”اقتدار کان اڳ“ ۽ ”اقتدار کان پوءِ“ عجاز منگي سنڌ جي سياست، ساهت ۽ صحافت جي ڪنٽروورشل ڪردار پير علي محمد راشديءَ پنهنجي زندگيءَ جو سفر سکر مان هڪ اخبار ڪڍڻ سان ڪيو. ڪاغذ جي ان ڪشتيءَ ۾ سوار ٿي، هو ڪٿان کان ڪٿي پهتو؟ ان ڪهاڻيءَ واري ڪتاب ۾ هو بيان ٿو ڪري ته جڏهن سنڌ جي وڏيرن وڙن وٽ هو اخبار جي امداد لاءِ ويندو هو ته اهي پنهنجي ماڻهن کي ان دور ۾ ”اخبار جو مطلب“ بيان ڪندي ٻڌائيندا هئا ته ”جهڙي طرح ڪنهن دور ۾ هڪڙا ماڻهو دل کڻي ڳوٺن ۾ پڙها ڏيندا هئا، هاڻي اهو ڪم اخبار وارن پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي“ اڄ کان مني صدي اڳ سنڌ جا اڻپڙهيل وڏيرا اخبارن کي ”ڪاغذي دهل“ ۽ صحافين کي لنگها سمجهندا هئا ته ان ۾ انهن جو ڪو ڏوهه ڪو نه هو پر ستر سالن کان پوءِ جڏهن پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن صحافين لاءِ ساڳيا اکر استعمال ڪيا ته ان مان اهوئي ثابت ٿيو ته انهن جي ذهنيت اڄ به اها آهي، جيڪا ستر اسي سال اڳ انهن سنڌي وڏيرن جي هئي، جن جي خلاف سنڌ جي قلمڪارن تاريخ ساز جدوجهد ڪري وڏيراشاهيءَ کي هڪ شعوري گار بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ان قلمي سفر ۾ صرف صحافين جو ڪردار ناهي پر انهن کان گهڻو رول انهن اديبن ۽ شاعرن جو رهيو، جن وڏيراشاهيءَ خلاف افسانا ۽ گيت غزل لکيا. قلم جي اها گڏيل جدوجهد پنهنجي ارتقائي عمل مان گذري، اڄ ان موڙ تي پهتي آهي جو سنڌي اخبارن مان ادب جي خوشبوءِ اچي ٿي ۽ ان ادب کي ڪوئي مانُ نه ٿو ملي، جيڪو عوام جي حقيقي زندگيءَ جو عڪس ناهي. هن وقت سنڌ ۾ صحافت ادب جي کنڊ واري کير جهڙي آهي. پاڻ هن موقعي تي انهن منافق ميهارن جو ذڪر نه ئي ڪريون ته بهتر آهي، جيڪي ان کير ۾ پنهنجي مفادن جو پاڻي ملائن ٿا. پنهنجو موقف صرف ايتروئي آهي ته ان مٺي کير کي اڳتي هلي اڃان ماءُ ٿڃ جي حيثيت ماڻڻي آهي ۽ ارتقاءَ جو سفر به جاري آهي. جڏهن ته پاڪستان جي مجموعي صحافت جو ڪردار پاور پاليٽڪس ۾ ايترو اهم ٿي ويو آهي، جو هاڻي اها پنهنجي محفوظ آزاديءَ لاءِ هڪ آئيني گنجائش طرف نهاري رهي آهي. هن وقت تائين اڃان ڪنهن به فورم تان اها راءِ مضبوط نموني پيش نه ٿي آهي پر حڪومتي ادارن ۽ ارادن جي تقاضا نيٺ اهائي بيهندي ته پاڪستان جي دستور ۾ صحافت جي عزت ۽ آزاديءَ لاءِ اهم پئرا جو اضافو ڪيو وڃي. ڇو ته صحافت پنهنجي فطرت ۽ انداز ۾ عورت وانگر آهي. جيڪڏهن پاڪستان مغرب جي نظرن ۾ معتبر ٿيڻ جي لاءِ عورتن جي آزاد معاشرتي ڪردار ۽ سندن سگهاري پارلياماني رول کي اهميت ڏئي رهيو آهي ته هو صحافت جي ساڳي حيثيت قبول ڇو نه ٿو ڪري؟ هن ملڪ ۾ صحافت عورت وانگر مجبور ۽ محڪوم رهندي آئي آهي. هڪ اهڙي عورت جنهن جي مٿي تي معاشري جي رت ڦڙن واري چادر اوڍيل آهي. اها چادر جنهن جو نالو ”اخبار“ آهي. جيستائين اسان جا سياسي ۽ سرڪاري ادارا اخبار کي معاشري جي مٿي تي پيل عزت واري چادر نه سمجهندا، تيستائين انهن جي هر دعوي ۽ انهن جو هر دليل ائين ناقابلِ قبول هوندو، جيئن پنجاب اسيمبليءَ جي اها قرارداد جيڪا پهرين قرارداد جي زخم مٿان ڪنهن پهي جيان رکي وئي. اها قراداد بلڪل ائين هئي، جيئن پهرين بيعزتيءَ جي ڪوشش ڪجي ۽ نه ڦٻي سگهجي ته ”سوري“ چئي جان ڇڏائجي! پنجاب اسيمبلي جنهن جي مالڪي هن وقت نواز ليگ جي هٿن ۾ آهي، ان جي اهڙي عمل سان گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي ته اقتداري راند جا رانديگر صحافت متعلق اها سوچ رکن ٿا، جيڪا روايتي مرد انهن عورتن جي لاءِ رکندا آهن، جن کي هو پهرين مٿي جو تاج ۽ بعد ۾ پير جي جُتي بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي يتيم ڪري ويندڙ اديب نسيم کرل اڄ حيات هجي ها ته اسان جي روايتي سياست ۽ جديد صحافت تي ان حوالي سان”اقتدار کان پهرين“ ۽ ”اقتدار کان پوءِ“ واري ڪيفيت کي ڀرپور طرح سان بيان ڪري سگهي ها. هو ٻڌائي ها ته جڏهن هڪ همراهه کي سياست جو نئون نئون شوق چڙهندو آهي يا هو ڪارڪن پڻي مان بيزار ٿي ڪنهن ايوان ۾ داخل ٿيڻ جا جتن ڪندو آهي ته ڪئين نه پنهنجي مڏي سڏي بيان کي اخبار جي زينت بڻائڻ جي لاءِ صحافت جي پيشي سان واڳيل ماڻهن جون واٽون جهلي بيٺو هوندو آهي. هو ڪهڙي ريت انهن جي مس ڪال تي فورن ڪال بيڪ ڪندو آهي. هو ڪهڙي ريت ”ڪچهريءَ واري ملاقات“ لاءِ پيو منٿن ۽ ميارن جا حربا هلائيندو آهي. هو ڪيئن نه چوندو آهي ته ”اوهان کي وڏن ليڊرن سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ کان ڪجهه فرصت ملي ته اسان جهڙن ادني دوستن جي ڏک سور ٻڌڻ لاءِ ڪجهه وقت ڪڍو“ هو باءِ لائن خبرون يا ڪو ڪالم پڙهي ڪيئن نه ”زبردست“ وارو ميسيج ڪندو آهي ۽ ڪڏهن مئه مستيءَ کي بهانو بڻائي هو تعريفن جا ڪيڏا نه ڪوڙا تاج محل تعمير ڪندو آهي. هن جون اهڙيون ليلڙاٽون ڏسي هن جا ذاتي دوست به شرمندا ٿيندا آهن پر ”ماڊل ٿيڻ لاءِ هر چڙهائيءَ کي چيلينج“ سمجهي عبور ڪندڙ ناريءَ جيان ان کي معلوم هوندو آهي ته سياست ۾ سڀ کان اڳ شرم جو پردو چاڪ ڪرڻو پوندو آهي. هو جيڪو جهنڊي واري گاڏيءَ جي لئه لست وٺڻ جي لاءِ قوم ۽ عوام لاءِ دل ۾ درد جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ سنڀالي هلڻ واري انقلابيءَ جو ڊرامو ڪندو آهي، سو جڏهن ڪنهن اتفاق سان ايوان ۾ پهچي ويندو آهي ته هن جو نمونو ئي ڦري ويندو آهي. پوءِ هو ڪنهن به طور تي ساڳيو نظر نه ايندو آهي. هو جيڪو صحافت کي عظيم مشن قرار ڏيڻ ۽ قلم جي عوام دوست ڪردار جي نيهن ۾ نهال ٿي پيو هلندو آهي، سو هڪدم صحافت جا حق وساري، ان کي سندس فرض ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو جيڪو ميڊيا جي ڪارڪنن کي مجاهد ڪوٺيندو هو، سو قلمڪارن لاءِ ”ڀولڙي جي هٿ ۾ ترار“ وارا محاورا استعمال ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن هن کي پنهنجي خوشامندي ڪردار سبب ڪا وزارت وڙي به ملي پوندي آهي ته پوءِ هو ڪنهن به وڻ سان گهوڙو نه ٻڌندو آهي ۽ صبح جو اخبارون پڙهي، هن جي دل چاهيندي آهي ته هو انهن کي ڦاڙي چيهون چيهون ڪري ڇڏي. هو اخبار سان ائين الجهڻ لڳندو آهي، جيئن آئيني سان جهرڪي! ڪڏهن پوري پاڪستان جي سياست مان مڪمل طور تي بيدخل ٿيل نواز ليگ جو صحافت جي حوالي سان اجتماعي ڪردار ڪجهه اهڙو ئي آهي. جڏهن مشرف انهن کي پاڪستان مان persona non grata بڻائي ڇڏيو هو، تڏهن انهن جو واحد سهارو اها ميڊيا هئي، جنهن کي هو اڄ هڪ عذاب وانگر محسوس ڪري رهيا آهن. جيستائين مشرف هن ملڪ ۾ موجود هو، تيستائين مشرف خلاف قلم جو مڪمل زور استعمال ڪرڻ وارن صحافين کي ملڪ جو اصل هيرو قرار ڏيڻ نوازليگ لاءِ صحافي persona non grata آهن. ڇو ته اهي لفظ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر پنهنجي چپن سان چيا آهن. هو ڇو وساري ويٺا آهن ته جڏهن پنجاب حڪومت ختم ٿي هئي ۽ پنجاب ۾ گورنر راڄ نافذ هو تڏهن پنهنجي حڪومت کي بحال ڪرائڻ جي لاءِ عدليه جي بحاليءَ جو نعرو هڻي تحريڪ هلائڻ واري نواز ليگ صحافين کي اکين تي ويهاريندي هئي پر اها نواز ليگ جنهن کي پنجاب حڪومت جي نالي ۾ مني ملڪ جي بادشاهي سان گڏ وفاق ۾ مخالف ڌر جو مرتبو به مليل آهي، سا جڏهن امن امان جي حوالي سان ناڪام ٿئي ٿي ۽ جڏهن ان جا ميمبر ڪوڙين ڊگرين جي حوالي سان خوار ٿين ٿا، تڏهن هو ميڊيا کي ڪرڙيون اکيون ڏيکاري، ان کي باز اچڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. هو جيڪي جنرلن جي هنجن ۾ ويهي اقتداري فن سکيا ۽ جرنلسٽن جي مهربانين سان مٿي آيا ۽ ججن جي معرفت ملڪي سياست ۾ بحال ٿيا، سي اڄ وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته هن ملڪ جي برباديءَ جو وڏو سبب ٽي ”جيم“ يعني جرنلسٽ، جج ۽ جنرل آهن. پر ان ۾ انهن جو ڪو ڏوهه ناهي. اها ”اقتدار کان اڳ“ ۽ ”اقتدار کان پوءِ“ واري حقيقت آهي. ۽ اقتدار به ته اهڙي شيءَ آهي. ان جي تيز روشني اکين کي چڪاچوند ڪري ڇڏيندي آهي. ان جي دائري ۾ اچي ويل انسان کي ڪو به منظر چٽو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ان ڪري هي جيڪي حقيقت کي ڏسڻ کان چڙن ٿا. جيڪي چون ٿا ته صحافت لاءِ ڪنهن ”اخلاقيات جو دائرو“ ٺهڻ بيحد ضروري آهي، سي دراصل اخلاقيات نالي هڪ پڃري ۾ صحافت کي قيد ڪرڻ چاهين ٿا. انهن هي چاهت آهي ته هي ملڪ هڪ چڙيا گهر وانگر هجي، جنهن ۾ هو هر آزاديءَ کي ڪنهن نه ڪنهن پڃري ۾ بند ڏسن. آزادين کي پڃرن ۾ بند ڏسڻ جا خواهشمند جڏهن پاڻ آزمائشن جي پڃرن ۾ واڙجي ويا ته پوءِ هو جن ايلاز ڀرين اکين سان قلمن جي چاٻين وارن صحافين کي تڪيندا، انهن اکين جي حوالي سان ڪازانت زاڪس لکيو هو ته”حقيقت کي ڦيرائي سگهين يا نه پر اهي اکيون ڪڏهن به نه ڦيرائجانءِ جيڪي حقيقت کي ڏسن ٿيون!