پيار درياھ آ درياھ بہ لٽجي ٿو وڃي منظور سخيراڻي جي آواز ۾
pyar daryah aa daryah ba latji tho wanje Lyrics - Ustad Bukhari - Manzoor Sakhiari
محبت ٿي موڙي وجهي، رستم رھزن رُڪ
سينگار جا ائنٿرا ٻيلي سانگ بڻايا سُک
سياڻا سمجهو سُڪ ، استاد آھن عشق ۾
__
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان بہ مٽجي ٿو وڃي
حسن آ باز مگر عشق وڏي آفت آ
حسن آ باز مگر عشق وڏي آفت آ
حسن آ باز مگر عشق وڏي آفت آ
پر ٻڌوٿم ڪڏھن بہ باز بہ جهٽجي ٿو وڃي
پر ٻڌوٿم ڪڏھن بہ باز بہ جهٽجي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان بہ مٽجي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان بہ مٽجي ٿو وڃي
ھا مڃان ٿو تہ سڄڻ سڀنين وصفين سونُ اَھِين
ھا مڃان ٿو تہ سڄڻ سڀنين وصفين سونُ اَھِين
ھا مڃان ٿو تہ سڄڻ سڀنين وصفين سونُ اَھِين
پر غضبُ آ جو سچو سونُ بہ ڪٽجي ٿو وڃي
پر غضبُ آ جو سچو سونُ بہ ڪٽجي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان بہ مٽجي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
بعض بندوقَ شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿِي پوئتي
بعض بندوق شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿِي پوئتي
بعض بندوق شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿِي پوئتي
جو ڦَٽي ٿو سو ڪڏھن پاڻ بہ ڦٽجِي ٿو وڃي
جو ڦَٽي ٿو سو ڪڏھن پاڻ بہ ڦٽجِي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان بہ مٽجي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
چنڊ ھَٽندي ئي وڏِي ويرَ ھٽِي ويندي آ
چنڊ ھَٽندي ئي وڏِي ويرَ ھٽِي ويندي آ
چنڊ ھَٽندي ئي وڏِي ويرَ ھٽِي ويندي آ
گهُور گهَٽجي ٿِي تہ اُستاد بہ گهَٽجِي ٿو وڃي
گهُور گهَٽجي ٿِي تہ اُستاد بہ گهَٽجِي ٿو وڃي
نيٺ انسان آ، انسان بہ مٽجي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
پيار درياھ آ، درياھ بہ لَٽجِي ٿو وڃي
ٻول : استاد بخاري
آواز : منظور سخيراڻي