• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڊ ۾ گگ وھڻ!

شر نعيم

فعال رڪن
ننڊ ۾ گگ وھڻ Salivating in sleep


رات جو منھن مان گگ وھڻ گهڻن سان لاحق رھي ٿو جنھن ڪري گهڻن کي شرمندگي جو منھن ڏسڻو پوي ٿو پر سائنسدانن مطابق اھا خوش آئند ڳالھ آھي. سائنسدانن مطابق جيڪي ماڻھو پرسڪون سمهن ٿا ۽ انهن جا خواب مثبت نوعيت جا ٿين ٿا تہ ننڊ دوران انهن جي منھن مان گگ وھڻ شروع ٿي وڃي ٿي.
ننڊ مان گگ وھڻ جو مطلب آھي تہ ننڊ جو ابتدائي مرحلو ٺھ پھ نظري تحريڪ Rapid eye movement سڏين ٿا جيڪا بغير ڪنھن رڪاوٽ جي پوري ٿئي ٿي. ھي علامت ظاھر ڪري ٿي تہ توھان جي ننڊ ۾ ڪابہ خرابي ناھي ۽ توھان جو جسم ۽ دماغ ننڊ مان ڀرپور مزو وٺي رھيا آھن. ماھرن مطابق جن کي ننڊ دوران گگ نٿي وھي انهن کي اڪثر ننڊ ۾ شڪايت رھي ٿي. انهن ماڻھن جو شمار انهن ماڻھن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پوري ننڊ سان نٿا سمهن يا پرسڪون ننڊ ڪرڻ کان قاصر رھن ٿا.
 
Back
Top