئي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي سنڌ جي مرضي کي تسليم ڪيو وڃي، لياقت جتوئي کي عوام رد ڪري چڪو آهي، کيس 4 مهينا ته ڇا پر 4 ڏينهن به ڪرسي نه ملندي، جعلي ڊگرين بابت ڀلي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين مٿان ڪو به دٻاءُ ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌي لينگويج اٿارٽي جي هال ۾ وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ آفتاب خانزادو جي ميزباني هيٺ ”حڪومت جو جمهوري سفر ۽ صدر آصف علي زرداري جو ميڊيا ٽرائيل“ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل مذاڪري کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار کهڙي چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين مٿان ڪو به دٻاءَ نه آهي ۽ نه ئي سندس ڀاءُ کي ان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڳوڻي ڊي سي او فاروق لغاري مٿان ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن ڪري هو گرفتار آهي، ان معاملي کي جعلي ڊگرين واري اشو سان نه ڳنڍيو وڃي. هڪ چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال 1981ع کان وٺي مختلف وقتن تي وهندو رهندو هو، پر هاڻ جڏهن اهو وهايو ويو ته اسان ان جو رويو ورتو ته ان کي ڪهڙي طرح هلايو پيو وڃي، اسان ڪوشش ڪئي ته ان کي روڪرايون ۽ ان کي روڪرائڻ واري ڳالهه تي ان ڪري زور ڏنو پئي ويو جو اهو ڪئنال 73 جي ٰقانون مطابق ان صورت ۾ وهائي سگهجي ٿو، جڏهن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ۽ سنڌ کان ان جي اجازت ورتي وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي کي عوام رد ڪري چڪو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا دهشت گردي جي ورچڙهيل آهي، پاڪستان ۾ دهشت گردي کي روڪڻ لاءِ پ پ جي حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو پڻ دهشت گردي خلاف وڙهي، جنهن ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. هن جعلي ڊگرين بابت ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي حڪومت جي 5 سالن ۾ ڊگرين بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي، پر هاڻي اهو اشو اٿاري جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسين هر سازش جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ آيل جمهوريت خلاف هر طرفن کان سازشون شروع ٿي ويون آهن، ميڊيا ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن کي پڻ جمهوريت نه ٿي وڻي ۽ صدر آصف علي زرداري مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ميڊيا کي جمهوري حڪومت کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مخالفن جي حڪومت ۾ پ پ خلاف انتقامي ڪارروايون ٿيون، آصف علي زرداري کي 8 سال قيد رکيو ويو، پر ان مٿان ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿيو، بهرحال اسين انتقامي سياست تي يقين نٿا رکون، جمهوري انداز سان سڀني کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بابت اسيمبلي ۾ رپورٽ پيش ٿي آهي، رپورٽ کي منظور ۽ رد ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، جيڪڏهن هارين جي ڪا تنظيم راءِ ڏئي ٿي ته ان کي حق آهي. اسيمبلي ۾ هر ڌر جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو به قانون عوام جي مخالف هوندو ته ان کي رد ڪيو ويندو. نامياري اسڪالر نبي بخش بلوچ چيو ته صدر آصف علي زرداري جهڙو انسان پاڪستان کي قسمت سان مليو آهي، هن ۲ سال صبر ۽ تحمل سان حڪومت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪيترين ئي ڇڪتاڻن جي باوجود آصف علي زرداري صبر کان ڪم وٺي مسئلا حل ڪيا آهن. هن چيوته ميڊيا طاقت جي نگران آهي، پر ميڊيا کي خود طاقت نه بڻجڻ گهرجي. هن چيوته حڪمرانن کي ميڊيا جو قدر ڪرڻ گهرجي ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ گهرجي، تنقيد سجاڳي جو نالو آهي. پ پ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر چيو ته ميڊيا ٽرائيل صرف تنقيد ناهي، پر غلط مهم هلائڻ آهي. هن چيو ته صدر مٿان ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن. هن چيو ته جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ادارن کي رشوتون ڏنيون پيون وڃن، 25-25 لک روپيا پگهار کڻندڙ حڪومت خلاف واويلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسيمبلي ۾ ڪي اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي ٽيننسي ايڪٽ جي حيثيت تبديلي ڪرڻ چاهين ٿا، اسين ٽيننسي ايڪٽ کان به اڳتي زرعي سڌارا آڻڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ جيئن کاٻي ۽ ساڄي ڌر وچ ۾ جنگ آهي، تيئن پ پ ۾ به اها جنگ آهي، پ پ تي تنقيد سان پ پ ۾ ويٺل جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند مضبوط ٿيندا، اسين هر مثبت تنقيد جي آجيان ڪيون ٿا، اجائي ميڊيا ٽرائيل کان نٿا ڊڄون. هن چيوته اسان جي جنگ ان وقت تائين جاري رهندي، جيستائين رستي تي پٿر ڪٽڻ واري ۽ هارياڻي کي حق نه ملندا. هن چيو ته جمهوريت، سوشلزم ۽ عوام جا مخالف اسان مٿان حملي مٿان حملا ڪري رهيا آهن، صوبائي حقن کان سواءِ ملڪ ۾ جمهوريت نه ٿي هلي سگهي. هن چيو ته 18هين ترميم ذريعي اين ايف سي طئه ڪرڻ واري فيڊريشن کان طاقت کسي صوبن حوالي ڪئي وئي آهي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيو ته پاڪستان کي سنڌي ماڻهن ٺاهيو، پر اڄ سنڌي ماڻهن حاڪميت لاءِ پريشان آهن. هن چيوته پاڪستان ٺهڻ شرط ئي ان مٿان بيورو ڪريسي جو قبضو ٿي ويو ۽ اڄ تائين اهو قائم آهي، جنهن ڪري قوم کي حق نٿا ملن. ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته سنڌي ماڻهن کي ڏنو گهٽ ۽ انهن کان کسيو وڌيڪ ويو آهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جي رکوال آهي، پر اڄ بيحال آهي، اسان کي مسئلن طرف سنجيدگي سان غور ويچار ڪري جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اديب تاج جويو چيو ته بدترين جمهوريت، آمريت کان سٺي هوندي آهي، سنڌ جا اديب هميشه آمريت جي خلاف رهيا آهن، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊراما ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو چيو ته ميڊيا جو ماڻهن جي دماغ تي قبضو ٿيل آهي، جيڪا ڳالهه ميڊيا ۾ اچي ٿي ماڻهو ان تي اعتبار ڪن ٿا، ميڊيا کي جمهوريت جي مضبوط لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته جيستائين پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن کي سندن قومي حق نٿا ڏنا وڃن، جمهوريت مضبوط نٿي اچي سگهي. هن چيو ته غير جمهوري قوتون اقتدار اعليٰ پارليامينٽ حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اسلام آباد جي ايوانن کان وٺي هر گهر ۾ ضياءَ جي باقيات ۽ روشن خيال ترقي پسند لاڙن وچ ۾ جنگ هلندڙ آهي. لائق زرداري چيو ته راولپنڊي ۾ لياقت علي خان کي ماريو ويو، ان جا قاتل ظاهر ئي نه ٿي سگهيا ته محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل ڪيئن ظاهر ٿيندا. هن چيو ته جمهوري حڪومت خلاف وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن، انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اسحاق مڱريو چيو ته پ پ پاران اهڙا مذاڪره ڪوٺرائڻ مان لڳي ٿو ته پ پ هاڻ تنقيد کان ٿڪجي پئي آهي. هن چيو ته حڪومت مٿان تنقيد ٿي رهندي آهي، ان کان ڊڄڻ نه گهرجي. صحافي مهيش ڪمار چيو ته هر ماڻهو چاهي ٿو ته جمهوري حڪومت هلندي رهي، پر عوام کي رليف ڏيندڙ حڪومت کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي. هن محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ڪرڻ کان سواءِ جمهوري کي بچائي نٿو سگهجي.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ کي حصي جي پاڻي ڏيڻ کانسواءِ چشما جهلم ڪئنال کي نٿو وهائي سگهجي: نثار کهڙو

    سنڌ جي نمائندن جو موقف ارسا ۾ تمام ڪچو آهي۔۔ ايم اين اي سائين ظفر علي شاهه جي ڳالهه وانگر اسان جو آبپاشيءَ وارو وزير هڪ آڱوٺي ڇاپ آهي ان کي صحيح غلط جي ڪهڙي خبر۔۔۔ سائين قائم علي شاهه به ڪيڏي مهل ڪهڙي قلابازي ٿو هڻي ته ڪيڏي مهل ڪهڙو بيان ٿو ڏئي۔۔۔ الله حافظ آهي سنڌ جي پاڻيءَ‌جو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو