هي آتم ڪٿا سنڌ جي سياست جي سونهن ۽ سائين جي ايم سيد جي تمر فقير جمن دربدر جي دل مان ڦٽي نڪتل معصوم اظهار آهي، جنهن ۾ آدرش ۽ اصول، پيڙهه جي پٿر جيان آهن. هي ڪٿا، اهو معصوم گل آهي، جنهن کي پنهنجي اکڙين جو پاڻي علي زاهد ڏئي سر سبز ڪيو آهي. هيءَ آتم ڪٿا، جتي معصوم عشق جو بي رحم انجام به آهي، ته جياپي جو آخري اعلان به آهي. هيءَ ڪٿا، جتي هرڻي جي هجرت جهڙا روح به ساري ٿي، ته سرحد پار مٽيءَ کي سجدن جا سيڻ به ساري ٿي. هيءَ ڪٿا، جتي يارن جو ياراڻو ٿي مهڪي ٿي اتي دشمن جي دل تي داءُ به ڪري ٿي. هي ڪٿا، سياست جا عظيم اصول به سمجھائي ٿي، ته وطن کي وسڪاري جي اک سان ڏسڻ جا پاٽ به پڙهائي ٿي. هن ڪٿا ۾، هر اڀري ايندڙ واقعو، مامي جمن جي ڪردار جي تشڪيل ڪندي نظر اچي ٿو. هيءَ ڪٿا واقعن سان ڀريل آهي. انهن مان هڪ ٻه مثال جي طور پيش ڪجن ته: ڪجھ اهڙا واقعا هوندا آهن، جن کي لکڻ جو ساهس ڪوبه ڌاري نه سگھندو آهي، قلم جا ڪنڌ، انهن سٽن جو بار جھلي نه سگھندا آهن، هن درد ڪٿا ۾ پڻ هڪ اهڙو ئي واقعو آهي جنهن جي سٽ ۾ سورن جا ست سمونڊ سمايل آهن ۽ يقينن به! ڀٽائي سرڪار تڏهن ئي چيو هوندو ته؛ امڙ اوري اچ، ته سٽ سڻاينءِ سور جي (شاه) هي ننڍڙو واقعو ورهاڱي جي تاريخي جبر خلاف ازل تائين خاموش احتجاج بڻيل هوندو. مامون جمن پيج 19 تي لکي ٿو ته: ورهاڱي جي مونکي يادگيري ناهي، بس ايترو ياد آهي، ته بابا شهر کير کڻي ويندو هو. واپس ورندو هو، ته مون لاءِ ڪانه ڪا شيءِ ضرور آڻيندو هو. هڪ ڏينهن بابا جيئن ئي گھر آيو، ته مان وٽس ڊوڙندو پڳس، ته کائنس شيءِ وٺان. ان وقت بابا ڳنڀير انداز ۾ گھر ڀاتين سان ڳالهائي رهيو هو. مون بابا کي چيو، ته ڇو اڄ مون لاءِ شي ڪانه آندي اٿو؟ ته بابا وراڻيو هو ته................ “بابا واڻيا ويچارا لڏي ويا”. هي سٽ نه آهي پر سورائتي سنڌ جي سيني تي تلوار جو گھاءِ آهي. مامون اهو سڀ الائي ڪيئن لکي ويو پر يقين ڪريو مان هن وقت جڏهن اهو واقعو لکي رهيو آهيان ته مون سان ڀٽائي واري ڪيفيت آهي ته لڙڪ لکڻ نه ڏين ڪريو پون قلم تي (شاه) هر اها شي، جنهن کي محسوس ته ڪجي، پر ان جي احساس جي شدت تائين پهچي نه سگھجي ته پوءِ ڀلا ان اظهار کي ڇا چئجي؟ ان جو اظهار ڪجي ته ڪيئن ڪجي. مامون جمن جڏهن هندستان ياترا جو ذڪر ڪري ٿو، ته آتشفشان جهڙو انداز رکندڙ وهي کاتي جا پنا جي بيباڪ ليکڪ، لڇمڻ ڪومل جي گھر جو ذڪر ڪري ٿو. مامون جمن پيج 139 تي لکي ٿو ته: لڇمڻ جي امڙ ڏاڍي سادي سودي ۽ ٻاجھاري عورت هئي، وڏي عمر جي هئي، ان وقت ستر سال کان به وڌيڪ عمر هئس، پر اسان سڀني جي تمام گھڻي خدمت ڪيائين. اسين ماني کائون ته مٿان پاڻيءَ جو گلاس ڀريو هٿن ۾ کنيو بيٺي آهي. اسان ڏاڍو چيس ته امڙ تون ويهه، اسين پاڻ ئي پاڻي گھري وٺنداسين، پر هوءَ مُڙي ڇا؟ چئي: مون کي اوهان مان سنڌ جي خوشبوءِ پئي اچي”. ڪو به نه آهي، جيڪو هن آخري جملي جو تعين ڪري سگھي. ان، ڪيفيت جي پاتال تائين پهچڻ لاءِ هڪ شرط آهي، ۽ اهو شرط جلا وطني جو آهي. سنڌ جي خوشبو اچڻ، ڇا ته ڪيفيت آهي. ان ڪيفيت جي احساس جو 0.1 سيڪڙو مون کي چين ۾ ٿيو هو، جڏهن مان وائڙن وانگر وديشين جي وچ ۾ اچانڪ بيجنگ جي ايئرپورٽ تي مون سان منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر ذوالفقار زرداري مليو هيو، جيڪو ان وقت بيجنگ ۾ آءِ ٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. ان مونکي ڀاڪر ڀري چيو هو ته جيئي سنڌ................ ان وقت مونکي هن منجهان سنڌ جي خوشبو آئي هئي. مامي جمن قومي ڪارڪن ته آهي پر هو پنهنجو پاڻ کي شاعر طور پڻ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو. ان شرط سان ته شاعر ٿيڻ لاءِ ضروري ناهي ته توهان ڪٻٽ ڪتابن جا لکو. پر هڪڙو بيت به توهان کي تاريخ ۾ امر ڪري سگھي ٿو. بلڪل ائين جيئن شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کي، هن جي هڪ ئي بيت مهان شاعرن جي قطار ۾ اچي بيهاريو: پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن، اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾، ان هڪ بيت کان متاثر ٿي شاه سائين لکي ٿو ته ڪاتب لکين جيئن، لايو لام الف سين، اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾، پر ايترو ئي نه شيخ اياز جهڙو مهاڪوي پڻ شاه ڪريم کان متاثر ٿي لکي ٿو ته لڇندي لهر ڪري، ساحل کي سجدا جيئن اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾، مامي جمن جي هڪ ئي تخليق هن کي شاعرن جي سٿ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي، مامي جي تخليق ۾ هن ئي مٽيءَ مان ڦٽي نڪتل ڌرم جي خوشبو آهي، سڄڻ به آهي ته ساڻيهه به آهي. جيستائين هيءَ دنيا رهندي، چاهي انسان هن گولي تي هجي يا ان کي ڇڏي ٻين سيارن ڏي ڪاهي، ڪائنات جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ وسي پر، ازل تائين جڏهن به سنڌي شاعري جو ذڪر ٿيندو ته مامي جمن دربدر جو ذڪر ضرور ٿيندو. پڙهڻ وارو پڙهندو ته: وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو. هي صرف شعر نه هيو، پر اتساهه هيو ان عظيم رهبر لاءِ جنهن جي سيني ۾ سنڌ ساهه کڻندي هئي، جنهن جا اجرا عڪس اڄ به ماما جمن جي اکين ۾ پسي سگھجن ٿا. اهو ئي شعر هيو جنهن کي ٻڌي سائين جي ايم سيد فرمايو هو ته “اڄ تو مونکي ان نظم وسيلي مايوسين مان ڪڍيو آهي، ان ڪري اڄ کان تون منهنجو استاد آهين.” اهو طئي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن سونهان به اتساه وٺندا آهن. ڇو ته ڀٽائي فرمائي ٿو ڪڏهن ڪڏهن هي کاهوڙي اهو ماڳ ڏسي موٽندا آهن، جتان وڏا وڏا اڪابر، رهبر ۽ رهنما به منجھي موٽندا آهن. سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيٿرا سا جوءِ ڏوري آيا، سونهان جت مجھن، ڳجھا ڳجھون ڪن، تها پراهين پنڌ جون...