آبادي جو ائٽم بم ۽ دنيا جي تباهي! ڌرتي هڪ اهڙو سيارو آهي، جنهن جي زميني واڌ ويجهه نه ٿيندي آهي. ڌرتي جا وسيلا به محدود آهن. پر ڌرتي جي آدمشاري تيزي سان وڌي رهي آهي. آدمشاري شطرنج جي خانن وانگر ڀرجندي رهندي آهي. پر وسيلا اهي ئي آهن جيڪي تيزي سان گهٽجي رهيا آهن. ٻي طرف دنيا طبقاتي نظام ۾ انسان جي خلاف هوس، هٻڇ ۽ غير انساني سلوڪ جي پٺيان ڪاهي پئي آهي. جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته ايندڙ وقت ڪهڙو هوندو انهيءَ جو ڪو تصور ڪرڻ ئي محال آهي. ٿورو سوچيو 5 هزار سال دنيا جي آبادي صرف 50 لک هئي. ڪا سائنسي سهوليت نه هئي. جنگيون، بيماريون ، بک انسان کي تباه ڪري رهي هئي. وسيلا ڪتب استعمال ڪرڻ لاءِ انسان وٽ ڪجه به نه هو. پر انسان فطرت جي ويجهو هو. آهستي آهستي تهذيب وجود ۾ آئي. 15 صدي ۾ جديد دور آيو. مشينون ايجاد ٿيون. ڪو وقت هو جو ماڻهو مليريا ۾ مري ويندو هو. لکين عورتون ويم ۾ مرنديون هيون، ڦٽ ڦروڙي ۾ به ماڻهو ڀوڳيندو هو پر سائنسي دور جي شروعات ٿي. جديد دوائن ۽ سرجري انسان کي صحت عطا ڪئي. سندس جيئڻ جا ذريعا وڌيا. پر ساڳي وقت انسان جي آبادي تيزي سان وڌڻ لڳي انسان ڌرتي تي ڪابه پلانگ نه ڪئي. 1900ع ۾ دنيا جي آبادي هڪ ارب سٺ ڪروڙ هئي. پر صرف هڪ صدي ۾ ڇهه ارب چوڏنهن ڪروڙ ٿي ويئي. يعني تقريبن پنج ارب وڌي ويئي. زمين تي جنگلات ختم ٿيندا ويا. ٻنيون گهٽجي ويون ، باغ ، ميدان، نديون نالا ختم ٿيڻ لڳا. ماحولياتي گدلاڻ تيزي سان وڌي ويئي. هن وقت صورتحال اها آهي ته دنيا جي آبادي 07 ارب 92 ڪروڙ ٿي چڪي آهي جيڪا هن صدي جي آخر تائين 16 ارب تائين پهچي سگهي ٿي. آبادي جو ساليانو وڌڻ جو سيڪڙو هڪ کان مٿي آهي يعني ساليانو 7 ڪروڙ کان مٿي آهي. موت جو شرح 3ڪروڙ 63 لک سالياني آهي توهان سوچيو ته آبادي جي دٻاءِ جي ڪري زرعي زمينون رهاشي علائقن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. پلاٽنگ ، پلازا، فليٽ، اسٽيٽ جو ڪاروبار عروج تي پهچي چڪو آهي. ترقي ياآفته ملڪن اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پلاننگ ٺاهي آبادي کي ڪنٽرول ڪيو آهي. ٽيئن دنيا جي صورتحال بري آهي. اهڙي صورتحال ۾ کاڌ خوراڪ، پاڻي، تعليم، صحت جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. جينيٽڪ سائنس وڌندڙ آبادي کي منهن ڏيڻ لاءِ هائبرڊ ٻجن ٺاهڻ شروع ڪيا جن جي ڪري اصلي کاڌ خوراڪ ختم ٿي ويا. هائبرڊ کاڌا تيزي سان دنيا ۾ متعارف ٿي رهيا آهن ،جنهن ڪري صحت جا تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيڻ لڳا آهن. کاڌن جو ڪرندڙ معيار ترقي پذير ملڪن ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاڪستان به هڪ گهڻ آبادي پيدا ڪرڻ وارو ملڪ آهي. دنيا ۾ پنجون نمبر آبادي پاڪستان جي آهي. جڏهن پاڪستان ٺهيو هو. ان وقت مغربي پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ 37 لک هئي. ٻهراڙي جو تناسب 70 سيڪڙو هو. گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل هئا. پاڻي صاف هو. کاڌا اصلي هئا. هن وقت پاڪستان جي آبادي 23 ڪروڙ آهي. سالياني وڌارو 2.6 سيڪڙو آهي . يعنيٰ تقريبن 75 سالن ۾ 8 پاڪستان آبادي جا ٺهي چڪا آهن. پر پلانگ هڪ پاڪستان واري هلي پيئي. توهان انهيءَ مان اندازو لڳايو ته پاڪستان جا اهم روڊ ساڳيا آهن، ريلوي ٽريڪ ساڳيا آهن. نون روڊن جو ٺهڻ جو سلسو 20 سيڪڙو به ناهي، ساڳي صورتحال صحت ۽ تعليم سان آهي. نجي شعبي جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ واپاري سهولتن مطابق اسپتالون ۽ اسڪول کليا آهن پر انهن ۾ تمام گهڻي رش موجود آهي. سهولتن جي اڻاٺ ۽ روزگار جا موقعا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن جنهن ڪري ٻهراڙين مان ماڻهو لڏي شهرن ۾ اچي رهيا آهن. هن وقت شهري آبادي جي شرح 67 سيڪڙو آهي. جيڪو روز تيزي سان وڌي رهيو آهي. توهان ٿورو غور ڪريو. اهڙِ ي صورتحال ۾ ڪرپشن ، ليڊر شپ نه هئڻ سياست برائي دولت ٺاهڻ جي ڪري پاڪستان جي ٻهراڙين ۾ ڪابه سهوليت ناهي نه روڊ آهن نه اسپتالون نه وري اسڪول آهن . جي آهن ته انهن ۾ جديد سهوليتون ناهن يا وري پڙهائي جو معيار ناهي. سنڌ ۾ آبادي جو دٻاءَ صرف لوڪل آبادي جو ناهي پر ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن جو تمام گهڻو آهي. جيڪي تيزي سان وسيلن تي قابض ٿي رهيا آهن. آبادي جي ڪنٽرول ڪرڻ جي پلاننگ پاڪستان ۾ صدر ايوب جي دور ۾ شروع ٿي هئي. پر جلدي اها پلاننگ پروگنڊه جي ور چڙهي ويئي. ان کان پوءِ ڪنهن به جرعت نه ڪئي. ته آبادي جي ڪا پلاننگ ڪري. هن وقت صورتحال تمام خوفناڪ آهي. سرمايو سڪڙجي چند هٿن ۾ وڃي رهيو آهي. ترقي جا سڀ رستا اميرن لاءِ آهن غربت تمام تيزي سان وڌي رهي آهي. هڪ اندازو آهي ته پاڪستان ۾ 20 لک فقير آهن. 30 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ پيا گهارين. ٻي طرف اميرن جون بستيون الڳ پيون ٺهن. غريبن جو ملڪ الڳ آهي ۽ اميرن جو ملڪ الڳ آهي. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ کاڌ خوراڪ جا ذريعا اڃا گهٽ ٿيندا. زراعت جو بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي. ساليانو ڪڻڪ پيدا ڪرڻ جي شرح ۾ 20 سيڪڙو گهٽائي ٿي چڪي آهي. ساريون پاڻي جي اڻاٺ سبب اڳ ئي تمام گهٽ پيدا ٿين ٿيون. ڀاڄيون اڳ جي مقابلي ۾ گهٽ پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن هائبرڊ ٻجن جي پيداوار نه هجي ها ته هن وقت پاڪستان سخت ڏڪار زده هجي ها. اهو ڏڪار توهان کي اسپتالن، تعليم ۽ روزگار جي کاتن ۾ ملي ٿو جو 2019 جي انگن موجب پاڪستان ۾ رجسرڊ ڊاڪٽر 110000 آهن . جن مان 25000 ڊاڪٽر ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا. ملڪ ۾ 2000 ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي. ملڪ ۾ وڌندڙ نفياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ 7 لک تي هڪ نفسياتي ڊاڪٽر آهي. جيڪو به عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر آهي. هر طرف رش، ماڻهن جو هجوم هر جڳهه تي گهڻائي، هڪ سيٽ جي نوڪري تي لک ماڻهو پهچيو وڃن. روڊن تي ٽريفڪ جو هجوم ڄڻ گاڏين جي برسات پئي هجي. ساليانو 150000 حادثه ٿين ٿا. جن ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مرن ٿا. جڏهن کان موٽر سائيڪل ۽ رڪشو عام ٿيو آهي ٻهراڙين ۾ حادثن جي شرح ٻيڻي ٿي ويئي آهي. هڪ طرف قانون کان بي خبر ، لائسنس کان بغير ڊرائيونگ ، نوجوانن جو وڏو انگ حادثن جو شڪار ٿي رهيو آهي. ٻي طرف پوليس انهيءَ گهڻائي مان صرف رشوت خوري ڪندي دولت ٺاهي ٿي. گدلاڻ ۾ پاڪستان پهريان پنجن ملڪن ۾ آهي. ڪراچي گدلاڻ ۾ پهريون نمبر تي آهي جيتوڻيڪ غريب ترين ملڪ جهڙوڪ ڪانگو، برنڊي، سوڊان، لبيريا، نائجر، افغانستان کان به گدلاڻ ۾ پاڪستان اڳيان آهيان. پاڪستان جي جي ڊي پي جي شرح 4 سيڪڙو آهي. پر روانگي واپار جي مقابلي ۾ برآمدگي واپار تيزي سان وڌي رهيو آهي. تنهن ڪري ڊالر تيزي سان ڪري پيو پاڪستان جي ٺهڻ وقت ڊالرپاڪستاني رپين مطابق 3 رپيا 30 پيسا جو هو جيڪو وڌندو 176 رپين تي پهتو آهي. هڪ طرف ڌن راج ، واپاري مقصدن تي هلندڙ دنيا ٻي طرف آبادي جو دٻاءَ ، صرف ملٽي نيشنل ڪمپنيون عوام کي پيڙهي کرب پتي بنجي رهيون. مجموعي طور دنيا آبادي جو ائتم بم ٺهي چڪي آهي جيڪا ڪنهن پلاننگ کان بغير تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي