• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي ھڪ تنھنجو وعدو وفا ٿي پوي ھا

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
قاتل جھڙيون راتيون، ڏينھن جھڙا ڏينھن
طالب محبت مينھن، ڪڏھن وسن قرب جا.

_

جي ھڪ تنھنجو وعدو وفا ٿي پوي ھا
تہ ڪُجهہ دردِ دل جِي دوا ٿي پوي ھا

رھئين ڪِي نہ ڪڏھين ڪا ھِڪ رات مون وٽ
جي ترسِي پوين ھا تہ ڇا ٿِي پوي ھا...

پُڇان ھا پرينءَ کان مون ڪھڙي خطا ڪئي!؟
مگر ھيءُ بہ ھڪڙِي خطا ٿِي پوي ھا.

دل جو دلبر ھڪڙو، گهڻا تان نہ ڪجن
دل ڏِجي ھڪ کي ڀلي سوين سَڌُون ڪَن
اُھي چِلوِلا چئجن، جيڪي در در لائن دوستِي.


چڱو ٿيو نقابن ۾ سڄڻ تُون تہ آھين
ورنہ قيامت بَپا ٿِي پوي ھا

کڻين ھا نہ خنجر تُون گردن تان قاتل
ڀلي ڌڙ سِسيءَ کان جُدا ٿي پوي ھا

اجايو لطيفيءَ کي پيارا ٿا ماريو
ھِي ازخود اوھان کان جُدا ٿي پوي ھا

تہ ڪُجهہ دردِ دل جي دوا ٿي پوي ھا


ٻول : ناز لطيفي
آواز : استاد فتح علي خان صاحب

 
Back
Top