2 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
2 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي.

. 2 اپريل 742 ع تي شارلمین ، فرانس جو بادشاھ بڻيو.

. 2 اپريل 1745ع تي آسٽريا ۽ بويريا جي وچ ۾ امن جو معاهدو ٿيو.

2 اپريل 1801ع تي برطانوي بحري فوج ڪوپن هيگن ۾ ڊنمارڪ جي بحري ٻيڙن کي تباھ ڪو.

2 اپريل 1902ع تي موسيقار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان قصور ۾ جنم ورتو.

• 2 اپريل 1939ع تي محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي موضوع آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر 1981ع.
• 2 اپريل 1925ع تي ناميارو فلمسٽار عبداللطيف ساقي ولد الله بچايو رند بلوچ عراق جي شهر بغداد ۾ ڄائو. اباڻو ڳوٺ يوسف بلوچ ڪوٽڙي هئس.
• 2 اپريل 1922ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ ڪهاڻيڪار فيض محمد “فيض” حيدري ولد امام بخش ڪيريو ڳوٺ ٽنڊي حيدر تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو.

. 2 اپريل 1930ع تي هيل سليسي، ابيسينيا( حبشه)جو شهنشاهہ بڻجي ويو.

• 2 اپريل 1939ع تي ٻاراڻي ادب جو ليکاري اياز پاٽولي جو جنم ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ٿيو. اصل نالو محمد هاشم پاٽولي آهي.

2 اپريل1961ع تي ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ظفر عباسي جو جنم ڏينهن آهي.

• 2 اپريل 1973ع تي ليکڪ حميد ابڙو، اصل نالو عبدالمجيد ابڙو ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيٿي ۾ جنم ورتو.

. 2 اپريل 1982ع تي ارجنٽينا، فاڪلينڊ ۽ آئرلينڊ ٻيٽن تي حملو ڪيو.

. 2 اپريل 1992ع تي پيئر برگوئي، فرانس جو وزيراعظم ٿيو.

• 2 اپريل 2005ع تي ڪهنه مشق غزل گو شاعر محسن ڪڪڙائي وفات ڪئي.

. 2اپريل 2006ع تي ناليوارو شاعر ۽ مترجم آذر ناياب صديقيءَ ،جو ڪراچي ۾ وڇوڙو ٿيو.
• 2 اپريل 1976ع تي نوجوان شاعر پنهل اصل نالو محمد پنهل ولد عبدالمالڪ ميمڻ ڳوٺ ڪارڙا ڪلهوڙا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو
 
Back
Top