جعلي ڊگريون، پارليامينٽ ۽ جمهوريت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جعلي ڊگريون، پارليامينٽ ۽ جمهوريت​


    حقيقت اِها آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ فوجي آمر جڏهن به اقتدار تي آيا آهن اُنهن پنهنجي مفادن مطابق هتي رياستي، سياست ۽ سموري سماج جي ترتيب اهڙي طريقي ڪئي آهي جو رياست وڌ کان وڌ غير جمهوري ۽ جبر جو اوزار ثابت ٿي ۽ اهو اوزار هر اُن عوامي قوت جي خلاف استعمال ٿيو جيڪا قوت عوامي حمايت سان اڳتي وڌي آهي يا اُها مروج نظام ۾ عوام جي ڪا بهتري چاهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هتي جمهوريت عوامي سياست ۽ جمهوري قوتون ڪو استحڪام ئي حاصل نه ڪري سگهيون آهن انهن جي خلاف مسلسل ڀنڊيون ٻاريون ويون آهن ۽ سازشن جي اهڙي اُڻت ڪئي وئي آهي جو اُهي گهڻو عرصو صحيح طريقي اقتدار تي حڪومت به نه هلائي سگهيون آهن.

    ايوبي آمريت، ضيائي ۽ پوءِ مشرفي آمريتن پنهنجي پنهنجي طريقي عوامي قوتن ۽ جمهوري قوتن کي يرغمال پئي رکيو آهي ۽ اُنهن بي ڊي سسٽم بنيادي جمهوريت کان وٺي هر قسم جو ڌنڌو ڪيو آهي. مشرف جڏهن اِهو محسوس ڪيو ته سياسي قوتون هن جي حڪومت کي پارليامينٽ ۾ اچي سوڙهو ڪنديون ان ڪري گريجوئيشن جو شرط لاڳو ڪري هڪ طرف سياسي قوتن لاءِ پريشاني پيدا ڪئي وڃي ۽ پراڻا تجربيڪار پارليامينٽرين پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍيا وڃن. هي هڪ آمر جو آمريتي فيصلو هو جنهن کي ڪورٽن ۾ چئلينج ڪيو ويو ٻي فرد واحد سموري آئين ۾ ترميمون ڪري اُن کي گهڻو بگاڙي غير جمهوري ڪري ڇڏيو. هن وقت حالت اِها آهي جو انهيءَ بليڪ ميلنگ واري قانون کي وري هڪ هٿيار طور استعمال ڪندي اُهي ئي غير جمهوري قوتون پنهنجي نئين راند مچائي چڪيون آهن ۽ اِها راند هن وقت هڪ خاص مرحلي ۾ پهتي آهي. اِهو مرحلو ايترو ڏکيو ٿي ويو آهي جو هاڻ جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ ويٺل نمائندن ۾ جعلي ڊگرين وارن ميمبرن جو تعداد چڱو خاصو ٿي وڃي ٿو جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته اُهي هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ آهن ته پوءِ اُهي سڀ سپريم ڪورٽ طرفان نااهل قرار ڏياريا ويندا ۽ نتيجو خود جمهوري عمل جي ناڪامي ٿيندو حڪومت ڊهي پوندي. پارليامينٽ ڊهي پوندي. هن وقت اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته هتي جمهوري عمل کي روڪڻ لاءِ ڊگها پلان ۽ منصوبا تيار ڪيا ويندا آهن ۽ وقت اچڻ تي خود هي جمهوري يا نام نهاد عوامي سياستدان پڻ پريشان ٿي ويندا آهن. در حقيقت جعلي ڊگرين جو معاملو به اهڙو ئي آهي مسلم ليگ (ن) توڙي پيپلز پارٽي هن وقت سُڪ ٿي ويا آهن.

    صدر آصف زرداري جي اهليت واري ڪيس تي جڏهن سخت ردعمل اچڻ شروع ٿي ويو ۽ اِهو محسوس ٿيڻ لڳو ته هڪ ماڻهو کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي تڏهن وري هڪ نئون پتو کيڏيو ويو آهي. اهو پتو آهي مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جي ڊگرين واري مسئلي کي کڻڻ، حڪمران غير جمهوري قوتون هتي اهو نٿيون چاهين ته نالي ماتر جمهوريت به هلي!!!! ان ڪري هنن جي ڀرپور ڪوشش اِها ئي رهندي ته ڪيئن به ڪري پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، اپوزيسن ۽ چونڊيل نمائندن کي ايترو بدنام ڪجي جو آخر ۾ جڏهن هنن جي خلاف غير جمهوريت هجڻ جي الزام تحت يا جعلي ڊگرين جي اشو تحت جڏهن حڪومت جي تڏا ويڙهه شروع ڪئي وڃي ته عوام جي طرفان ڪنهن به قسم جي ڪا اهڙي مزاحمتي پوزيشن نه جڙي ته اهو روڊن رستن تي اچي وڃي يا هو اهو سمجهي وٺي ته پڻ جمهوريت کي هلڻ ئي نٿو ڏنو وڃي ته هن وقت حقيقت اِها آهي ته جعلي ڊگرين جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن کي سوڙهو ڪيو ويو آهي. هاڻ ڇا ٿو ٿئي اهو اڄ جو اهم سوال بڻجي چڪو آهي. حڪومت، پارليامينٽ جي موجودگي به انهيءَ سان مشروط آهي!!!
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: جعلي ڊگريون، پارليامينٽ ۽ جمهوريت

    پيارا ممتاز ڀا هن ملڪ ۾ جمهوريت جو نارو هڻڻ تمام ڏکيو آهي، ڇو ته هتي جمهوريت جي رستي تي ايترا ڪنڊا اڇلايا وڃن ٿا ته انهن کي ميڙيندي حڪومتون عوام جي مسئلن کي حل نه ٿيون ڪري سگهن۔۔۔۔۔۔
    باقي سنڌ سان لاڳاپيل هر ان حڪمران جي حمايت ڪجو جيڪو ويرين جي رستي ۾ ڪنڊو هجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو