Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
وقت جي ناسي سمنڊ ۾ جڏھن لياقت جي دل ٻڏي ھئي، تڏھن مون ان دل کي گوتا کائيندي ڏٺو ھيو، ھو ناکئون ته ھو پر وقت جي وِيرُن، ھن جي سِڙَھَنِ جا سبيل بکيا شايد اُڊيڙي ڇڏيا ھيا، تڏھن لياقت رضوي پاڻ کي ڦولھيو ھيو، پر کيس رڳي پاڻ ۾ ڇار ملي ھئي، ڇار جيڪا ھر ڪنھن جو اڳي پوءِ مقدر بڻجڻي آھي، ڇار جيڪا سڙيل ڪاٺين جي ھجي يا مٽيءَ جي، پر انسان جي ميڙي پونجي بس جو اھا ئي ڇار آھي.
ھن جي نظمن جي ڪتاب ” تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ ۾ ھن ڪنھن جي به پاران نه پر پنھنجي پاران لکيو آھي، ھو ڪنھن جي به پاران نه پوندو آھي نه لکندو آھي، شايد سمورا لقاءَ سندس ئي وجود مان اظھارين ٿا!! ائين به آھي ته سڀ ڪو پنھنجي پاران، پنھنجي ئي وارتا بيان ڪندو آھي پر ڪي ماڻھو پنھنجا درد انھن کان لکرائيندا آھن، جن کي درد جي موت جھڙي دانھن جو پتو ئي ناھي ھوندو. لياقت پاڻ کي نه ڪو صوفي سڏائي نه ئي سچ ۾ صوفي آھي، پر جڏھن پنھنجي پاران گھاءَ اکيل ڪري ٿو ته مون کي الاءِ ڇو صوفي لڳي ٿو.
جلاوطن پکين جون اکيون جڏھن لياقت جي سفر جو پورٽريٽ پينٽ ڪن ٿيون ته مون کي انھن اکين جو اونو ٿئي ٿو، سوچان ٿو ته؛ ” دنيا اندر عشق جي سمورين اکين کي ڪڍي ڇڏيان ۽ ھن بيھودي سماج جي ھر اک چلھ بڻيل ھجي،نه ڪوئي ڪنھن کي ڏسي نه ڪنھن جا ڳوڙھا سياري جي آتشدان ۾ اڪيلائي جو دونھون گڏ ڪن.“ ان دونھين ۾ لياقت رضوي جو ساھ سدائين مُنڌو آھي،لياقت رضوي کي منير شاھ لقي سڏيندو آھي، جيڪڏھن اھو انگريزي وارو لقي آھي ته پوءِ منير شاھ کان چڪ ٿي وئي آھي، پر جيڪڏھن اھو لقي سَن شھر کان اڳيان وارو لَڪِي آھي ته پوءِ اھو نانءُ مونکي به وڻي ٿو جو اھي لڪ سسئي لنگھيا ھيا..... سسئي جا عشق جي سورن جي سڳي ۽ پھراٺڙي ڌيءَ ھئي.
لياقت شاھ جي خواھش آھي ته سندس ماضيءَ جو ڪتاب ھڪ اھڙو ڦاٽل ڪتاب ڇو نه ھجي جنھن جو ٽائيٽل (عنوان) وڃايل ھجي؟ شاعر کي ڪير سمجھائي ته عنوان ماءُ جي ڪُکِ ۾ وجود وٺڻ سان ملي ويندو آھي. اسپرم به ته نالو آھي ان آڳ جو جنھن کي بس ڪا عورت جي ڪک ئي سنڀالي سگھي ٿي، اھو اسپرم ئي ماءُ جي ڪک جي زمين تي سَلي مان وڻ بڻجي، بي ترتيب ۽ ڀيانڪ زندگي بڻجي ٿو، جنھن زندگيءَ کي اسان گذاريون نه پر ڀوڳيون ٿا.
منھنجا به ڪروڙين ڀائر، بابا جي ان مون واري اڪيلي اسپرم سان گڏ آيا ھيا، پر مري ويا! مري ته مون کي وڃڻ کپندو ھيو! ھي به ڪا زندگي آھي؟ جنھن ۾ لياقت رضوي جي نظمن کان به وڏو درد آھي..... منھنجي بابا جو اھو اسپرم ڇو نه مئو جنھن ۾ آءُ ھيس!؟ ھن دنيا ۾ نه اچان ھا ته ڪھڙو فرق ٿي پيو! پر شايد دردن کي به وجود گھربل ھوندا آھن، سو آيس ھر ان لمحي لاءِ جيڪو درد لاءِ خلقيو ويو آھي.
خير! لياقت جي صبر واري جھنگ مان مون کي تلاش آھي، ان وڻ جي جنھن جو نالو آھي، بَڙُ! جنھن ۾ شانتي ھجي، پکين جون پراسرار ٻوليون ھجن، ڪوريئڙي جا ڄار ھجن، بلبل ڀلي نه ھجي پر ڪڏھن ڪڏھن ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌڻ لاءِ ملي..... آءُ ڳوليان پيو لياقت جي شاعري ۾ پنھنجو پاڻ کي! نه ٿو لڀان! لياقت جي نديءَ ۾ تيز ھوا سان وھندڙ ڪاوڙ آھي، ڪاوڙ جي ان قھر ۾ ڪٿي غائب ٿي ويو آھيان، شايد پنھنجن پراون جي ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ ھميشھ لاءِ گم ٿي ويو آھيان.....
ھي آءُ ڪھڙي پنھنجي ڪٿا کڻي ويھي رھيو آھيان!؟ ڇا ڪريان، لياقت جي شاعري جو ڪمال آھي! سندس شاعري جا روپ مون کي پنھنجا لڳن ٿا! ڀلا! سڀن جا درد ساڳيا ٿين ٿا يا لياقت منھنجي دردن جو پيڇو ڪندو رھيو آھي!؟ خبر ناھي!
خير! آءُ لياقت جي دردن، سنڌ يونيورسٽي وٽ ڇڏيل سوالن جا جواب ڳوليان ٿو، جتي ڳوڙھن جون الماڙيون رکيل آھن ۽ لياقت محبت ۾ به فلسفي کي تلاش ڪري ٿو......
27 سال اڳ جڏھن لياقت جا احساس لائبريري سائنس جي چوٿين فلور تي چڙھندا ھيا ته سينٽرل لائبريري جي سڀن ڪتابن لياقت کي گھوري ڏٺو ھيو ۽ سوچيو ھيو ته ”تنھنجي اک اڻي ٿي مونکي“ وارو ڪتاب آخر ريفرنس سيڪشن ۾ ڇو ناھي جو ھن ڪتاب جا حوالا ھر ڪنھن تائين پھچن؟ سينٽرل لائبريري جي ھر شيلف ۽ لکين ڪتابن پنھنجو پاڻ کي تلاشيو ھيو ان ڪتاب ۾ جنھن جو نالو ھيو لياقت! جڏھن انھن ڪتابن 27 سال لاڳيتو لياقت کي سڏ ڪيا ھيا، تڏھن لياقت کين چيو ھيو ته ”تنھنجي اک اُڻي ٿي مون کي“...... ۽ ان اڻت مان نظمن جو ھڪ اھڙو ڪتاب سرجي، شاعري جي ان شيلف ۾ پھچي چڪو آھي، جتان سينٽرل لائبريريءَ جا سڀئي ڪتاب ڪَن ھٿ ڏئي، اھي سڀئي نظمَ جھونگاري رھيا آھن ۽ مطالبو ڪري رھيا آھن ته ”محبت جي اھا ڪنڊ تلاش ڪري ڏيو، جنھن ۾ تاريخ جون تڙپندڙ ريھون لازوال انقلاب جي اڳڪٿي ڪن يا وري خودڪشي جو خيال بڻجي پون“. خدا جو انوکو انڪشاف ته شايد ڪڏھن به نه ٿئي ۽ لياقت ھڪ اھڙو جھنگ بنجي پيو آھي، جنھن ۾ تڪڙ جي تلوار وقت کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي. جھنگ کي ڪنھن باھ ڏئي ھميشھ لاءِ ساڙي بسم ڪري ڇڏيو آھي ۽ لياقت سڙيل جھنگ جي ڇار جون ڍِڳڙيون لاوارث لاش جيان ڇڏي، شھر جو بدن بڻجي پيو آھي. شھر، جتي وقت کي زندگيءَ جا بليڪ ھولز ڳڙڪائي ويا آھن، اتي لياقت پاڻ کي ڳولي ٿو ۽ تمام گھڻي تڪڙ اٿس جو وقت جي آخري نسل کي به درد جا بليڪ ھولز پاڻ ڏانھن ڇڪي رھيا آھن ۽ لياقت کي شڪ پيو آھي ته ڪائنات ھڪ سازش آھي.
سازشون عاشقي جي ڪينسر ٿين ٿيون، جنھن جو علاج اڃان تائين ناھي لڌو، تڏھن ته منير شاھ جي لقي ۽ منھنجي لاءِ سائين لَڪِي کي در، ديوارون به سازش لڳن ٿيون. ائين آھي به! در ۽ ديوارون ٿڌن ساھن ۽ گھُٽجي ويل ھڏڪين جا قيد خانه آھن. انھن قيد خانن جي درن وٽ جڏھن ٽھڪ ٻڌجن ۽ اھي چھرا نه ڏسي سگھجن ته پوءِ وڇوڙن جا نوحا ڪنن تي ھٿ ته ضرور ڏياريندا. سائين لياقت اڪيلو ناھي، سندس شھر واري ڪمري ۾ اونداھي به ساڻس گڏ رھي ٿي، اتي اڪيلائي جو قالين ائين وڇايل آھي جو ڄڻ ته محبت جي موت جو تڏو وڇايل ھجي.
پيٽ، جيڪو انڌو کوھ آھي ان جو ترو جڏھن سڪندو آھي ته ان کوھ ۾ لاٿل بالٽين جا ڇپڪا ٻڌڻ لاءِ ناھن ملندا ۽ لڳندو آھي ته زندگي گڏھ تي رکيل ٺاٺاري جو اھو ٻورو آھي، جنھن تي رکيل ٿانون کي ٺاٺارو ٺڙڪائيندو ويندو آھي، ۽ ھينئن به آھي ته ٺاٺا جي آوازن زندگيءَ جا به ٺاٺا ڦٽائي ڇڏيا آھن. زندگي بس ”پيٽ انڌي کوھ جو نالو آھي“، وانگر آھي، لياقت صحيح چيو آھي، جيڪڏھن خدا پيٽ نه خلقي ھا ته سندس خدائي تي ڪھڙو فرق پوي ھا! جي ھا! اھو پيٽ ئي آھي جنھن جنگين کان وٺي انقلاب جا ناجائز ٻچا ڄڻيا آھن، جنھن پيار کي به آلوده بڻايو آھي، تڪڙي چميءَ جي چپن تي زھر ھاريو آھي، جنھن وڇوڙن جا نه کٽندڙ پيچرا به جوڙيا آھن، تھذيب توڙي قانون ۽ روايتون به پيٽ جو حرامي اولاد آھن. جي ھا لياقت! بلڪل صحيح، اسان اناج پوکيندا آھيون ۽ بک لڻندا آھيون! لازم آھي ته پوءِ اسان محبت ڪيئن ڪنداسين، بس مزدوري ئي اسان جو مقدر آھي! تڏھن ته ڪافيءَ جي مگَ ۽ چميءَ جي معصوم خواھش به پوري نه ٿي ٿئي، اھڙي صورتحال ۾ سائين لياقت، توکي تنھنجون چميون انتظار جي برف ۾ پورڻيون پونديون! ڪيلاش کان نديون جڏھن وھنديون آھن ته اھي نديون ناھن ھونديون، اھي ته اھي چميون ھونديون آھن، جيڪي انتظار جي ھماليه تي برف بڻجي وينديون آھن ۽ پوءِ سفر ڪنديون آھن سمنڊ ڏانھن، جيڪو انساني تاريخ جي چَھرڙن ڳوڙھن جو ساگر آھي. برف، نديون ۽ سمنڊ اصل ۾ رڦندڙ چپن ۽ روئندڙ چمين جي المناڪ تاريخ آھي.
جنھن به چمين جي المناڪ تاريخ پڙھي آھي، اھو شھر بڻيو آھي، ھڪ اھڙو شھر جنھن جو نالو لياقت آھي، لياقت جو شھر ڪاغذ وانگر آھي، جنھن کي ڦاڙيو ويو آھي ۽ ان شھر ۾ انڌيون گوليون، جڏھن انڌن ھٿان گذرن ٿيون ته موت وڃائجي وڃي ٿو ۽ پوءِ لقي باھ وانگر ٻري ٿو ۽ ماڪ وانگر روئي ٿو، پاڻ کي فنا ڏانھن ويندي محسوس ڪري ٿو، فنا خاموشي جو لباس پھري شاعرن وٽ الاءِ ڇو تڪڙي ايندي آھي؟ شايد ان ڪري به جو شاعري جي نڙي فنا جي ماءُ آھي ۽ نظمَ ان ماءُ جا دادلا پٽ ھوندا آھن، جيڪي روئڻ جو ڊيسيپلين نه رکندا آھن. سمورو سنسار شاعري آھي! ڇا سمورو سنسار فنا ٿيندو!؟ وڇوڙو به ته فنا جي آخري ريل گاڏي آھي ۽ پوءِ سُنسان اسٽيشن، قبرن جھڙيون بينچون ۽ پريان ستل گُڪُڙو ڪتو..... جنھن جي ڀئونڪ جي نڙي ويھي وئي آھي.
لياقت جي نظمن جا سوال سياري جي موسم ۾ زخمي پکي وانگر آھن، لياقت شڪارين جي ديس جو باسي ھجڻ ڪري زخمي پکي جي تيمارداري به نه ٿو ڪري سگھي جو زندگيءَ کي موت جو اشتھار سمجھي ٿو. زندگيءَ واري اشتھار جي پھرين سٽُن ۾ لياقت جو اسڪول اچي وڃي ٿو، کيس ياد پئي ٿو ته جيڪا پريڊ واري ٽرافي کيس ملي ھئي سا خوشي سورج کي سڻائڻ لاءِ ھن پاڻ کي سميٽيو ئي مس ھيو ته سورج غروب ٿي ويو ھيو، سورج جو ڪم ئي آھي غروب ٿيڻ! کيس ڪھڙي پرواھ ته شمسي نظام ۾ ايندڙ سڀئي لقاءَ شاعري آھن ۽ ڌرتيءَ جو ڦيرو به رقص جي جھُمِر آھي، سورج به ڌرتيءَ جي جھُمِر ساڻ جي ڦيرا ڏئي ھا ته سندس ڇا بگڙي ھا!؟ ڪٿي ڪو ڦالٽ آھي! عاشقيءَ جو پنڌ ڌرتين، سرتين ۽ شاعرن جي حصي ۾ آيو آھي نه ته ڀلا ڀٽائي جي شاعري سرتين جي شاعري ڇو ھجي ھا!؟ سورج ٿورو انتظار ڪري ھا ته ڪھڙي قيامت اچي وڃي ھا!
لياقت جي شاعري ۾ مشڪلاتون آھن، سندس دل تي جڏھن منجھند جو سورج پنھنجي بدتميزي لکندو آھي، تڏھن ھو شام کي سڏيندو آھي ۽ رات ٿيڻ تائين ھن جي تنھائي چوري ٿي ويندي آھي. خطري ۾ گھيريل رات پکين کان وڇڙي ٿي ته زندگي اڪيلي گھٽيءَ ۾ کيڏندڙ ٻار جي بي خبري وانگر اسان لاءِ ٽارچر سيل بڻجي وڃي ٿي، انھن ٽارچر سيلين کي اسان آباد صرف ان لاءِ رکون ٿا جو انڌي قانون جو احترام اسان تي لازم آھي، سمورين اخبارن کي ڪانون جي لڙ سان ڀرجڻو جو آھي.... (ھلندڙ)
لياقت رضوي جي ڪتاب تي تبصرو
تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي
حصو ٻيو
غلام رسول چانڊيو
سو ائين لياقت رضوي کان اھو وسري وڃي ٿو ته صرف ھڪ سال اڳ يعني 1991ع ۾ آدرشي انقلاب جي دعويدار دنيا ريزا ريزا ٿي وئي ھئي، 92ع جو آخري ڏينھن چاھيندي نه چاھيندي ڪافيءَ جي ڪڙاڻ پيئندو! سراب ۾ ڦاٿل دنيا جو ڌچڪو رڳي ڪافيءَ جا ڪپ نه ڇُلڪائيندو پر تاريخ جي گلين کي وڌيڪ سوڙھو ڪندو. لقي 91ع کي وساري 92ع جي آخري ڏينھن تي جڏھن ڊسمبر جو مھينو بڻجي، ٿڪل پکي وانگر سوچي ٿو ته سندس دماغ ۾ چالاڪ ڇوڪري جون ادائون به آسري وارو عشق لڳن ٿيون، وساري ويھي ٿو ته عشق ھميشھ چالاڪين جي اکين ۾ گھُوريندي عدم جي راھ ورتي آھي، عدم! جنھن جو پنڌ صوفين ھزارين سالن کان پئي ڪيو آھي پر ان ماڳ تي پھتا ئي ناھن، شايد اھڙو ڪو ماڳ آھي ئي ڪو نه!! تڏھن ته لڳندو اٿم ته صوفي ازم به عشق جھڙو ڪو سراب ئي آھي! رات جي ڪپڙن کي آسمان ازل کان ڌوئندو رھيو آھي پر اھي اڄ تائين آلا پيا آھن، ڪو به سورج کين سڪائي نه سگھيو آھي، رات جي آلن ڪپڙن جون به عجيب ڪٿائون آھن ۽ بسترن جي گھُنجن جي يتيمي به شايد عشق آھي، تڏھن ته اڪيلائين جي ڪمرن ۾ وھاڻن جون ڪنڊون به سدائين آليون رھيون آھن...
بي معني ورجاءَ جي ور چڙھي لقي الاءِ ڇو اھا ڳالھ نه ٿو سمجھي ته تھذيبن جي شروعات ئي ناسمجھ ھٿيارن سان ٿي ھئي ۽ دنيا جون سڀئي رياستون غير فطري آھن، ڪنڊيدار تارن صرف انسانن جا پير زخمي ڪيا آھن، پکي ۽ ھوا جو ڪو به اڪيلو ديس ناھي! ” پيارا لياقت! ناسمجھ گوليءَ جي زد ۾ رڳي تنھنجو ملڪ ناھي پر دنيا جي ٺا ھيل سڀن ملڪن جي ماءُ اھا ناسمجھ گولي ئي ته آھي جنھن ڪري توکي جنھن جي به ڳڻتي ھجي پر ھي دنيا رڳي سياسي والار جي دنيا ناھي، قيامتن جھڙا قبضا محبتن جھڙن معصوم احساسن تي به ٿيا آھن، تاريخ کي سدائين اڻ پورو ئي رھڻو آھي ۽ ماڻھوءَ جي ماس کي ڪا نه ڪا جاگرافي شڪار ڪندي رھندي، تنھنجي لاءِ اھو ڪافي ھجڻ گھرجي ته ھوءَ پنھنجو پاڻ کي پالي جوان ڪري رھي آھي ۽ تون خواھشن جي وات ۾ چٻاڙجندي زندگيءَ لاءِ دليل جوڙيندو ٿو رھين سو به اجايو! لقي! زندگيءَ جو دليل ڪھڙو به ھجي پر اھو حتمي سچ ھجي، اھو بنھ ضروري ناھي“.
”لقي! تنھنجو نظم چوي ٿو ته ”موت پراڻي ياد آھي“ پر آءُ تو سان اتفاق نه ٿو ڪريان جو جڏھن تنھنجي شاعري تي لکي رھيو آھيان ته موت مون سان گڏ ڀاڪر پائي ائين ويٺو آھي، جيئن آخري سال جي آخري ڏينھن کان صرف ھڪڙو ڏينھن اڳ ۾ ٻه پريمي علامه ۽ ايلسا قاضي جي مزار وچ ۾ اوڇگارون ڏيندڙ ڀاڪر پائيندا آھن، اھڙا ڀاڪر جن جي تاريخ ڇاتين جي ڇاڇول سان، ھميشھ ڏيئي جي تيل وانگر، ايستائين جلندي رھندي آھي، جيستائين زندگيءَ جي تند ھڏڪيون ڏيئي ٽُٽندي ناھي، ۽ ھا اھو سمورو وچ وارو عرصو جون جي مھيني جو ڀاءُ ٿيندو آھي، جنھن جي لُڪ ۽ جھولن جو تڏو وڇايل ھوندو آھي، اھا ته خبر اٿئي نه ته عاشق پنھنجا تڏا زندگيءَ ۾ ئي وڇائيندا آھن، ھنن جو موت ھڪ دفعو ناھي ٿيندو، ھو ته ساھ جي ھر گھڙي کي آخري گھڙي سمجھندا آھن، ھو ھزارين موتن مان گذرندا آھن، جن موتن لاءِ ڪوئي به رضا الله جي ناھي ڪندو“.
ڀلي کڻي موت اکين جي پراڻي ياد وانگر ھجي ۽ ننڊ جي ڪنارن سان اڻ واقف ماڻھن جي خوابن جا انبوھ ھجن پر بيوس، بيوسي جي موسم دل جي ڌڙڪن کي تيز ڪندي آھي ۽ پوءِ حد ۽ لاحد تي ٻه اکيون اڻ تڪميل ٿيل عشق جون اکيون بڻجي پونديون آھن. جي ھا! منزل کان ٿورو اورتي عشق جي شھادت ٿيندي آھي، جنھن کي بنا ڪفن جي دفنايو ويندو آھي، سندس ڪوئي ڪانڌي ناھي ٿيندو، ھو پنھنجي قبر پاڻ کوٽيندو آھي ۽ لحد ۾ لھي بس رڳي اکيون پوري ڇڏيندو آھي.
ڪويتائن جي ڪٿا توکان وڌ ڪير ڄاڻندو ھوندو! اھي جڏھن ڪَپبيون آھن، تڏھن شام جي بدن کي رڳي آذان جي تکي ڇري ناھي ڪپيندي، پر وڻن ۾ سڄي ڏينھن جي مزدوري ڪري موٽندڙ، پکين جي سنگيت به بي سُري ٿي ويندي آھي، تڏھن ته سانت جي وڻ کي شور، ڪارائي وانگر ڪپيندو آھي ۽ پوءِ شھر ھر عاشق لاءِ اُٻاڻڪو ٿي پوندو آھي، مان جي مستي ڀٽائي جي تنبوري واري تار بڻجي رڳي ”تون“ ٿي پوندي آھي.
ماڻھو به آئيني ۾ بند ٿيل ڪٻر وانگر زندگي جي آرسيءَ ۾ پنھنجو عڪس ڏسي ٿڌا شوڪارا ڀريندو آھي، ڪٻريون ڀلي پنھنجي عڪس سان جھيڙو ڪن ۽ زخمي ٿي پون پر انسان جو ھر شوڪارو زخم مان ٽمندڙ رت جي آھَ ھوندو آھي. اھو الميو سو ضرور آھي ته بند ٿيل ڪمري ۾ ڪٻر وانگر ڪي ماڻھو ھوا جي ھر جھوٽي کي چکڻ کان محروم رھندا آھن ۽ ميون جي وڻن جو ھر ميوو سندن نصيب ۾ ناھي ھوندو، عشق جو ٻج ھر زمين ۽ ھر مٽيءَ ۾ ناھي ڦٽندو، عشق لاءِ ھر ڪنھن وٽ پنھنجي زمين ٿيندي آھي، ڪٻر کي زخمي چھنب سان ته ننڊ اچي ويندي آھي پر انسان لاءِ زخمي چپن سان ساھ کڻڻ ڏکيو ٿي پوندو آھي.
تڏھن ته طوطي جو آواز انب جو وڻ ٿي پوندو آھي، جھرڪيون صبح جون ڌيئرون ٿي پونديون آھن، بادلن جو جلوس شھر تي شيلنگ ڪندو آھي، ان شيلنگ جي بارش جھڙي دونھين ۾ عاشق جو بدن سڙندو آھي، شايد لطيف به ”مينھان ۽ نيھان، اکر ٻيئي ھيڪڙي“ جھڙيون سٽون ان ئي ڪيفيت ۾ سرجيون ھيون. لقي! شڪ پيو اٿم ته تون پنھنجي شاعري وسيلي لطيف جو رھجي ويل ڪم ته نه پيو ڪرين؟ پر شايد ائين نه ھجي جو لطيف جا اڌ ۾ رھجي ويل ڪم اڃان تائين رھيل آھن......(حصو ٻيو) ھلندڙ.......
سو ائين لياقت رضوي کان اھو وسري وڃي ٿو ته صرف ھڪ سال اڳ يعني 1991ع ۾ آدرشي انقلاب جي دعويدار دنيا ريزا ريزا ٿي وئي ھئي، 92ع جو آخري ڏينھن چاھيندي نه چاھيندي ڪافيءَ جي ڪڙاڻ پيئندو! سراب ۾ ڦاٿل دنيا جو ڌچڪو رڳي ڪافيءَ جا ڪپ نه ڇُلڪائيندو پر تاريخ جي گلين کي وڌيڪ سوڙھو ڪندو. لقي 91ع کي وساري 92ع جي آخري ڏينھن تي جڏھن ڊسمبر جو مھينو بڻجي، ٿڪل پکي وانگر سوچي ٿو ته سندس دماغ ۾ چالاڪ ڇوڪري جون ادائون به آسري وارو عشق لڳن ٿيون، وساري ويھي ٿو ته عشق ھميشھ چالاڪين جي اکين ۾ گھُوريندي عدم جي راھ ورتي آھي، عدم! جنھن جو پنڌ صوفين ھزارين سالن کان پئي ڪيو آھي پر ان ماڳ تي پھتا ئي ناھن، شايد اھڙو ڪو ماڳ آھي ئي ڪو نه!! تڏھن ته لڳندو اٿم ته صوفي ازم به عشق جھڙو ڪو سراب ئي آھي! رات جي ڪپڙن کي آسمان ازل کان ڌوئندو رھيو آھي پر اھي اڄ تائين آلا پيا آھن، ڪو به سورج کين سڪائي نه سگھيو آھي، رات جي آلن ڪپڙن جون به عجيب ڪٿائون آھن ۽ بسترن جي گھُنجن جي يتيمي به شايد عشق آھي، تڏھن ته اڪيلائين جي ڪمرن ۾ وھاڻن جون ڪنڊون به سدائين آليون رھيون آھن...
بي معني ورجاءَ جي ور چڙھي لقي الاءِ ڇو اھا ڳالھ نه ٿو سمجھي ته تھذيبن جي شروعات ئي ناسمجھ ھٿيارن سان ٿي ھئي ۽ دنيا جون سڀئي رياستون غير فطري آھن، ڪنڊيدار تارن صرف انسانن جا پير زخمي ڪيا آھن، پکي ۽ ھوا جو ڪو به اڪيلو ديس ناھي! ” پيارا لياقت! ناسمجھ گوليءَ جي زد ۾ رڳي تنھنجو ملڪ ناھي پر دنيا جي ٺا ھيل سڀن ملڪن جي ماءُ اھا ناسمجھ گولي ئي ته آھي جنھن ڪري توکي جنھن جي به ڳڻتي ھجي پر ھي دنيا رڳي سياسي والار جي دنيا ناھي، قيامتن جھڙا قبضا محبتن جھڙن معصوم احساسن تي به ٿيا آھن، تاريخ کي سدائين اڻ پورو ئي رھڻو آھي ۽ ماڻھوءَ جي ماس کي ڪا نه ڪا جاگرافي شڪار ڪندي رھندي، تنھنجي لاءِ اھو ڪافي ھجڻ گھرجي ته ھوءَ پنھنجو پاڻ کي پالي جوان ڪري رھي آھي ۽ تون خواھشن جي وات ۾ چٻاڙجندي زندگيءَ لاءِ دليل جوڙيندو ٿو رھين سو به اجايو! لقي! زندگيءَ جو دليل ڪھڙو به ھجي پر اھو حتمي سچ ھجي، اھو بنھ ضروري ناھي“.
”لقي! تنھنجو نظم چوي ٿو ته ”موت پراڻي ياد آھي“ پر آءُ تو سان اتفاق نه ٿو ڪريان جو جڏھن تنھنجي شاعري تي لکي رھيو آھيان ته موت مون سان گڏ ڀاڪر پائي ائين ويٺو آھي، جيئن آخري سال جي آخري ڏينھن کان صرف ھڪڙو ڏينھن اڳ ۾ ٻه پريمي علامه ۽ ايلسا قاضي جي مزار وچ ۾ اوڇگارون ڏيندڙ ڀاڪر پائيندا آھن، اھڙا ڀاڪر جن جي تاريخ ڇاتين جي ڇاڇول سان، ھميشھ ڏيئي جي تيل وانگر، ايستائين جلندي رھندي آھي، جيستائين زندگيءَ جي تند ھڏڪيون ڏيئي ٽُٽندي ناھي، ۽ ھا اھو سمورو وچ وارو عرصو جون جي مھيني جو ڀاءُ ٿيندو آھي، جنھن جي لُڪ ۽ جھولن جو تڏو وڇايل ھوندو آھي، اھا ته خبر اٿئي نه ته عاشق پنھنجا تڏا زندگيءَ ۾ ئي وڇائيندا آھن، ھنن جو موت ھڪ دفعو ناھي ٿيندو، ھو ته ساھ جي ھر گھڙي کي آخري گھڙي سمجھندا آھن، ھو ھزارين موتن مان گذرندا آھن، جن موتن لاءِ ڪوئي به رضا الله جي ناھي ڪندو“.
ڀلي کڻي موت اکين جي پراڻي ياد وانگر ھجي ۽ ننڊ جي ڪنارن سان اڻ واقف ماڻھن جي خوابن جا انبوھ ھجن پر بيوس، بيوسي جي موسم دل جي ڌڙڪن کي تيز ڪندي آھي ۽ پوءِ حد ۽ لاحد تي ٻه اکيون اڻ تڪميل ٿيل عشق جون اکيون بڻجي پونديون آھن. جي ھا! منزل کان ٿورو اورتي عشق جي شھادت ٿيندي آھي، جنھن کي بنا ڪفن جي دفنايو ويندو آھي، سندس ڪوئي ڪانڌي ناھي ٿيندو، ھو پنھنجي قبر پاڻ کوٽيندو آھي ۽ لحد ۾ لھي بس رڳي اکيون پوري ڇڏيندو آھي.
ڪويتائن جي ڪٿا توکان وڌ ڪير ڄاڻندو ھوندو! اھي جڏھن ڪَپبيون آھن، تڏھن شام جي بدن کي رڳي آذان جي تکي ڇري ناھي ڪپيندي، پر وڻن ۾ سڄي ڏينھن جي مزدوري ڪري موٽندڙ، پکين جي سنگيت به بي سُري ٿي ويندي آھي، تڏھن ته سانت جي وڻ کي شور، ڪارائي وانگر ڪپيندو آھي ۽ پوءِ شھر ھر عاشق لاءِ اُٻاڻڪو ٿي پوندو آھي، مان جي مستي ڀٽائي جي تنبوري واري تار بڻجي رڳي ”تون“ ٿي پوندي آھي.
ماڻھو به آئيني ۾ بند ٿيل ڪٻر وانگر زندگي جي آرسيءَ ۾ پنھنجو عڪس ڏسي ٿڌا شوڪارا ڀريندو آھي، ڪٻريون ڀلي پنھنجي عڪس سان جھيڙو ڪن ۽ زخمي ٿي پون پر انسان جو ھر شوڪارو زخم مان ٽمندڙ رت جي آھَ ھوندو آھي. اھو الميو سو ضرور آھي ته بند ٿيل ڪمري ۾ ڪٻر وانگر ڪي ماڻھو ھوا جي ھر جھوٽي کي چکڻ کان محروم رھندا آھن ۽ ميون جي وڻن جو ھر ميوو سندن نصيب ۾ ناھي ھوندو، عشق جو ٻج ھر زمين ۽ ھر مٽيءَ ۾ ناھي ڦٽندو، عشق لاءِ ھر ڪنھن وٽ پنھنجي زمين ٿيندي آھي، ڪٻر کي زخمي چھنب سان ته ننڊ اچي ويندي آھي پر انسان لاءِ زخمي چپن سان ساھ کڻڻ ڏکيو ٿي پوندو آھي.
تڏھن ته طوطي جو آواز انب جو وڻ ٿي پوندو آھي، جھرڪيون صبح جون ڌيئرون ٿي پونديون آھن، بادلن جو جلوس شھر تي شيلنگ ڪندو آھي، ان شيلنگ جي بارش جھڙي دونھين ۾ عاشق جو بدن سڙندو آھي، شايد لطيف به ”مينھان ۽ نيھان، اکر ٻيئي ھيڪڙي“ جھڙيون سٽون ان ئي ڪيفيت ۾ سرجيون ھيون. لقي! شڪ پيو اٿم ته تون پنھنجي شاعري وسيلي لطيف جو رھجي ويل ڪم ته نه پيو ڪرين؟ پر شايد ائين نه ھجي جو لطيف جا اڌ ۾ رھجي ويل ڪم اڃان تائين رھيل آھن......(حصو ٻيو) ھلندڙ.......
ھاڻ جڏھن لياقت رضوي اڌ صدي ٽپي چڪو آھي ته سندس 1992ع ، يعني 30 سال اڳ سندس لکيل نظمن ۾ صرف ٻه رنگ آھن، ھي رڳي نظمَ ناھن، پر سندس اندر جي معصوميت واري اھا سنگيت آھي، جنھن جي سُرن ۾ معصوم محبت جا نوحا لکيل آھن، لقي جي ھر نظم ۾ ڪو ناول يا وري طويل ڪھاڻي لڪل آھي. سچ ته ھي آھي جو آءُ شاعري جي فني پاسن کان ڪورو ڄٽ ھئڻ ڪري اھو ته طئي ئي نه ٿو ڪري سگھان ته سندس نظم فني لحاظ کان ڪٿي بيٺل آھن پر جڏھن لقيءَ جي خيال واري اڏار جو پيڇو ڪريان ٿو ته سَھڪي پوان ٿو.
مون کي لڳي ٿو ته ڪنھن به شاعر جي الھڙ جواني جي جاگرافي صرف ٻن رنگن جو ويس ڍڪيندي آھي ۽ پوءِ طوطي جو آواز انب جو وڻ بڻجي پوندو آھي ۽ جھرڪيون صبح جون ڌيئرون ٿي پونديون آھن. ھو محبتن جي ان شھر ۾ رھي ٿو جتي بادلن جو جلوس مٿائنس شيلنگ ڪري ٿو ۽ جڏھن لقيءَ جي بدن مان آڳ جا اُلا نڪرن ٿا ۽ نيٺ ھو چپن جي چميءَ جو آٽو گراف لکي ٿو. زندگي آٽوگراف آھي جيڪو ڪڏھن اندر جي آخري سرحد وٽان ريھ بڻجي ڪنھن اوڇگار تي ته ڪڏھن ڪنھن ٽھڪ تي لکجي وڃي ٿو، مون کي خبر ناھي ته لقي زندگيءَ ۾ ڪيترا ٽھڪ ڏنا آھن ۽ سندس اکين ڪيترو وڏ ڦرو وسايو آھي يا سندس نيڻن رڳي گونگي بارش جون بوندون پئي وسايون آھن پر اھا خبر ضرور اٿم ته لياقت جي ٽھڪن واري آخري سرحد تي ڳوڙھن جو سمنڊ ڇوليون ھڻندو رھيو آھي، شاعري اوڇگارن، ريھُن، آھُن ۽ پارَن جي سڳي ماءُ آھي، جنھن جي ھر اوڇگار فلسفي وانگر بنھ پيچيدي به ھوندي آھي ۽ محبت جي ھر سوال جو منتقي جواب به! سو جڏھن لياقت چپن جي چمي جو آٽو گراف لکيو ھيو ته موسم کيس مرڪي ڏٺو ھيو، موسمون جڏھن محبوب جو روپ ڌارينديون آھن، تڏھن ڏاڍيون شرميليون ٿينديون آھن، موسمن جا معصوم حجاب صرف شاعر ئي ڏسي ۽ سمجھي سگھي ٿو ۽ لقي سمجھي ويو ھيو ته سندس درد جي آرپار ھڪ انوکي پُل، جڏھن کيس آسمان سان ملايو ھيو تڏھن خدا ڏاڍو خوش ٿيو ھيو، لقي مارچ مھيني جي پوپٽن جي رنگن ۾ گم ٿئي ٿو، رڳي ٻن رنگن وارا پوپٽ آھن، نازڪ، نفيس ۽ بنھ محبت وانگر پاڪ پويتر! کيس پوپٽن جا رنگ ٻڌائين ٿا ته ” انھن مان ھڪ ڏکويل انتظار جو رنگ آھي ۽ ٻيو فريبي زماني جو رنگ“. سونھن فريب آھي ۽ رنگ به! پوپٽن سان محبت ڪرڻ نه ڪرڻ واري سوال جا جواب ھر ڪنھن وٽ پنھنجا ٿي سگھن ٿا پر لقيءَ لاءِ مارچ تڪڙو گذري وڃي ٿو ۽ ھو اپريل لاءِ ھڪ اڻ پورو نظمُ لکي ٿو.....
ٻين اپريل کان اڳ لازمي پھرين اپريل ايندي آھي، جنھن ۾ اپريل ڦول ملھائي محبت جي توھين ڪئي ويندي آھي، تنھنڪري ھو ٻين اپريل جو ڪتاب کولي پڙھي ٿو.... ڪتابن جون ڪٿائون به پيڙا جون ڪٿائون ئي ته آھن!! ھن لاءِ موڪل کان پوءِ اسڪول جي بينچ تي ڪنھن ٻار جو رھجي ويل گل به ٻين اپريل جھڙو آھي، جيڪو ٽاريءَ تي ڇڻي وڃڻو آھي. معصوم محبتن جي ته ھونئن به تڪميل ناھي ٿيندي سو ان گل کي بھرحال ان عاشقي واري وجود جو وڻ ٿيڻو ھوندو آھي، ھي دنيا عشق جو ھڪ اھڙو گھاٽو جنگل آھي جتي ڪيئي محبتون يا ته انسان نما شڪاري جانورن ھٿان ماريون ويون آھن يا وري ھميشھ لاءِ وڃائجي وينديون آھن سو اھڙي صورتحال ۾ محبتن جا وڻ موت کي ڏسي به ناھن ڏسي سگھندا. ائين ڇو ٿئي ٿو آخر؟ جو محبت کي سمجھڻ بجاءِ ممنوعه بڻايو ٿو وڃي، ٿورو به غور ڪجي ته ھي سمورو سنسار محبت لاءِ ئي ته خلقيو ويو آھي، ڪاش اسان ڪنھن وڻ تي ويٺل پکين جا اھي جوڙا ھجون ھا جن کي ٻلن کان سواءِ ڪنھن جو به خوف نه ھجي ھا!!.
لياقت لڳي ٿو ھميشھ اُٻھرا خواب ڏٺا آھن! رڳي خواب نه پر خوابن جي دريائن ۾ تريو آھي، ٻڏو آھي، لڙھيو آھي! ھو گھوڙن جي سُنبن ھيٺان آيل زمين وانگر زخمي ٿيو آھي، تڏھن ته مجاز جي موھ کي ڪا منزل سمجھڻ بجاءِ رڳي راھ سمجھي ٿو. لياقت 92ع ۾ به ايترو ڏاھو ھيو، سا مون کي ھاڻ خبر پئي آھي! ھو بي قدري جو به باغ پوکي ٿو ۽ اتي بڻجي پوي ٿو ھڪ اھڙو گل، جنھن جي دريافت اڃان ناھي ٿي. يادن جي صحرا ۾ سندس محبت سمنڊ جيڏو سراب آھي، ان سراب ۾ ھو سانت جي ٻيڙي ھڪلي ٿو ته اُٻھري خواب جو درياءُ تيز تر وھڻ لڳي ٿو ۽ دربدر ھوائون وڻن جا پاڇا لتاڙين ٿيون. عشق جي پاڇن جو گواھ ھميشھ آسمان رھيو آھي يا وري رات جي گُگھ اونداھي ۾ ستارا! ستارن سان منير شاھ ڪچھريون ڪيون آھن الاءِ نه پر لقيءَ ستارن کي محبت جي سڀن ماجرائن کان آگاھ ڪيو آھي، تڏھن ته ھو اڃان تائين ڪنھن آخري ڳالھ جي اوسيئڙي ۾ چمڪن ٿا ۽ سندن اکيون ڌرتيءَ ڏانھن کُتل ھجن ٿيون.
ستارا لقيءَ جا دوست آھن ۽ ڏسن ٿا ته لقي پھاڙن ۾ دفن شھر جي شھزاديءَ لاءِ پٿر پٿر کان پڇيو ھوندو، پر جڏھن آخري ڀيرا ايندا آھن ته الاءِ ڇو ديد جي ديوانگي پنھنجو نور وڃائي ويھندي آھي تڏھن ته پھاڙُن جي دفن شھر ۾ ھوءَ لقي کي نه ڏسي سگھي ھئي ۽ ھن شھر جي معززن اڳيان ”نه“ جو ناٽڪ پيش ڪيو ھيو ۽ ھُن پھاڙن جي شھر کي پنھنجي مرڪ ۾ ھميشھ لاءِ دفن ڪري ڇڏيو ھيو. لقي جنھن کي انتظار چُڳي سندس زري زري کي گُجيءَ ۾ لاھي رھيو ھيو، تڏھن ھوءَ بدلجي چڪي ھئي، ائين جيئن موسمون بدلبيون آھن. محبوبه جي موسمن وانگر بدلجڻ کان پوءِ به لقيءَ جون اکيون، سندس وجود ۾ ڪڏھن ڪڏھن ھورا کورا جو ڪَنڊائون جھنگل بڻجنديون رھنديون آھن. لقي چاھيو ھيو ته ھوءَ لقيءَ جي اکين سان، پھاڙن ۾ دفن شھر کي ڏسي ھا، جنھن جي ھر پٿر تي ھڪ گھُٽيل سَڏُ ھيو، ھڪ اڻ اظھاريل صدا ھئي ۽ اڻ ڳڻيا ٿڌا شوڪارا، پٿرن کي برف ڪري رھيا ھيا. ڪاش! لقي پٿرن کي نپوڙي سگھي ھا، شھر جي ديوارن تي سياسي ڪارڪن بڻجي محبت جا مبھم نعرا لکي سگھي ھا، پر ھو ائين نه ڪري سگھيو ۽ پٿرن جو شھر پٿر ئي رھيو.......(ھلندڙ)
لياقت رضوي جڏھن پٿر نپوڙي نه سگھيو، ته نِرڙ ھٿ ڏئي ھن جي احساسن مستقبل جي پيچرن تي پنڌ ڪيو، ھلندو ويو، ھلندو ويو ۽ اچي اتي بيٺو جتي بي ثمر اميدن سندس آجيان ڪئي. ھوءَ پنھنجي مڙس سان گڏ، سياري جي موسم لاءِ سوئيٽر خريد ڪندي، ان سوئيٽر جي رنگ تي اداس ٿي وئي ھئي، دڪاندار جي ڪاروباري مرڪ تي ھُن جي مڙس کي شڪ پيو ھيو، پر سندس مڙس کيس گھرائي سان ڏسي نه سگھيو ھيو. ھُن جي گھرائي لاءِ رڳي لقيءَ جون اکيون خلقيل ھيون، اھا عشق جي بدنصيبي چئجي يا روايتن جا الميا جو عشق سان انياءَ، انسان جي سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ تاريخ رھي آھي، جنھن تاريخ تي تمام گھٽ لکيو ويو آھي، اھا ئي اصل تاريخ آھي انسان جي! عشق جي تاريخ!! جنھن کي ڪوئي محقق ملي نه سگھيو آھي.
لقي جي ھٿ ۾ المين جون ڀَريون آھن، ھو ان قانون ۾ قيد آھي، جنھن ۾ سندس ملڪ قيد آھي، يڪسانيت آھي، وڇوڙن جي ڪا نواڻ ڪانھي، ملڻ جي ڪا انوکائپ ناھي ۽ نه ئي آھي ڪجھ نئون، ھڪ ٻئي کي قتل جون وارڌاتون به ھڪ جھڙيون آھن، سڀ ڪجھ ھڪجھڙو! صدين جو پنڌ به ڪجھ بدلائي ناھي سگھيو. ائين لقيءَ جي پنڌ ۾ ٽين جون اچي وڃي ٿي، ھن دفعي ٽين جون بي رحم ۽ تلخ آھي، پر لقي گھٻرائي نه ٿو، لقي وٽ چمين جي تاريخ ذھن جي سيني تي اڪريل آھي، ٽين جون به بي قابو چميءَ جو ڏينھن آھي، ان ئي ڏينھن تي سمنڊ ۽ ناراض نِھارون لقيءَ کي گھيري وٺن ٿيون، ان ڇڪتاڻ ۾ ڪنواري ڇوڪري وانگر ڄامشورو ڏڪندو رھي ٿو، ٽين جون ۽ لقي وڏا وڏا ٽھڪ ڏين ٿا پر ٽھڪ درد جو دفاع نه ٿا ڪري سگھن. ٽھڪ مون کي ڪنھن نئين ڌُن ۾ ڳايل درد جو ساڳيو ڪلام لڳندا آھن!
لقيءَ جي نظمن ۾ سندس زندگيءَ جي پيرائتي ڪٿا آھي، آءُ سندس احساسن جي اذيت ته نه ٿو ماپي سگھان پر سندس احساسن جا پير ليِڪي رھيو آھيان، لقيءَ جا نظم پڙھڻ کان پوءِ لڳي رھيو آھي ته آءُ عشق جو پيري آھيان، ڪنھن بي ضَرر ٻار وانگر، دروازي جي سيِرُن مان، ڪمري جا ڀاڪر ڏسي رھيو آھيان، شرميلين اکين جو ريجُ به منھنجي اڳيان آھي، ڇاتيءَ تي ڏنل ھٿ ته ھٽائي نه ٿو سگھان،پر تڪڙن ساھن جي خوشبو دروازي جي سيِرن مان مون ڏي ڊوڙندي ٿي اچي. اھو سڀ ڪجھ لقيءَ جي نظمن سيکاريو آھي، لقي جا نظم منھنجي الائي ڪانئين ڪلاس جا استاد آھن، جيڪي سڀ ڪجھ پڙھائي ۽ سيکاري رھيا آھن. لقي مون کي انھن استادن حوالي ڪري ھڙتال جي ڏينھن تي سنسان رستن تي رلي رھيو آھي، سڀاڻ سندس محبوبه ونواھ ۾ ويھندي، لقي کي خبر آھي ته سندس محبوبا جو ڊرائينگ روم روشينين ۾ ٻڏل رھندو، دھل جي ٿاڦ تي ڪنوارا ھٿ رقص ڪندا، لاڏن جي وراڻن تي غير شادي شده آواز شرميلين خوشين ۾ ويڙھجي ويندا ۽ ھوءَ مووي ڪئمرا ۾ رڪارڊ ٿيندي ويندي، پر ونواھ کان اڳ سندس چپن تي ڏنل چمي، ڀاڪر ۽ سڪي ويل ڳوڙھن جو پاڻي رڪارڊ نه ٿي سگھندو. ڪاش! سائنس ڪا اھڙي ڪئمرا ايجاد ڪري، جيڪا ماضيءَ کي رڪارڊ ڪري سگھي، ۽ ڪري سگھي رڪارڊ، اھي چميون جيڪي پٿرن جي شھر ۾ سدائين لاءِ سينٽرل لائبريري جي ڪتابن ۾ لڪي وينديون آھن. رڪارڊ ٿين ٿيون ونواھ جون روايتون، لائون ۽ لاڏا جن روايتن کي سڀ ادا ڪن ٿا ۽ جن لاڏن کي سڀ ٻڌن ٿا! ٿڌن ساھن جي خوشبو ۽ پھرين چميءَ واري لڄَ بس قيد ٿئي ٿي عاشقي جي اک ۾ ۽ پوءِ عاشقي جون اکيون سدائين دوزخ بڻيل رھن ٿيون، شھيد ٿيل محبتن جو ڪو رڪارڊ نه ٿو ھجي، اھو ئي وڏو رھزن الميو آھي عشق جي تاريخ جو!
لقيءَ کي ”ڪورٽ ڪوبين“ جي خودڪشي ياد اچي ٿي ۽ ھو ھڪ نظم لکي وٺي ٿو، ممڪن آھي ته ”ڪوبين“ جي خودڪشي جو ڪارڻ سندس محبوبه جو ونواھ ۾ ويھڻ نه ھيو، ھو پنھنجي شاعري کي ھڪ موسيقار جي حيثيت سان سر ڏئي پئي سگھيو پر ھن ائين نه ڪيو ۽ خودڪشي ڪري ڇڏيائين. خودڪشي پرامن احتجاج جي آخري حد آھي، لقيءَ ان احتجاج جو سوچيو ھوندو، پڪ سان ارادو به ڪيو ھوندائين پر ”ڪوبين“ وانگر وٽس شارٽ گن نه ھئي ۽ نه ئي لقي پنھنجي پيڙا کي پاڻ وانگر يتيم ڪرڻ ٿي چاھيو، تنھنڪري ونواھ جي ويل کيس خودڪشيءَ جو خيال ته آيو پر ھن نظمُ لکي پاڻ ريجھائي، وڇوڙن جي واٽ وٺي، پنڌ شروع ڪيو ۽ ھلندي ھلندي ظالم سيارو به اچي ويو.
سياري جي شروعات سان ئي لقي پنھنجي ننڊ چانڊوڪيءَ جي الماريءَ ۾ رکي ڇڏي آھي ۽ ھو اوڄاڳي جي خوابن جي ذيادتيءَ کي ڀوڳي رھيو آھي، اوڄاڳن ۾ به سندس محبوبه جي ذيادتين جون يادون آھن. لقي سوچي ٿو ۽ طئي ڪري ٿو ته چمي سمنڊ جو ٻيو ڪنارو آھي ۽ بارش ۾ وھتل وڻن کي ھوا ڇيڙيندي آھي، سامونڊي پکين جي اڏار تي سمنڊ جي لھرن جا ٽھڪ ٻڌي ٿو ۽ ڪوئل جي بدن کي ھوا جي پاڻيءَ سان وھنجندي ڏسي ٿو، ڪوئل کي پر ڦڙڪائيندي ڏسي ٿو ته کيس ائين لڳي ٿو جو ڄڻ تون وار سڪائي رھي آھين، اجھو بلڪل لقيءَ اڳيان بيھي! لقي درياءَ جي سموري بي چيني پرکي وٺي ٿو، کيس لڳي ٿو ته غرق ٿيل جھازن کي سمنڊ پنھنجي حفاظت ۾ وٺندو آھي..... زندگيءَ جو جھاز وقت جي سمنڊ ۾ ترندو آھي ۽ وقت جڏھن طوفاني بڻبو آھي تڏھن چمي سچ به ته سمنڊ جو ٻيو ڪنارو بڻجي پوندي آھي. آءُ ڏسان پيو ته لقيءَ جا چپ ڄڻ ته صدين کان سُڪل آھن ۽ اسان اھو ڇو نه ٿا سمجھون ته ھر چميءَ جا نشان الڳ الڳ ٿيندا آھن، سڀئي چميون ھڪ جھڙيون ناھن ٿينديون، ڪي چميون سمنڊ جو ٻيو ڪنارو ته ڪي وري سمنڊ جو گھَرو پاڻي!!
لقيءَ جا چپ ڳالھائڻ لاءِ به سڪي ٺوٺ ٿي ويا آھن، ھو خاموش ٿي ڪنھن تلخ نظم لکڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ اچي ويھي ٿو اسٽريٽ لائيٽ جي ان پول ھيٺان، جيڪا لائيٽ سموري زماني کي چتائي ڏسي رھي آھي، تنھا کجيءَ جو پاڇو ڦٿڪي رھيو آھي، ماڻھو ننڊ جون آڱريون چوسيندا ٿا رھن ۽ لقي اوڄاڳي جي تاريخ جا دروازا ڇنڊيندو ٿو رھي. اوجاڳن جي تاريخ تي شايد ئي ڪنھن تحقيق ڪئي ھجي!؟ اصل تاريخ ته اوجاڳن جي تاريخ آھي، جنھن ۾ رڳي جنگيون ناھن پر اوسيئڙي جا تڙپندڙ ٻچا به آھن ته وڇوڙن جون شھيد ٿي ويل مقدس ميتون به! وڇوڙن جي معصوم ميتُن جا تڏا ناھن وڇايا ويندا ۽ نه ئي ڪو وڇوڙن جو قبرستان جڙندو آھي، وڇوڙن جا پوئنير نه ٿيندا آھن.. (ھلندڙ)
منھنجي خيال ۾ نه پڙھيا ويندڙ خط انساني تاريخ ۾ تمام گھڻيا لکيا ويا آھن، ڪنھن دل جي سيني تي احساسن جي لھو کي مَسُ بڻائي، نئوڪدار ريھُن سان لکيو آھي ته ڪنھن وري پنن جي پُرزن تي لکيل لفظ لفظ کي اندر جي اُڌمن سان خطن جي ٽُڪَ واري رِلي ٽڪي آھي، جيڪڏھن عاشقي جي خطن جا ڪتاب ڇپائجن ته ڌرتيءَ جيڏي لائبريري جُڙي پوي. لياقت به نه پھچي سگھندڙ ۽ نه پڙھجي سگھجندڙ ڪيئي خط لکيا آھن. ھڪ نظم ۾ دانھن ڪري ٿو ته ” ھڪ خط
جنھن کي ڪڏھن به نه پڙھيو ويو آھي،
ھڪ لڪير
جنھن کي ڪنھن ڪو نه ڪڍيو
ھڪ وڻ
جنھن ڪڏھن به آسمان ڪو نه ڏٺو
۽ ھڪ دل
اکين جي اوٽ ۾ سھڪندڙَ
منھنجا ھمسفر آھن
بي ڪنار نديءَ ۾
مان بنا ٻيڙي آھيان
۽ خواھشن جون مڇيون مون لاءِ
سرمئي ڄار اُڻنديون ٿيون رھن.
”لقي! تنھنجي خطن کي بنا پھچڻ جي پڙھيو ويو ھيو ۽ ھڪ لڪير به ڪڍي وئي ھئي، باقي وڻ کي آسمان ڏٺو الائي نه ان جي خبر ناھي پر تنھنجي دل تنھنجي ھمسفر آھي ۽ عشق جي ندين کي ڪنارا نه ٿيندا آھن، نديون ته عشق جا ڳوڙھا ٿينديون آھن، جيڪي ڳلن تان رستا ٺاھي، عشق جي آخري سرحد ڏانھن سفر ڪنديون آھن، تنھنجي خواھشن جون مڇيون ڀلي تنھنجي لاءِ ڄار اُڻين پر تون عاشق آھين، اھو ڄار به تنھنجو سُونھون ٿيڻو ھيو پر الاءِ ڇا ٿيو ھوندو، جو عشق جي اڏيءَ تي ڪنڌ رکي ڇڏيئي! انتظار جو مزو گھٽ ھيو ڇا! ڪرين ھا!“.
۽ پوءِ لقي ڏينھن کي به اخبار سمجھي ٿو، ائين آھي به! اخبارن کي پڙھون ٿا ته المين جي الٽي ڏياريندڙ اڌوري تاريخ پڙھڻ لاءِ ملي ٿي ۽ ان تاريخ تي اڳتي ھلي اسان سڀن کي پڇتائڻو آھي، اخبارن جي تاريخ ھڪ ڏينھن جي تاريخ آھي، جنھن جو ماضي ۽ مستقبل اوندھ جي اڻ کٽ گھَٽي آھي. سو لقي ان اخبار کي ڪمري جي ڪنڊ تي اڇلي، مس سنڌ يونيورسٽيءَ تي سوچي ٿو، اداسيءَ جي ڪاريڊور ۾ ھوءَ اڪيلي ناھي، ھن جون ڳالھيون گلن جي پاڙ ۾ خوشبو اُڻين ٿيون، آرٽس فيڪلٽي جي ڪنھن يتم ديوار وٽ، گھڻو پري ھڪ اڪيلو شخص ھُن جو پورٽريٽ لڳائڻ ٿو چاھي پر اھو غلط آھي. لقي ئي اھو اڪيلو شخص آھي، جيڪو تنھائي جي ديوار کي ٽيڪ ڏئي بيٺل آھي. ھو بيچين ڏينھن جي ڪناري تي پنھنجي جاگرافيءَ ۾ وڃايل پنھنجي تاريخ ڳولھي ٿو ۽ سوچي ٿو ته سزا جي ڏينھن ۾ پارڪن جا گل ڪومائجي ويا ھوندا، کنگھ جي سمنڊ ۾ ٻڏل ٻيڙي پاڻيءَ ۾ ڌپ ڪري وئي ھوندي، ھن موت لاءِ آٽو گراف ته لکيو آھي پر کيس پنھنجي جاگرافي نه ٿي ملي. اھو ئي ته الميو آھي جو محبت جي نديءَ جي جاگرافي ناھي ٿيندي، محبت لاحد کان به اڳتي جي سرحد آھي، يا سرحد کان به آجي، جيڪا خيال جي پرواز سان سموري ڪائنات جو سير ڪرائي ٿي. شاعرن کي وڻ ۽ پکي وڻندا آھن، تڏھن ته ھو انھن سان ڪچھرين مان ناھن ڍاپندا، عشق جو اھو ئي ته ڪمال آھي جو ھو ڪنھن سڪل لان جي ڇٻر تي به احساس جا سَنيھا ڇڏيندو آھي ۽ گلن جي خوشبو به ساڻس ڳالھائيندي آھي، ھو جواب ۾ صرف نياپا ڏيندو آھي ۽ اھي نياپا ڪڏھن وڏن وارن جي ٺھيل موڙي ۾ موتيا بڻجي ڏسڻ لاءِ ملندا آھن. گل عاشقيءَ جا استاد ٿيندا آھن...
مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته شاعري ڇا آھي؟ لفظن جي ترتيب يا انھن جي خوبصورت ادائيگي! مون کي لڳي ٿو شاعري عاشقي جي آڪسيجن آھي، شاعري عشق کي جنميو آھي يا عشق شاعري کي، اھو سوال ايترو سئولو ناھي. لقيءَ جا نظم به ان جو جواب نه پيا ڏين، ٿي سگھي ٿو اڳتي ھلي لقيءَ جو ڪو نظم ان سوال جو حتمي جواب ھجي پر مون کي لڳي ٿو ته عشق ان حسين واديءَ جو روح آھي، جتي ” نه ڪا جھل نه پل، سڀڪا پسي پرينئن کي“ وارو جھان جڙيل آھي. عشق جي اھا وادي شاعري جي وادي آھي، جيڪا سڏي ٿي انھن سڀن کي جيڪي شاعر آھن، سنگيتڪار آھن، جن جي نِڙِيُن ۾ الستي آواز مصنوعي زماني ۾ گھُٽيل ۽ ٻوساٽيل آھن. دنيا جو ڪو به عشق ناڪام ناھي، بس ڪي عاشق پنھنجي محبوب کي ان واديءَ ۾ وڄي، محبت جي سنگيت ڇيڙڻ ۾ ڪامياب ويندا آھن ته ڪي مصنوعي سماج جي وھشي روايتن جي وات ۾ ھليا ويندا آھن. ڪاش! ھي دنيا شاعرن جي وادي بڻجي پوي ته ھوند گھاٽن جھنگن ۾ دليون نه پوکجن، پکي پنھنجي آکيرن ۾ خواب رکي سگھن ۽ سمنڊ شام جي ڪناري تي پنھنجي ٿَڪَ جي ڇَوَ لاھي سگھي. پر اھو في الحال ممڪن ناھي، ريتن، رسمن، روايتن، عقيدن ۽ معتبرائي جي موھ ۾ ماريل ھي دنيا شاعرن جي وادي ايترو تڪڙو بڻجي نه سگھندي ۽ عاشق پنھنجون دليون جھنگلن ۾ ئي پوکيندا رھندا. لقيءَ جو به اھو ئي الميو آھي جو ھن دل جھنگل ۾ پوکي آھي ۽ پاڻ سمنڊ ٿيو ويو آھي، لفظ کيس ٿَڪائين ٿا ۽ ھوءَ جڏھن کلندي کلندي خاموش ٿي وڃي ٿي ته اداسيءَ جي آڳند تي عشق پنھنجا گل پوکي ٿو. اداسيءَ جا آڳند پھاڙن وانگر ٿيندا آھن ۽ پھاڙن سان پاڻي ھميشھ ڪاوڙيل رھندو آھي، بارش جون بوندو نه ھجن ھا ته پھاڙون سڀ مري وڃن ھا! پھاڙن جو موت جوڳين جا پير وڍي ڇڏي ھا ۽ پوءِ لطيف جي عدم وارو پنڌ به اڌورو رھجي وڃي ھا! سچ ۾ شابس آھي بارش کي، جا برسي ٿي ۽ رامڪلي جا جوڳي ھَڙُون مٿن تي کڻي، عاشقيءَ جھڙا پنڌ ڪن ٿا. عاشقي جنھن جي وجود جو آسڻ عدم آھي، ناھ آھي، پاڻ وڃائڻ آھي، انا جو انت آھي.... انا جو موت محبوب جو ظھور آھي ۽ پوءِ عاشق جو گھر عدم آھي ۽ عدم تي پنڌ ڪندي ھن مصنوعي دنيا جي دردن لقيءَ کي به لھو لھان ڪيو آھي، ھو ھڪ دروازي واري گھر ۾ رھي ٿو، ھي عشق جو دروازو آھي جيڪو لقي صرف پنھنجي محبوب لاءِ کولڻ جي آسرن ۾ ھٿ اُڀا ڪري ويٺل آھي، في الحال ان دروازي تي بي رحم جدائي جو ڪلف لڳل آھي. لقي سوچي ٿو ته ” ھوءَ ايندي ۽ دروازي جي ڪُنڊيءَ کي ڇھندي ۽ ان دروازي جي چوائنٺ اجنبيت جي عذاب مان آجي ٿيندي... پر اڃان ائين ٿيو ناھي، تنھنڪري اھو دروازو صرف لقيءَ جو استقبال ڪري ٿو.......“ (ھلندڙ)
ھوءَ آئي الائي نه سا ته خبر ناھي پر لقي جڏھن پاڪ روح جو ترانو ڇيڙيو ته عشق ندي بڻجي، سمنڊ ڏانھن طويل مسافت شروع ڪئي، عشق آتش به آھي ته بنا وڻ ٽڻ جي، ڌرتيءَ جو خاموش ميدان به، جنھن تي بارش جون بوندون ڪڏھن ڪڏھن برسنديون آھن، پر ڪو ٻوٽو ناھي ڄمندو، عشق حوا ۽ آڳ به آھي ته عشق زندگيءَ جو ھڪ اھڙو ساز به، جنھن کي ڇيڙڻ سان وجود جا وڻ وڄي ويندا آھن. عشق جون ڪيئي تشريحون ٿين ٿيون ۽ ڪڏھن عشق تشريحن جي جاگرافين کان گھڻو اڳتي لاحد جا پيچرا به ٿي پوي ٿو ۽ لقيءَ جي نظمن ۾ عشق جون عجيب تشريحون آھن، جن کي پڙھي ائين ٿو محسوس ٿئي جو ڄڻ ته لقي کي عشق جو شارح ڪري موڪليو ويو ھيو، عشق جي ڪا لغات نه ٺھي سگھي آھي جو آءُ اھا پڙھي لقيءَ جي عشق واري آسمان جون دريون کولي سگھان.
ھو ڪاوڙيل دل جي ڇانوَ ۾ پنھنجي تنھائي تان دستبردار ٿيڻ جو سوچي ٿو ته ھڪ بي رحم ۽ لذيذ جستجو کيس وڪوڙي وڃي ٿي ۽ سندس اکين ۾ عبادت گھرن اندر پاليل نفرت تاريخ جو طويل سفر ڪرائي ٿي، ھاڻ ھو سزا جي جاگرافيءَ ۾، ڪراڙي زمين جي ڪک جا اھي رنگ ڏسي ٿو، جن رنگن مان ھر ڪنھن جا جھنڊا رڱيل آھن، ھو بيوسيءَ جا بار کڻي، دوريءَ جي دل ۾ دفن ٿيل دل سان مخاطب ٿئي ٿو جتي محبت کيس ھڪ اڻ دريافت ٿيل سَيارو محسوس ٿئي ٿي. لقيءَ جي سامھون سڀ ڪجھ آھي پر سندس محبوبه ناھي، ھو سوچي ٿو ته سڀ ڪجھ بدلجي ويندو آ، لقيءَ جي خاموشيءَ کي ڪتي جي ڀئونڪ زخمي ڪري وجھي ٿي ۽ سندس عمر پھاڙن ۽ عمارتن ۾ ورھائجندي وڃي ٿي، ھو عمر جي سخاوت، بي اختياريءَ جي اس ۾ اڇلائيندو وڃي ٿو ۽ ھو جنھن کي ھڪ قدم سمجھي ٿو سو ھڪ قدم ناھي، طويل مسافتن جو اڻ کٽ سلسلو آھي، جتي زندگيءَ جا پل خزان جي پنن وانگر ڇڻندا رھن ٿا ۽ لقي پنھنجي محبوبه کي وسارڻ جا ڪيئي بھانا جوڙي ورتا آھن پر جڏھن نائين تاريخ جو چنڊ اڀري ٿو ته لقيءَ جي زندگيءَ جي وڻن جون ڊگھيون قطارون ان ۾ ٻه پاڇا کيس وري ياد جي جھنم ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا. لقي نه گھُريل دعائن ۾ دفن ٿي وڃي ٿو ۽ سورج سندس محبوبه کان لقيءَ جو پڇي ٿو پر سندس محبوبه سورج کي ائين ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏي ٿي جيئن لقيءَ کي ڪندي ھئي.
لقي سوچي ٿو ته شاعري درد جي تاريخ ۽ سونھن جي جاگرافي آھي، خبر ناھي ته شاعري جي اھا آخري تشريح آھي يا اڃان ڪي ٻيون تشريحون اچڻيون آھن؟ پر بھرحال آءُ لقيءَ جي ان تشريح سان في الحال متفق آھيان. لقيءَ جي نظمن جا عنوان مونکي شاعري جا شھيد ٿيل ٻچا لڳن ٿا ۽ آءُ انھن شھادتن کي بس نثر ۾ لکندو ٿو وڃان. عشق جي سموري تاريخ ته شايد ڪڏھن به لکجي نه سگھجي پر پوءِ به لقيءَ جي نظمن کي نثر جو روپ ڏيئي، گھٽ ۾ گھٽ لقيءَ جي عشق جي تاريخ سھيڙڻ جي ته ڪوشش ڪري سگھجي ٿي! اھا ڪوشش ڪيتري ڪامياب ٿي رھي آھي سا خبر مون کي نه آھي پر في الحال لقيءَ لاءِ وري آگسٽ جو مھينو اچي ويو آھي، آگسٽ رڳي لقيءَ کي نه ڏڪايو ھيو پر ھن خطي جي سموري تاريخ کي ڪنبڻي وٺي وئي ھئي. آگسٽ مھيني رڳي ڪبير جي دوھن کي اوپرو نه ڪيو ھيو پر سڀ ڪجھ اوپرو ۽ الڳ ٿي ويو ھيو، اتي آگسٽ مھيني لقيءَ جي دل تي به انوکي تاريخ لکي ھئي، جنھن ۾ لامحدود بيوسي ھئي، جيڪا جاري آھي.
مشڪل شاعري جي شروعات ۾ لقي پنھنجن ئي لفظن اڳيان تيز ڊوڙندو ٿو وڃي، توڙي جو شاعري ڇو نه ھجي پر عاشق جي ھر احساس کي بحر وزن ۽ ڪافيو ڪٿي ملي سگھيو آھي؟ شايد احساسن جي پورڻتا لاءِ لقيءَ نظمن جو سھارو ورتو آھي ته جيئن پنھنجي احساسن جي اُپٽار ڪري سگھي، پر وري به گھڻو ڪجھ رھجيو وڃي، شايد عشق جي نمائندگي لاءِ اڃان ڪا ٻولي مڪمل طور ايجاد نه ٿي سگھي آھي، سو اسان کي درد جي سرحدن کي بس سمجھڻ جي ئي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
”جي ھا لقي! اميدون به ڪو شڪاري جانور آھن! تڏھن ته تون ڏَسُ ڏيندي پاڻ کي خالي ھجڻ جو اعلان ڪرين ٿو. جي بلڪل لقي! تو وٽ ڪجھ به ڪونھي! لاحاصل محبتون گھمندڙ ڦرندڙ خودڪشيون ھونديون آھن! نھار ڪر! ڪيترا جيئرا لاش گھُمي رھيا آھن!! موت رڳي قبر ۾ دفن ٿيڻ ٿورئي ھوندو آھي!؟ چرندڙ وجودن لاءِ به ھيءَ دنيا بنا ڪُتبي واري قبر وانگر ھوندي آھي. آءُ سمجھي سگھان ٿو تنھنجو درد، جنھن جي ڪُلھن تي خودڪشي ڪيل مَيتون پيل آھن، ڪا ميت تَمنا جي مُرڪ واري موٽ ۾ گھُنڊ وڌل اکين جي ميت آھي ته ڪا وري خوش فھميءَ ۾ مبتلا ڪندڙ ٽھڪن جي ميت، ٿڌن ساھن ۽ شوڪارن جي خود ڪشين جا لاش به آھن، ته وري انھن خودڪشي ڪيل پيرن جون ميتون به آھن جيڪي سينٽرل لائبريري جي چوٿين فلور تائين گھليون ويون آھن“.
پر پوءِ به لقيءَ کي ھُن جي پلڪن ڇنڊڻ وارو منظر سموري ملڪ جي ڪاوڙ ڇنڊڻ جھڙو لڳي ٿو، عجب آھي! لقيءَ وٽ وقت جو ميرانجھڙو درياءُ وھندو رھي ٿو ۽ ھو وري به خواب جي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي وڃي ٿو. خوابن جا به عجيب الميا آھن! جڏھن جاڳ ٿئي ٿي ته ھڪ حسناڪ غمگيني وقت جي تيز رفتار گاڏيءَ وانگر گذري وڃي ٿي. وقت جو گذرڻ چاھتن جو پوڙھو ٿيڻ آھي الائي نه پر زندگيءَ جي مٿي تي ڪارا وار موڪلائي وڃن ٿا ۽ اڇا وار ڏکن جي آخري ھڏڪي بڻجي، ڇڻندا رھن ٿا. شايد تڏھن ته ڪراڙو آسمان صدين کان ننگي زمين کي تڪيندو ٿو رھي، جنھن جي ڪک ۾ لقيءَ جي قبر بانبڙن کان پوءِ ھاڻ وکون کڻي رھي آھي.
تاريخ واقعي بي رحم آھي ۽ محبت تيز بارش ۾ ڊھي ويل قبر آھي، تاريخ جي سيني تي ڪيئي ڪتبا پنھنجي پنھنجي قبر تلاش ڪري رھيا آھن، ڪتبن جي ڳولا جو سفر شايد لقيءَ وانگر سدائين جاري رھي، ڇاڪاڻ ته تاريخ واقعي بي رحم آھي جو لقي جيڪو پنھنجي محبوبه جي ياد جو ھڪ پورو ڪتاب آھي پر ان کي سندس محبوبه نه ٿي پڙھي، شايد ھُن ھاڻ لقيءَ جي ياد جو ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ھجي پر ڪھڙو فائدو!؟ ھاڻ ته اھو ڪتاب گھڻو پراڻو ٿي چڪو آھي.......( ھلندڙ)
”اھو سچ آھي ته تاريخ ھڪ انڌي مالدار عورت آھي، خالق ته اسان جي شھ رڳ کان به ويجھو آھي پر اسان خود پنھنجو پاڻ کان پري آھيون، تڏھن ته ڪو قتلام اسان جي گھري ننڊ جا تاڪيا نٿو ڦاڙي سگھي“. ” لقي! سچ چيو اٿئي تاريخ جا قتل رڳي جاگرافين تي ناھن ٿيا پر ” ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيھين جون“ به ٿيون آھن. مون کي ھڪ ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته شاعري جو موضوع اڪثريتي طور تاريخ جي انڌي مالدار عورت ئي ڇو رھي آھي!؟ ان سوال جو جواب ڪڏھن اوھان کان روبرو وٺندس“.
لقي جڏھن ماضيءَ کي ياد ڪري ٿو ته کيس، ڪپڙا لاھڻ کان اڳ شڪ جو شڪار ٿيل، دل جو دھڪو محسوس ٿئي ٿو، پر مجاز جي موھَ ۾ سندس محبوبه سڀني سرحدن کي پار ڪري وٺي ٿي. خوف جي گھاٽن ڪڪرن ۾ رڳي شڪ جون شڪار ٿيل دليون ناھن ٿينديون، پر وصال جي ڪنڌ تي ڪيئي سماجي قدرن جون تراڙيون لٽڪيل ھونديون آھن. ھاڻ لقيءَ جي دل شام جو آکيرو بڻجي پئي آھي ۽ سندس دل ۾ سموري دنيا خنجر وانگر لھندي ٿي وڃي، پر اوچتو جڏھن ڪا اجنبي کيس گھوُري ٿي ته لقي ڪنھن ڪٺل ڪڻڇيءَ جيئان ڦٿڪي پوي ٿو ۽ سندس سمورو ھانءُ ٿرٿلو ٿي وڃي ٿو. لقيءَ ڏٺو ته شرم کان يا خوف کان ھوءَ ڪنڌ جھُڪائي ھلي ٿي،پر ھن کي پڙھڻ کان پوءِ ڪو به پنھنجي مَستي دريافت ڪري سگھي ٿو. لقيءَ اوشوءَ جي موت تي اکيون پوري ويٺل، ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي احساسن کي پڙھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سمجھي ان ڪري به نه ٿو سگھي جو اوشو خود به چوندو ھيو ته ”موت اوس اچڻو آھي ته پوءِ ان کان خوف کائڻ ڪيتري نه ڪم عقلي آھي، بس! ميسر زندگي خوشين سان جيئو، اھڙيون خوشيون جيڪي اوھان کي ھڪ اھڙي دنيا ۾ وٺي وڃن، جتي پيار جا سڀئي تجربا ڪري سگھو“. اوشو کي لقيءَ چڱيءَ طرح سان پڙھيو ۽ ٻڌو آھي، تنھنڪري خوبصورت ڇوڪري جڏھن پنھنجي بوٽ جون ڪَھيون کولي ٿي ته موسم ھن جي پيرن ۾ وڇائجي وڃي ٿي ۽ لقي اھي سڀ منظر چڱيءَ طرح سان ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو.
لقي فورٿ ڊائمينشن بڻجي ھڪ خيال کي پوڙھو عقاب سمجھي ويھي ٿو، طبعي عمر ڇڏي جيڪڏھن خيالن جي دنيا جو دورو ڪجي ته انھن جي پرواز سدا جواڻ رھي آھي. خيال جي اضافيت خيالن جي تجربن جو ئي نچوڙ ٿئي ٿي، مان حيران آھيان ته جڏھن لقي ھي نظم لکيا ھيا ته ٿري ڊي جو تصور نه ھيو، ھا البته رياضي جي اضافيت جا قانون گھڻا پراڻا ھيا، رياضي ته فلسفي جي به اڻت ڪئي ھئي پر شاعري جي تجريد کي فورٿ ڊائمينشن ۾ کڻي وڃڻ لقيءَ جو ڪمال ئي چئجي، ٽِن ڏسائن مان لقي چوٿين ڏسا بڻجي پوي ٿو. تجريدي دنيا جا سير ڪري لقي پاڻ کي ڳولي ٿو ۽ جيڏانھن ڏسي ٿو، اتي ھو پاڻ سان ئي ملي ٿو. انساني شعور جي ڪائنات ۾ ھڪ اھڙو مرحلو ايندو آھي جتي سڀ ڪجھ پاڻ بڻجي ويندو آھي ۽ اھا ڪيفيت پنھنجي ميزبان چونڊي، انھن جي مھمان ٿيندي آھي، لقي به ان مرحلي تي پھچي ھڪ شاندار ميزباني ڪري ٿو، جتي ھو پنھنجي ناسمجھي کي ڳولڻ لڳي ٿو.
شاعريءَ جو روح سرتيون ۽ ڌرتيون رھيون آھن، لقيءَ سان به ان روح جي ياري آھي. ھن مٿان ديس به محبوبه وانگر ڇانيل رھي ٿو. مان سمجھان ٿو ته لقيءَ وٽ جيڪڏھن ديس جو درد نه ھجي ھا ته ھو خودڪشي ڪري ڇڏي ھا، پر ھو ديس جي ڳوٺن تي نھار ڪري ٿو ته کيس اھي ڳوٺ معصوم ٻارن وانگر لڳن ٿا، جن جي اکين ۾ اسڪول وڃڻ جا خواب برف ٿي ويا آھن. لقي اڪيلاين جي ملڪ جو رھواسي آھي، جتي ياد کانئس رُسي وئي آھي ۽ ھو بڻجي پيو آھي ھڪ اھڙو سمنڊ، جنھن کي خودڪشي جي الزام ۾ گرفتار نه ٿو ڪري سگھجي. لقي پنھنجن آڱرين کي ڪپڻ جو سوچي ٿو ته شام سندس اکين ۾ ٻرڻ لڳي ٿي ۽ اُٻھرا خيال کيس گھيري وٺن ٿا. سوچي ٿو ته ”نمائش جي ڏينھن ڇوڪريون پينٽنگس کان وڌيڪ خوبصورت ٿيڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن، سورج تڙڪي جو ڪئنواس آڻي رکندو آھي پر لقي برش گھُمائي نه سگھندو آھي“. ھن جو سفر انوکي انت جو سفر آھي ۽ انوکي انت جا ڏاڪا لھندي، ھو جڏھن محبوبه کي ڏاڪڻين تان لھندي، سندس لوڏ ڏسي ٿو ته مرڪي پوي ٿو ۽ کيس لڳي ٿو ته اھا لوڏ لقيءَ جي عاشقانه ليکي ۾ اچڻي آھي. عشق خوشفھمين جو اُڻيل انوکو ڄار ئي ته آھي......
لقي سال جي پڄاڻيءَ تي سج کي الوداع نه ڪندو آھي، بس سال جو آخري نظم لکي ڇڏيندو آھي، 1994ع جي پڄاڻيءَ تي ھن لکيو ھيو ته ”زمين منھنجي عمر مان اک ڪو نه ڪڍندي آھي“ جي ھا! شايد زمين پنھنجي جھوليءَ ۾ ستل ٻار سان عشق ڪندي آھي، جنھن کي اسان موت سمجھندا آھيون. لقيءَ جا نظم رڳي زندگيءَ جو اظھار ناھن پر لقيءَ جي نظمن ۾ وڻن جي رقص سان گڏ انھن جو ماتم به آھي ته ڀاڪرن جي خوشبو سان گڏ وڇوڙن جي وڍن مان ٽمندڙ لھو به آھي. ھو جڏھن وقت کي لَھرُن ۾ ڏسي ٿو ته ” چانڊوڪي ۽ شھر آڳ ۾ جلن ٿا“، ۽ وري ياد جي ٻيڙي تي سوار ٿئي ٿو ته کيس محبوبه انوکو سمنڊ محسوس ٿئي ٿي جيڪا کيس ڪڏھن تاري ٿي ته ڪڏھن ٻوڙي ٿي. گوتي مان گوتا کائيندو لقي جڏھن ساھ کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته زندگي کيس پوڙھي کجيءَ جي وڻ جھڙي لڳي ٿي، جنھن وٽ ڇانوَ بنھ ٿوري آھي ۽ لڪيءَ کي گھاٽي ڇانوَ ۾ ٿڌي ھير جي ضرورت آھي.
لقي جڏھن شاعري جي آئيني ۾ ڏسي ٿو ته کيس بنا سج جي ڪيئي اولڙا محسوس ٿين ٿا، اولڙن جو اجھاڳ پنڌ پچائي ٿو ته پنھنجو پاڻ کي آخري حد محسوس ڪري ٿو جتي کيس دردن جي اڃ لڳي ٿي ۽ ھو دردن جي گُھر ڪندي، اکين مان چاندني چونڊڻ چاھي ٿو پر جڏھن ھو ننڊ جو اسڪيچ بڻجي ٿو ته کيس خوابن جي وادي وارائي وڃي ٿي. اسين خواب ڏسون ٿا ۽ گمان جي دنيا ۾ ائين ٿو لڳي ته اسان ڪنھن ھستيءَ جو خواب آھيون، سنسار خواب آھي ۽ اسان ان خواب جا اھي ڪردار، جيڪي خوابن جي طلسم ۾ پنھنجي جادوءَ جو ڪردار ادا ڪري، تاڙين جو انتظار ڪريون ٿا. لقيءَ کي اھا ڳالھ الائي ڇو سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته اسان خواب آھيون ۽ خوابن جون حقيقتون ڀيانڪ ٿينديون آھن. خواب ڪيترو به حسين ڇو نه ھجي پر جاڳ ان کي ھميشھ شھيد ڪري ڇڏيندي آھي ۽ خوابن واري لاڳيتي ننڊ ڪنھن جي به وس ۾ نه آھي... (ھلندڙ)
لقيءَ جي شاعريءَ ۾ جتي ڏينھن، ڏڪندڙ نھار ڪن ٿا ته اتي دوستي به ڪنھن پکي جو نانءُ بڻجي ٿي وڃي، پر جڏھن محبوبه جي اک کيس اُڻڻ لڳي ٿي ته ھن کان بي اختيار نڪري وڃي ٿو ته ” تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“. اُڻتِ جي ان دنيا جا منظر ئي پنھنجا ھجن ٿا. لقي اسُرَ جي ھيرَ ۾ وھنجڻ لڳي ٿو، سانجھيءَ کان سُھماڻِيءَ تائين وِصلَ ۾ ويڙھجي، سنجوڳ جي ڪائنات مٺِ ۾ ڪري وٺي ٿو. کيس شايد پھريون دفعو احساس ٿئي ٿو ته محبوب جي اکين جي، ڪارين ماڻڪين مٿان جيڪو پيار جي پاڻيءَ جو تَھُ ٺھي ٿو سو تَھُ ئي سموري ڪائنات آھي. اکيون! جن جو ڪو دين ڌرم ناھي ٿيندو، شايد سي اکيون ئي ڪائنات جا دروازا ٿين ٿيون. جيڪو اکين جي عاشقيءَ جو شڪار ٿيو سو بس ائين اُڻجي ويو، جيئن ٽُڪ جي رِليءَ جا رنگين ڪپڙا، سَنھيءَ سُئيءَ سان گھاٽن ٽوپن ۾ اُڻجي ويندا آھن. لقيءَ جو ٿَڪُ چُڳِجِي وڃي ٿو ۽ حيرانگيءَ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ته وصال جي خوشبو بس رات جي راڻيءَ وانگر سمورو بدن مَھڪائي، ڏينھن ٿيڻ کان ٿورو اڳ موڪلائي ڇو ٿي وڃي؟ ھو سوچي ٿو زندگي بس سُمھڻيءَ کان اَسُر تائين جي رات ھجي، خوشبو ھجي تڪڙن ساھن جي، رات جي راڻيءَ جي، اوجاڳا ننڊ بڻجي پون، ڀاڪُرن جي ڀيڙ ۾ وجودي ھيڪڙائي جي سنگيت ڇِڙي پوي. الميو اھو آھي ته ائين ٿيڻ ممڪنات جي قيدي سرحدن کان به گھڻو اڳتي جي ڳالھ آھي. جڏھن لقيءَ جي اک اُڻي ھئي ته سندس محبوبه جي مرڪ پَري جو ساحل ته بڻي ھئي پر ان ساحل جي تکين لھرن لقيءَ کي لُڻيو ھيو. اونھي اسرار جي ويجھو پھچي ڪنھن بي معني تڪرار جي ويجھو به پھتو ھيو پر ان وقت لقي پنھنجي چپن جو در ٻوٽي ڇڏيو ھيو ۽ پوءِ باک کي پوئتي موٽڻ جو چيو ھئائين پر ھو موٽي نه ھئي ۽ لقيءَ جي اک اُڻبي رھي ھئي.
اھڙي حسين وارتا کان پوءِ ظاھر آھي ته آڪٽوبر جو موت اوس ھيو ۽ پوءِ لقي پاڻ کي رات اڳيان ائين پيش ڪيو ھيو جيئن ڪو باغي پنھنجي بغاوت تان دستبردار ٿيندو آھي. ھاڻ لقيءَ لاءِ خوابن جي دنيا پاڻ تائين محدود ناھي، ھو پوپٽ جي خوابن جو پيڇو ڪري ٿو، پکين جي خوابن پٺيان ڊوڙي ٿو ۽ ندين جي خوابن کان وٺي ٻيڙين جي خوابن سان به گڏ زندگيءَ جي پاڻيءَ تي تارو بڻجي تري ٿو. ھاڻ لقي ۽ چنڊ جي ياري ٿي وئي آھي، شاعر چنڊ سان ياري ڇو رکندا آھن؟ وارو سوال مون کي ڪڏھن به سمجھ ۾ نه آيو آھي پر لقي چنڊ سان وڻن جي جھڳٽن مان ملاقات ڪري ٿو، چنڊ ئي لقي اڃان ڳالھ ئي نه ٿا شروع ڪن ته پَن ڇڻ سندن ڪچھريءَ ۾ رخنو وجھي ڇڏي ٿو ۽ ھو فنا واري انا جي ور چڙھي وڃي ٿو، جتي لازوال وقت جي نديءَ ۾ اڃان طوفان ناھي آيو ۽ ياد جو سمنڊ اڃان ماٺو آھي تنھنڪري لقيءَ جي اندر ۾ الائي ڪيترا خيال آٺِرجي ويا آھن.
اھو عجيب الميو آھي ته فنا جي انا وجود جا چَپ سبي ڇڏيندي آھي، ٽھڪ ۽ لڙڪ طويل ننڊ جو ويس بڻجي پوندا آھن پر رات، جا وصال لاءِ خلقي وئي ھئي، ان کي ڏينھن فراق ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. رات ۽ ڏينھن ھڪ ٻئي جا جاني دشمن آھن، ھزارين سالن کان ڪنھن کي به آخري فتح ناھي ملي سگھي، ائين جيئن عشق جي فلسفي جو سُٽ سلجھڻ کان پوءِ به اُلجھيل رھي ٿو. انسان جو الميو ئي اھو آھي ته ھو آسمان کي سڏيندو آھي ته زمين سمنڊ بڻجي پوندي آھي ۽ جڏھن ھوائنن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته خواب جبل بڻجي پوندا آھن ۽ اھو سڀ ڪجھ ناھي ٿيندو جيڪو انسان چاھيندو آھي! لقي ته وري غضب جو شاعر آھي، جڏھن ان جي پنڌ تڪميل جي سڙندڙ شھر مٿان گذر ڪيو ھوندو ته ان سان ڇا وارتا ٿي ھوندي!؟ جليو ھوندو بس! ۽ ائين لقي پنھنجي شاعري ۾ جلندي جلندي ھڪ غمگين جزيرو بڻجي ويو آھي، جتي تاريخ جي سوڙھي گھٽي لقيءَ جي ملڪ کي رھڙي رھي آھي. ھو ازل جي اک جو اھو ٽھڪ ڳولي ٿو جنھن لاءِ ڪائنات خلقي وئي ھئي، ڳولا جي ان سفر ۾ لقي صوفي بڻجي انتظار جو جوڳ پچائي ٿو، صبر جي ماڪ مٿائنس پوندي رھي ٿي ۽ ھو لطيف جي رامڪلي جو بيت بڻجي پوي ٿو.
ھاڻ ھو سَتَ سِٽن ۾ موسمن جي اچڻ ۽ وڃڻ کي ڏسي ٿو، ماڻھن جي پھرين ۽ آخري پنڌ تي اکيون کُپائي ٿو پر سمجھي نه ٿو ۽ ٿڪجي به نه ٿو ۽ کيس لڳي ٿو ته ھو آدمي آھي. جي ھا! زندگي ڪا انفراديت جي اک ته ناھي جو ڪائنات ڪنھن ھڪ قبر جو ڏيک ڏئي، ھڪ طرف قبرون کوٽجن ٿيون ته ٻي طرف ماءُ جي جھولي ھونگڙين سان ڀرجي وڃي ٿي. اھي ھونگڙيون وڏيون ٿي ڇوڪري بڻجي پون ٿيون ۽ ھڪ پورو نسل چنڊ کي ڏسي ڀونڪڻ سکي وٺي ٿو، ڪتن واري صرف اڌ رات جي اوناڙ جو احترام ڪري سگھجي ٿو، باقي سندن لاڳيتو ڀونڪڻ ڪنھن کي پسند اچي سگھي ٿو!؟ تنھنڪري لقي ان آسمان کي ڏسي ٿو جيڪو پکين جي اڏام جو ميدان آھي، زمين لقيءَ جي نگاھن واري جاگرافيءَ کان ننڍي آھي، شاعر جون نگاھون ھونئن به آسمان کي سوراخ ڪرڻ جي خواھش رکنديون آھن، اڳتي ڇا آھي؟ ڇو آھي، ڪيئن آھي؟ ڪنھن لاءِ آھي؟ وارا سوال رڳي صوفين ۽ فلسفين جا سوال ناھن پر اھي سوال شاعرن جي سڀ کان اول آھن جو شاعري سنگيت جي ماءُ آھي. سمورو سنسار جيستائين سمجھ ۾ اچي اوستائين ته سنگيت لڳي ٿو. سمنڊ جو لھرون ڪو گيت چون ٿيون، ته واچوڙا جھُمر ھڻن ٿا ۽ وڻ؟ وڻن کي جڏھن ھوا جي سنگت ملي ٿي ته انھن جون ٽاريون ٻانھو بڻجي، اُڀ طرف کڄي صوفيءَ جو سوز لڳن ٿيون. سڀ ڪجھ شاعري آھي، سرُ سوز شاعريءَ جا ٻچا آھن، جن جي پالنا جي ڌرتي شاعر جي روح تي پٿاريل آھي. لقيءَ جو روح شاعريءَ جو حسين غاليچو آھي، جنھن تي بانسري وجود جي وارن کي اڀو ڪري ڇڏي ٿي.... (ھلندڙ)
”متان“ جو لفظ اُڊڪن جو لفظ آھي، گُمان جو لفظ آھي ۽ ممڪن _ناممڪن جي وچ تي بيٺل اھو آسرو جيڪو شاعري جو اڪثر موضوع رھيو آھي، شاعري عاشقي جي زبان آھي تنھنڪري عاشق ”متان“ جي طويل مسافت جي پنڌ جو راھي ھوندو آھي، لقي به اھڙو پنڌ ڪندي نامڪمل تمنائن جي ڌٻڻ ۾ پنڌ ڪندي سوچي ٿو ته متان سندس اکيون ڪوئي ڪُن ٺاھي وجھن، متان پوري ڪائنات ھڪ تماشو ھجي. ائين ”متان“ جي گمانن ۾ لڙھندڙ لقي ڪل جي جدول به ٺاھي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته سموري دنيا سندس جسم جي قيدي آھي ۽ پوءِ انسان جي قدر تي سوچيندي اندر ۾ ڳالھائي ٿو ۽ چوي ٿو ته رحمدل فطرت بي رحم ماڻھوءَ جو موضوع آھي، مونجھارن ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ اھا ڳالھ وساري ويھي ٿو ته ماڻھو به ٻين ھزارين جيوتن سان گڏ ھڪ جيوت ئي آھي بس! فرق رڳي اھو آھي ته اسان کي ٻين جيوتن جي شاعري سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ممڪن آھي ته باک ڦٽيءَ جو جھرڪين جون ٻوليون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ڪا وائي ھجن، ڪو گيت ھجن، ڪو دوھو ھجن.
لقيءَ نيٺ سائنس جي ڪسوٽيءَ تي پنھنجي ماجرا ماپڻ ٿو چاھي، ھي ته سندس خواھش ئي آھي ته ”محبت ماڻھن لاءِ جمھوريت ٿي وڃي“، ھو شمسي نظام کي فرض ڪيل سمجھي ٿو ۽ سائنس کي ان جو عاشق سڏيندي، نتيجن کي بنھ ڏور ڏسي ٿو ۽ زندگيءَ کي اُٻھرن ٽھڪن جو تشبيھون ڏئي ٿو. لقيءَ جون اکيون اُڻيل آھن، عشق جي سنھي سئي سان، سو جيڪو چوي سو نيبھُ اٿس! مٿان وري شاعر آھي ته سندس خيالن کي باز جا پر ڇو نه لڳن! ھو پنھنجي پرواز کي ويڙھڻ جو مشروط اعلان ڪري ٿو، چوي ٿو ” جڏھن رمندا بادل پِڙُ ڪڍي بيھي ويندا، پکي آسمان کان وڇڙي ويندا، لفظ پنھنجي معني ۾ فنا ٿي ويندا، تڏھن مان پنھنجي پرواز ويڙھي ڇڏيندس“. ڇا اھو ممڪن ٿي سگھي ٿو؟ مون کي نه ٿو لڳي، تنھنڪري انتظار ڪرڻ بھتر رھندو.
لقي تاريخ کان بي پرواھ ننڊ لاءِ نظم لکي ٿو، جن نظمن جي روح ۾ لمحي لمحي جون قيامتون آھن، فلسفي جھڙا پيچيده سوال ۽ سائنس جھڙي حقيقت جا تجربا! چنڊ جي لاتعلقيءَ تي سُستيءَ لاءِ به نظم لکي ٿو ته پنھنجي آزاديءَ کي قيد محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ کان ڪيئي سوال ڪندي پڇي ٿو ته ” ڇا مان سمجھان ٿو ته مان سمجھان ٿو؟“ ھي شاعري جو فلسفو آھي، جيڪو لقيءَ نظمن جي مالھا ۾ پوئيو آھي ۽ اکيون سندس اھم موضوع آھي، اکين ۾ ڪڏھن اُنجي وڃي ٿو ته ڪڏھن انھن ئي اکين ۾ ڇا آھي؟ جا سوال کڻي مختصر لفظن ۾ عشق جي ھزارين سالن جي تاريخ کي سھيڙي وٺي ٿو. ھو پاڻ کان پري رھي خدا جي ڪاميابيءَ کي يقيني سمجھي ٿو. وقت گذري ٿو يا لقي پر کيس احساس ٿئي ٿو ته ھن عرصي کان ڪنھن جي به انتظار جو جھنم ناھي ڀوڳيو نه ئي ڪنھن لاءِ ٿڌو ساھ ڀريو آھي نڪو ڪنھن کي ياد ڪيو آھي، ھو رُنو به ناھي ۽ ٽھڪ به نه ڏنا اٿس. ” ائين ٿيندو آھي لقي! ڪڏھن ڪڏھن جلندڙ آڳ، وھندڙ پاڻي ۽ ستارا به گھري ننڊ ڪندا آھن، بلڪه اربين سالن کان اوجاڳن جي ماريل ڪائنات کي اھو حق ملڻ گھرجي ته ھوءَ به ننڊ ڪري، ھڪ اھڙي ننڊ جنھن ۾ ڪائنات جو بدن لاش وانگر لڳي، سو توکي به لقي! ساھ پٽڻ گھرجي، ڪياڙيءَ کان ٻانھن ڏئي اکيون پورڻ گھرجن، چھري جي چوانٺ تي بيھي رھڻ گھرجي! ٻي صورت ۾ تنھنجن سمورن خيالن، تحرڪن ۽ پنڌن جي ايبارشن ٿي پوندي ۽ تون ”تنھنجي اک اڻي ٿي مونکي“ جھڙا نظم نه لکي سگھندين! لقي تون نظمن جو ترجمان آھين، نگھبان آھين ۽ انھن نظمن جو جياپو ڪڏھن ڪڏھن تنھنجي ”ڪجھ به نه ڪرڻ“ ۾ آھي“.
لقي کل جھڙيون ڳالھيون به ڪري ٿو، بلڪل انھن ماڻھن وانگر جيڪي پھريون ڀيرو خدا تي سوچيندا آھن ۽ کين اھا خبر ناھي ھوندي ته خدا تي سوچي نه ٿو سگھجي. لقي پوري زندگيءَ تي نگاھ وجھي ٿو ته تيز ھوائون ۽ اداسي کيس اھا نگاھ ڏيڻ جو بھانو بڻجي وڃن ٿيون، جنھن سان ھو پنھنجي سموري زندگيءَ کي يڪمشت ڏسي سگھي ٿو، جي ھا! شاعر وقت کي قيد ڪري سگھن ٿا، يا وري ان کي بيھاري سزا ڏئي سگھن ٿا. خواب خالي کيسن جي پيٽ ۾ ڄمندا آھن، اھي کيسا عشق جا ھجن يا پئسن جا! لقي ڀلي اکين تي خواب لکي يا انھن کي آسمان پڙھي پر خواب کيسن جا خبر ناھي ڪھڙا پُٽ آھن؟ حلالي يا حرامي؟ اھا خبر ضرور آھي ته کيسو مسئلن جي جڙَ آھي. چُمي اسپرم جو رقص آھي ۽ ڀاڪر اسپرم جي ڳولا جو گھر، ڪيئي اسپرم ٻار جو روپ وٺڻ کان اڳ مري ويندا آھن، تنھنڪري انساني قتلام جي تاريخ اھا ناھي، جيڪا اسان کي پڙھائي وڃي ٿي، موجود ۽ مري ويل انسانن کان به وڌيڪ انسان مئا آھن جن جي تاريخ لکڻ لاءِ ڪا پَھر ناھي بچي. ھر چمي اسپرم کي جاڳائڻ جو سڏ آھي، وعشيه ۽ محبوبه جي وچ ۾ به بس کيسي جو فرق آھي، باقي اسپرم جو نسل ٻنھي لاءِ ساڳيو آھي. کيسي جي حقيقتن کي شاعري جو ديوان گھُربل آھي.
”جي لقي! بلڪل درست، سڀ ڪجھ ساڳيو آھي، خوف دماغ جي رسولي آھي تڏھن ته تنھنجي نظم جو شھر ننڍڙي ٻار وانگر ڊنل آھي، ڪرفيو ته رياست جي ھجن وارو احساس ڏيارڻ لاءِ آھي سو چمي، ٽھڪ ۽ گيت سان ڪرفيو ٽوڙي شام کي لباس بڻائي پھري ڇڏ! سچ ٿو چوين، ڳولا جو ڪو انت ناھي، ڏس تنھنجا آبشارن کي ڏنل ٽھڪ پھاڙن سان ٽڪرائجي شديد زخمي ٿي پيا آھن ۽ تنھنجي چمي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي ۽ تنھنجا نظم تنھنجن اعترافن جون اڻ کٽ ڪٿائون آھن، شڪارين انھن پکين کي ماري ڇڏيو آھي، جن کي تو پنھنجا گيت ڏنا ھيا، شام جي لباس کي به ليڙون ليڙون ڪيو ويو آھي، تنھنجون ڳالھيون وڃائجي ناھن ويون پر ڪٿي لڪي ويون آھن، ڳولين ته ڪوئي چورائي نه وڃي... ھي دنيا چورن جي آھي، ڀريل کيسن جي آھي، چميون، ٽھڪ ۽ گيت وڪامن ٿا، بازار جا اگھ کيسو طئي ڪري ٿو! ھا کيسو جنھن جو وات سدائين اُڀ ڏانھن ڦاٽل ھجي ٿو، ان کيسي کي بَکيا ھڻي بند نه ڪبو تيستائين نظمن جي شھادت ٿيندي رھندي،شاعري جا لاش ڳجھون کائينديون رھنديون ۽ رات جي بدن تي بي ھودن ٽھڪن جي بي سُري سنگيت دماغ جون اُلٽيون ڪرائيندي رھندي“ ...... (ھلندڙ)
لياقت رضويءَ جي نظمن جي ڪتاب ”تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ تي ھي ڏھين قسط لکي رھيو آھيان، دل گھري ٿي ته لقيءَ جي شاعريءَ مان ھڪ طويل ناول لکان يا وري ڪھاڻين جو ڪو ٿلھو ڪتاب! لقي جي شاعري سنڌي ادب لاءِ ڪيئي ناول ۽ ڪيترين ئي ڪھاڻين جا موضوع کڻي اچي ٿي، ھو سُتل تخليق کي جاڳائي ٿو ۽ ڪيئي عنوان آڇي، ليکارين کي چيچ کان وٺي اھو ٻڌائي ٿو ته ” ھي اڻ ڇُھيا عنوان پنھنجي اظھار لاءِ تڙپي رھيا آھن. آءُ سندس نظمن جي ڪتاب تي ھيءَ آخري قسط لکي، بھرحال اھو طئي ڪريان ٿو ته لقيءَ جي شاعريءَ مان ڪيئي عنوان کڻي لکندس، خبر ناھي اھو ڇا ھوندو؟ ڪھاڻيون ھونديون يا ناول! پر لکندس ضرور جي زندگي مھلت ڏني ته.... اڃان اڌ کان وڌيڪ نظم منھنجي ھنن ڏھن لکڻين کان رھجي ويا آھن، آخري قسط ان ڪري لکان ٿو جو ڪتاب تي ڪتاب لکڻ واري روايت عجيب لڳي ٿي.
لقي زندگيءَ جو شاعر آھي، فطرت جو شاعر آھي، آزاد شاعر آھي، قيد کي به آزادي جو روپ ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ٻولي اظھار ۽ تشبيھن جو بادشاھ آھي، ھن جي شاعري من جي ستل احساسن کي جاڳائي ٿي ۽ وٺي وڃي ٿي ھڪ اھڙي دنيا ۾ جتي سڀ ڪجھ آھي، درد جون سڀئي صورتون ۽ خوشيءَ جا مختصر پل به آھن ته وڇوڙن جا وڍ به! ميلاپ جي مستي به آھي، سو لقي تمام گھڻو تفصيل گھُري ٿو.
تنھنجي اک اُڻي ٿي مونکي“ ۾ سندس ھڪ طويل نظم آھي، جنھن کي ھو ”تون“ جو عنوان ڏئي ٿو، مونکي ھميشھ” تون“ وڻندي آھي، ”مان“ کان نفرت اٿم، ”مان“ آھي به نفرت جھڙي، جنھن انساني وقار جون سسيون لاٿيون آھن، ”مان مان“ ۽ ”تون تون“ انساني تاريخ جو ڀيانڪ الميو رھيو آھي، پر پيار ۾ ڀلا ڪو ”تون “ جو نعم البدل آھي ڇا؟ ”تون“ جو پنڌ جڏھن سفلتا ماڻينديو آھي تڏھن ” پاڻ “ جو روپ ڌاريندو آھي ۽ جڏھن سڀ ڪجھ ”پاڻ“ بڻبو آھي ته اتان کان ھيڪڙائي جي واديءَ ۾ پيار جي پالوٽ ٿيندي آھي ۽ اھو سڀ ڪجھ لقيءَ جي نصيب ۾ ھيو الائي نه! لڳي ٿو ته انسان جون بدنصيبيون ئي کيس شاعر بڻائينديون آھن. لقي پاڻ بڻجڻ کان اڳ ” تون“ جي تنوار ۾ چئي ڏنو آھي ته ” تون پنھنجي ناراضگي کڻي ٿي اچين ۽ مان پنھنجي مرڪ کڻي ٿو اچان، لقيءَ جي ”مان“ ”پاڻ“ ٿيڻ جو پنڌ آھي. ” تون“ نظم ۾ لقي ڄڻ ته ڪيڏارو ڇيڙي ٿو، آسرو اٿس ته سندس محبوبه جي اکين ۾ نيٺ ته عشق عقاب وانگر لھندو ۽ لقيءَ جو بدن جھنگل بڻجي پوندو ۽ پوءِ ھوءَ ڪنھن طوفان وانگر ايندي ۽ لقي سمنڊ وانگر سندس آڌرڀاءُ ڪندو... پر ائين جڏھن نه ٿو ٿئي ته لقي ستارن جا رستا ياد رکندي ٿڪجي پوي ٿو پر ڳولا نه ٿو ڇڏي، سندس اندر جو آئينو لقيءَ جي تلاش ۾ ڀٽڪي رھيو آھي ۽ لقي وري اڪيلائي کان ڀڄي رھيو آھي. اڪيلائين جي ڊوڙ ۾ اوچتو لقيءَ جي محبوبه اچي ٿي وڃي ۽ لقي حيران ڪندڙ خوشيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، شام پنھنجو رنگ وڻن کي اوڌارو ڏئي ٿي ته لقي محبوبه جو بدن کولي ٿو پر ھو اجنبين وانگر ورتاءُ ڪري ٿي.
ننڍي کنڊ جو عشق ڇا اذيت آھي؟ جي نه ته شاعري جي ھن کنڊ جا موضوع اڪثريتي طور ڪيڏارو ڇو آھن؟ ڪٿي ائين ته ناھي ته تصوف عشق جي ناڪامين جو فلسفو آھي؟ ننڍو کنڊ صوفي آھي، ڀلي پاڻ کي سڏائي نه سڏائي پر سندس سمورو ورتاءُ تصوفي آھي، ھي شاعري جو کنڊ آھي ۽ شاعري درد جي بيوھ ماءُ آھي. برصغير جو سينو عشق جي ٽٽل دل سنڀالي جي رھيو آھي. گھوڙن جي ھڻڪارن ھن کنڊ جي شاعري کي رھڙيو آھي، ڪيئي دوھا ۽ وايون پنھنجي اظھار کان اڳ مُيون آھن، مونکي الائي ڇو شاعري بيوھ ماءُ جي ننڌڻڪن ٻارن وانگر لڳندي آھي! مان غلط ٿي سگھان ٿو پر ڪاھُن ۽ آھُن جا آواز ننڍي کنڊ جون وايون نه آھن ڇا ڀلا؟ دنيا جا ٻيا کنڊ جنگين جا کنڊ آھن پر ننڍو کنڊ لشڪر ڪشين ھيٺ لتاڙجندڙ کنڊ آھي. لقي مون سان اتفاق ڪري يا نه پر پنھنجن آخري نتيجن ۾ لقيءَ جي شاعري به ريھُن ۽ دانھُن جي صدائن سان ڀريل آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌا ساھ صوفين ڀريا آھن، لقي صوفي ھجڻ جو دعويدار ناھي پر سندس شاعري گيڙو سُنگن جي سرواڻي ڪري رھي آھي. لڳي ٿو لقي سنڌو ڪناري ويدن لکجڻ مھل موھن جي پتڻ تي ويٺو ھيو ۽ پوءِ گھڻو دير سان ڄامشوري جي المنظر وٽ اچي، پٿرن سان عشق جي ابتدا ڪئي ھئائين.
آءُ لقيءَ جي شاعري جي انتھا تائين پھچڻ جو ساھس ساري نه ٿو سگھان، شاعري جي ڪا انتھا نه ٿيندي آھي تنھنڪري ڪير به شاعري آخري سرحد تي پھچي نه ٿو سگھي پر سھڪندي سھڪندي جيترو به لقيءَ جي شاعري پويان ڊوڙيو آھيان ته مون کي جھنگلن، خوابن، ندين ۽ سمنڊ سان ڪچھري ڪرڻي پئي آھي. لقيءَ جي شاعري جي جنھن به ڪنڊ تي پھتو آھيان اتي حيرتن جي دنيا ڏٺي اٿم، سمورا پوپٽ شھر بدر ٿي وڃن ٿا، چانڊوڪي مُنجھيِ ٿي پوي، چنڊ جي مسڪراھٽ کي بادلن جي چادر ويڙھي وٺي ٿي ته لقيءَ جي ڪائنات ڏڪي وڃي ٿي، بلڪل ائين جيئن تاريخ جي ھر جنگي دور ۾ برصغير ڏڪندو رھيو آھي. اجنبي سمنڊ کي لقي ڪنارن سان ويرھائي ٿو ۽ بيوقوف چنڊ کان آسمان جي ٿالھيءَ مان کِلَ ھارجي ٿي وڃي. لقي چوي ٿو” تون پنھنجي سيني جي آسمان تي ٻه چنڊ سنڀالي ٿي رکين، جيڪي منھنجي خواھشن جي سرزمين جي لاءِ رڳي اونداھي لکندا ٿا رھن“.
لقي پنھنجي نظمن ۾ ڪمال جي انتھائن تائين پھچي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏھن شاعري کي انسانن جي دماغ مان رھڙي (جيئن طاقت ھميشھ چاھيو آھي) ڪڍي ڇڏجي ته ڌرتيءَ جو ھي گولو، ڪاري دونھين سان ڀرجي وڃي ۽ پوءِ ڌرتي، پراڻي بڙ جي وڻ ھيٺان، قطعي ننڊ نه ڪري سگھي. سو لقي! ”تون رڳي انسانن جو شاعر ناھين! نه ئي رڳي عشق جو! تون ته شاعر آھين، ندين جو، وڻن جو، ھوائن جو، سمنڊ جو، جھنگلن جو، خوابن جو، اوجاڳن جو، ڳوٺن جو، شھرن جو ۽ فطرت جي انھن سڀن لقائن جو جن کي اڃان تائين ڪنھن عنوان نه ڏنا آھن، تنھنجي شاعري کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ان اک ۽ دماغ جي ضرورت آھي، جيڪي فطرت جي گوناگونيت جو پيڇو ڪري سگھن“. لقي! ”سچ ته تون ڪمال جو شاعر آھين!. وڃ! ۽ وڃي فطرت جي زري زري ۾ انتظار ڪندڙ عنوانن جي وارثي ڪر! تون شاعريءَ لاءِ پيدا ڪيل آھين، آءُ تنھنجي شاعريءَ تي تنھنجي شاعريءَ جيترو ۽ جھڙو نه ٿو لکي سگھان، آءُ شاعر ناھيان!“. ......(ختم)