• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

5 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
5 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي.

5 اپريل 1818ع تي معروف جرمن سياسي فلسفي ڪارل مارڪس پروشيا ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1821ع تي نپولين بوناپارٽ ۾ جلاوطني دوران جزيره سينٽ هيليا ۾ وفات ڪئي.
5 اپريل 1860ع تي سنڌ جو عارف، مجدد ۽ باڪمال بزرگ مولانا غلام محمد ملڪاڻي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1885ع تي ميونخ يونيورسٽي جرمني جو پروفيسر ارنيسٽ ٽرمپ جو وڇوڙو ٿيو.
5 اپريل 1897ع تي يونان ۽ سلطنت عثمانيه جي وچ ۾ جنگ جو آغاز ٿيو.

5 اپريل 1900ع تي آمريڪي اداڪار، اسپينسر ٽريسي، جو جنم ڏينهن آهي.

5 اپريل 1916ع تي گريگوري پيڪ، آمريڪي اداڪار جنم ٿيو.

5 اپريل 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش ولد حاجي فقير شفلي (کٽي) جوهي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1933ع تي لياقت علي خان ٻئين شادي بيگم رعنا سان ڪئي.
5 اپريل 1945ع تي مشھور شاعر ۽ اديب، سليم چنا ولد نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1950ع تي برطانيه جي وزيراعظم چرچل استعفى ڏني.

5اپريل 1952ع تي پاڪستان ۽ سوويت يونين وچ ۾ پهريون سڌو ريڊيو ،ٽيليگرافڪ ڪميونيڪيشن جو رابطو ٿيو.

5 اپريل 1954ع تي ڊرامانگار، خان چند درياڻي جو چالاڻو ٿيو.
5 اپريل 1977ع تي محمد بخش ايم بي دربان، درگاهه نواڙو شريف جي ڀرسان ڳوٺ فتح محمد دربان ۾ اک کولي ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
5 اپريل 1977ع تي شاعره، سحر سنڌو ذات خاصخيلي ٽنڊو غلام علي لڳ جنم ورتو.
5 اپريل 1987ع تي مير علي محمد ٽالپر لنڊن جي ”لنڊن اسپتال ۾ گذاري ويو. سندس جسم خاڪي کي 9 اپريل تي حيدرآباد آڻي، سندس اباڻي قبرستان گنجو ٽڪر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
5 اپريل 1993ع تي بالي ووڊ اداڪاره ديويا ڀارتي جو وڇوڙو ٿيو.
5 اپريل 1994ع تي مشھور قوال غلام فريد صابري جو لاڏاڻو ٿيو.

5 اپريل 2000ع تي محمد حسنين، پاڪستاني ڪرڪيٽر حيدرآباد ۾جنم ورتو.

5 اپريل 2017ع تي سياسي ۽ ادبي شخصيت، ڪامريڊ امير بخش شر لاڏاڻو ڪيو
 
Back
Top