سنڌي فقير محمد
سينيئر رڪن
8 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي.
8 اپريل 1336ع تي امير تيمور بادشاهه جو جنم ڏينھن آهي.
8 اپريل 1769ع تي برمين، ايوتٿيا سلطنت تي قبضو ڪيو.
8 اپريل 1899ع تي آمريڪا سان تعلق رکندڙ مارٿا پليس اها پھرين عورت هئي جنھن کي برقي ڪرسي وسيلي سزاءِ موت ڏني وئي.
8 اپريل 1922ع تي جمال الدين ”مومن“ ولد هوت خان خاصخيلي ڳوٺ جتوئي نوان تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشھور تعليمي ماهر، قومي، سماجي ڪارڪن ۽ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
8 اپريل 1928ع تي سگهڙ، گلڻ سولنگي جو جنم ڏينھن آهي.
8 اپريل 1946ع تي پروڊيوسر فيض ٻگهيو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪري جي ويجهو ڳوٺ ڪاراڻي ۾ عبدالواحد ٻگهئي جي گهر جنم ورتو.
8 اپريل 1946ع تي تجريدي شاعر ۽ تنقيدنگار، ملڪ نديم، اصل نالو عبدالرزاق ڪشمور ۾ جنم ورتو.
8 اپريل 1950ع تي سياستدان، محمد پناهه خان ڊکڻ جو وڇوڙو ٿيو.
8 اپريل 1953ع تي ڪينيا جي برطانوي حڪمرانن جومو ڪينياتا کي مجرم قرار ڏنو.
8 اپريل 1956ع تي تيونس جي وزير خارجه، بورقيبه پنھنجو عھدو سنڀاليو.
8 اپريل 1965ع تي نوجوان شاعر گلزار سيال ولد شاهنواز سيال ڪي اين شاهه، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
8 اپريل 1970ع تي صحافي ۽ ايڊيٽر نثار منصور جو جنم ڏينھن آهي.
8 اپريل 1973ع تي پابلو پڪاسو، اسپيني مصور جو وڇوڙو ٿيو.
8 اپريل 1976ع تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڪيو.
8 اپريل 1997ع تي مائيڪروسافٽ ڪارپوريشن انٽرنيٽ ايڪسپلورر 4.0 جاري ڪيو.
8 اپريل 2007ع تي سياستدان، مھرومل جڳواڻي جو چالاڻو ٿيو.
8 اپريل 2007ع تي گلوڪار، اسد امانت علي جو وڇوڙو ٿيو.
8 اپريل 2011ع تي ناليوارو اداڪار، حسين ساريو ڪراچي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ گند، باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.