ڪاميابي راھِ فرار ۾ نه ڳوليو! 1938ع ۾ جنم وٺندڙ آمريڪا جو مشهور ليکڪ ايلن ليڪائن چوي ٿو ته، ”وقت زندگي آهي، هي وڃي وري واپس نه ايندو آهي. وقت وڃائڻ زندگي وڃائڻ جيان آهي.“ وقت جو صحيح استعمال ڪاميابيءَ جي لاءِ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن اوهان وقت کي صحيح طرح سان گذاريو يا وقت کي صحيح انداز ۾ استعمال ڪيو ته اوهان جو شمار به دنيا جي انهن چند ماڻهن ۾ ٿيڻ لڳندو، جن وقت کي صحيح گذارڻ جو گر سکي ڪاميابيءَ جون تمام منزلون طي ڪيون. انهيءَ کان علاوه فرينڪلن بينجمن لکي ٿو ته، ”وقت موقعو آهي، هن چيو هو ته جيڪڏهن اسان زندگيءَ سان محبت ڪريون ٿا ته اسان کي پنهنجي وقت کي قيمتي سمجهڻو پوندو. يعني ٻين لفظن ۾ ائين چوان ته اسان کي وقت ڏاهپ سان استعمال ڪرڻو پوندو. وقت، ماضي حال ۽ مستقبل ۾ ورهايل آهي. ماضي هڪڙي تجربي جو نالو آهي، جنهن مان انسان گهڻو ڪجھ سکي ٿو. ياد رکو گذريل وقت وري ٻيهر واپس نه ايندو آهي. ليڪن اهو يادن جي شڪل ۾ ذهن جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر لمحي محفوظ رهجيو وڃي. اسان جنهن وقت به چاهيون، ماضي ڪنهن به لمحي ٻيهر ذهن ۾ زنده ڪري سگھون ٿا. انھي جي بنسبت حال وقت جي هڪڙي اهم گهڙيءَ جي ڪڙي آهي، جيڪي ڪجھ سامهون آهي، اها حقيقت آهي. مستقبل به حال مان صادر ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چوان ته حال ماضي ۽ مستقبل کان ڪنهن به شڪل ۾ الڳ نٿو ٿي سگهي. ليڪن حال جي پنهنجي الڳ اهميت ضرور آهي. ڏاها چون ٿا ته حال جا پَلَ موجود آهن، باقي سڀ ڪوڙ آهي. ليڪن ڏٺو اهو ويو آهي ته اسان حال ۾ رهندي به غائب رهندا آهيون. ڪڏهن اسان ماضيءَ ۾ وڃائجيو وڃون ته ڪڏهن اسان مستقبل جي منصوبه بنديءَ ۾ حال کي وساريو ڇڏيون. اهو ئي سبب آهي جو خوف پريشاني ۽ مسئلا گهڻي قدر اسان جي پنهنجي ذهن جي پيدار هوندا آهن، جن جو بنياد ماضي فراهم ڪري ٿو. اسان پنهنجن روين جي ڪڏهن ڪڏهن غير حقيقي انداز ۾ تشريع ڪندا آهيون. ڪنهن به واقعي يا عمل جو جائزو غير جانبدار ٿي نه وٺندا آهيون، بلڪه انهيءَ معاملي کي اسان پنهنجي نڪته نظر سان ڏسندا آهيون. اهو ئي سبب آهي ته اسان جا ڏينهن خيالي ڳالھين ۽ سوچن جي نظر ٿيو وڃن. ذهن منتشر هجي ۽ خيال واضح نه هجن ته پوءِ وقت جي گذرڻ جو اندازو نٿو ڪري سگهجي. جيئن اڄڪلھ چيو وڃي ٿو ته وقت تيزيءَ سان گذرندو پيو وڃي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته انسان حال ۾ موجود نه آهي، بلڪي هو پنهنجي ذات کان به الڳ بيٺو آهي. حال ۾ موجود رهڻ واري جو وقت سٺو ۽ شاندار گذري ٿو. ليڪن خيالي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو هميشه رڃ کي پاڻي سمجهندڙ جيان هوندا آهن، جيڪي حقيقتن کي بگاڙي معاشري ۾ پيش ڪندا آهن. هنن جو گهڻو اثر شخصيت ۾ انتشار پيدا ڪرڻ هوندو آهي. هي وقت کي غير منتشر ڪريو ڇڏين. مثال پري کان رڃ کي پاڻي سمجهڻ ئي آهي پر فريب خيال هوندا آهن، جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي. انهي کان علاوه اسان جي معاشري ۾ گمراهي به تمام گهڻو اثر رکي ٿي. يعني اهي غلط تصور جيڪي حقيقت جي برعڪس قائم ڪيل هوندا آهن، انهيءَ جو مثال ائين آهي ته جيئن اونداهيءَ ۾ ڪنهن پاڇولي کي ڀوت سمجهڻ يا رسيءَ جو نانگ نظر اچڻ. هي اهي ڳالهيون آهن جن جو حقيقت سان پري پري تائين ڪو به تعلق نه آهي. هاڻي افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته اسان جي معاشري ۾ اهي طرز عمل اهي رويا عام ٿي ويا آهن، بلڪي ائين چوان ته غلط نه ٿيندو ته اهي هاڻي اسان جي معاشري جو حصه بڻجي چڪا آهن، جن جي ڪري اسان جي معاشري ۾ سوچ ۽ سمجھ جو فقدان نظر اچي ٿو. ياد رکو اهڙيون خيالي سوچون انسان کي حال کان پري ڪريو ٿيون ڇڏين ۽ پوءِ ٻُڏتر جي ڪيفيت ۾ ھو وقت کان ڪٽجيو وڃي. خوف به اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي. ڇو ته خوف وقت کي ذهن ۾ ڄمايو ڇڏي. ماضيءَ ۾ رهڻ وارا حال ۾ موجود هوندي به غير حاضر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ماضيءَ ۾ گذاريل بهترين گهڙيون انسان کي ڌوڏيو ٿيون ڇڏين. جڏهن ته ماضيءَ جا تلخ تجربا انسان کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪريو ڇڏين. اها انساني فطرت آهي ته هو خوشگوار گھڙين کي وساريو ڇڏي، ليڪن منفي رويا هو چاهڻ جي باوجود به وساري نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ماضيءَ ۾ ڏاهن انسان کي هميشه حال ۾ جيئڻ جو درس ڏنو آهي. ڇو ته حال انا ۽ فريب جو خاتمو آهي. ايستائين به ڏاهن جو چوڻ آهي ته حال جي هر لمحي جو لطف کڻڻ کپي، انهن جي نظرن ۾ تصور ۽ عمل جو هڪجهڙو هجڻ ضروري آهي. يعني حال ۾ جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي، انهيءَ کان هي باخبر رهن. پنهنجي ڪم ۾ به رڌل هجن ۽ موسم کي به محسوس ڪن. انساني حِس يعني تمام حواس پڻ انهيءَ ۾ متحرڪ هجن. آئون پنهنجي نوجوانن کي عرض ڪندس ته ٿورو حال جي خوبصورتيءَ کي آمريڪن شاعر والٽ وٽمن جي نظر سان پڻ ڏسو. هو حال جي متعلق ڪجھ ائين بيان ڪري ٿو، ”هوا ۾ برف جي مهڪ موجود آهي، برف جي پنهنجي مهڪ آهي، اهڙي طرح دنيا جي هر شيءِ جو سڳنڌ الڳ الڳ هوندو آهي. برف جي پنهنجي مهڪ آهي. اهڙي طرح مختلف لمحن جي سرھاڻ الڳ هوندي آهي. مثال ٻنپهر جي الڳ سرهاڻ هوندي آهي ته اڌ رات جي سرهاڻ الڳ هوندي آهي. اهڙيءَ طرح سياري جي پنهنجي ۽ گرمين جي پنهنجي سڳنڌ هوندي آهي. ايستائين جو طوفانن جي سرهاڻ پڻ الڳ هوندي آهي. اها حقيقت آهي ته زندگيءَ جي پنهنجي هڪڙي مهڪ آهي، جيڪا صرف حال ۾ رهندڙ ئي محسوس ڪري سگهن ٿا، جن جا احساس وقت جي گهڙيءَ سان گڏ ڌڙڪن ٿا ۽ اهي موسمن ۾ پناھ وٺي خوشي محسوس ڪندا آهن. جيڪڏهن زندگيءَ کي فطري روانگي سان گڏ وٺي هلجي يا اسان ڏينهن، هفتن ۽ مهينن کي ذهني ۽ جسماني هم آهنگيءَ سان گذارڻ لڳون ته ياد رکو نه صرف ذاتي تجربي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، بلڪي ذات جي آگاهيءَ سان منفي سوچن ۽ روين کي پڻ قابو ڪري سگهجي ٿو. غور ڪريو هنن لفظن تي، هي لفظ آئون پنهنجي نوجوانن جي لاءِ خاص ڪري عرض ڪري رهيو آهيان ته جڏهن اسان پنهنجي لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهون ته اهڙي ڪيفيت ۾ سمجهون، اسان پنهنجو پاڻ کان يعني پنهنجي وجود کان الڳ ٿيو وڃون. بلڪل اهڙي طرح ڄڻ ڪو شخص پنهنجي ذات کان پري بيٺل ڪا ٻي شخصيت هجي. اهڙي حالت ۾ اسان پنهنجي زندگيءَ سان انصاف نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي رشتن جي گهرج پوري ڪري سگهون ٿا. ياد رکو هن وقت اسان جي معاشري جو سڀ کان وڏو سانحو اهو ئي آهي. اوھان صرف پنهنجي شخصيت تي غور ڪريو ته اوهان خود محسوس ڪندا، اوهان کي اهو احساس ضرور ٿيندو ته جهڙو ڀرپاسي جا ماڻهو ڪيڏانهن وڃائجي ويا آهن. اسان هڪ عجيب افراتفري ۾ مبتلا آهيون. حالانڪ اهڙي ڪيفيت ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي ڪنهن وڏي مسئلي جو شڪار نه آهن، البته اهي خود پنهنجي پيدا ڪيل مسئلن ۾ چڱيءَ طرح ڦاٿل نظر اچن ٿا. بس هر وقت هو وقت جي ڪميءَ جي گهوڙا گهوڙا ڪندي نظر ايندا آهن. ياد رکو ته وقت جي ترتيب ذهن ۾ هوندي آهي، ذهن جيڪڏهن پُرسڪون هوندو ۽ انسان حال ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪري رهيو آهي ته انهيءَ جي لاءِ وقت آرام سان گذري ويندو ۽ پوءِ هو اطمينان سان معاشري ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو رهندو. سڪون بيهڪ آهي ۽ بيهڪ انسان ۾ هڪجهڙائيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿي. هي اُهي لمحا آهن، جڏهن انسان رشتن کي محسوس ڪري ٿو، دوستن سان سٺو وقت گذاري ٿو، حقوق ۽ ذميدارين ۾ توازن قائم رکي ٿو. کلندي مسڪرائيندي وقت جي هر لمحي کي محفوظ ڪندو آهي. ڪم کي وزن نٿو سمجهي ۽ وقت کي بيڪار نٿو گذاري. موجوده دور جي جيڪر ڳالھ ڪئي وڃي ته هڪ انتشار جهڙي ڪيفيت هر سمت ۾ ڏيکائي ڏي ٿي. انتشار انسان جي ذات ۾ غفلت، سُستي ۽ بي ترتيبي پيدا ڪري ڇڏي ٿو. انتشار موجوده لمحي جو سک ڦريو وٺي ۽ ذهن ۾ هڪڙي مستقل بي چيني ڀريو ڇڏي. هي احساس وقت جي ترتيب کي منتشر ڪريو ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو وقت تمام تيزيءَ سان گذريو وڃي، جنهن جي ڪري ڪئين ڪم اڌورا رهجيو وڃن. ڪڏهن غور ڪيو اٿوَ ته وقت اسان جي دسترس ۾ ڇو نٿو اچي؟ حقيقت ۾ وقت اسان جي طابع آهي، اسان جڏهن چاهيون وقت کي پنهنجي دائره اختيار ۾ آڻي سگھون ٿا. ڇوته وقت انسان جي ذهني ڪيفيت سان مطابقت رکي ٿو. اوهان ڪنهن ڪرت ۾ رُڌل آهيون ته وقت جي گذرڻ جو اندازو نه ٿو ٿئي پر جيڪڏهن اوهان کي بوريت محسوس ٿي رهي آهي ته انهيءَ وقت کي گذارڻ محال ٿيو پوي. مثال جسم جو درجه حرارت جيڪڏهن معمول کان وڌيڪ هجي، تڏهن به وقت ڄڻ ته گذرڻ محال ٿيو پوي. يورپ ۾ اڄڪلھ اهڙيون به ٽيڪنڪس استعمال ڪيون پيون وڃن، جن جون مشقون ڪرڻ کان پوءِ وقت جي رفتار انسان جي طابع ٿيو وڃي. انهيءَ طريقڪار سان ذهن جي طاقت سان وقت کي سست رفتار يا تيز تر ڪري سگهجي ٿو. اهي سڀ مشقون يڪسوئيءَ جي ڪيفيت کي قائم رکڻ جي لاءِ آهن. ايشيا جي ڪافي سارن ترقي يافته ملڪن ۽ يورپ ۾ ماڻهو مصروف ترين زندگيءَ مان وقت ڪڍي حال جي لمحن ۾ واپس اچن ٿا. هو انهي وقت جو شدت سان انتظار ڪن ٿا، جڏهن انهن کي وقت ملي ٿو ته هو پنهنجو پاڻ سان همڪلام ٿين ٿا. هو پنهنجي من پسند علائقن جو رخ ڪن ٿا ۽ پوءِ هو فطرت جي منظرن مان لطف وٺي ٻيهر وري تازه دم ٿيو وڃن. اهو ئي سبب آهي جو 26 جولائي 1875ع تي سوئزرلينڊ ۾ جنم وٺندڙ ماھرِ نفسيات ڪارل يونگ چوي ٿو ته، ”جڏهن اوهان پنهنجي دل طرف متوجہ ٿيندا ته پوءِ اوهان جو تصور واضح ٿيندو ويندو آهي. جڏهن اوهان ٻاهر جي موسمن جي طرف نظر ڪندا ته اوهان ڀلارو ڏسڻ لڳندا ۽ جڏهن پنهنجي اندر جي دنيا کي محسوس ڪندا ته اهو ئي لمحو اوهان کي بيدار ڪري ڇڏيندو. اهو لمحو اوهان جي اندر موجود جي محسوسات آهي، جيڪي انسان کي ذهني ۽ روحاني طور تي گڏائين ٿيون ۽ اهو ئي لمحو آهي، جيڪو اسان جي زندگيءَ جو نچوڙ آهي. اهي زندگيءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون آهن، جيڪي اسان کي ڀليڪار چوڻ جون منتظر آهن. اهي رشتہ جيڪي قربتن جا متلاشي آهن، اهي وسريل يا وڃايل دوست جيڪي رابطي کي سڏين ٿا، اهي موسمون جن کي اسان وسارڻ لڳا آهيون، اهو يقين جيڪو اسان مان ختم ٿي ويو آهي ۽ اهي ٽهڪ جيڪي اسان کان ناراض ٿا نظر اچن، اچو ته انهن جي هٿ ۾ ٻيهر هٿ ڏيون ۽ انھن کي ائين قريب آڻيون جيئن ڀريل بازار ۾ ڪو ٻار وڃائجي وڃڻ جي ڊپ کان پنهنجي پيءُ جي هٿ کي مضبوطيءَ سان جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. آخر ۾ آئون پنهنجي گفتگو فرينڪلن بينجمن جي انهن لفظن تي ڇڏيان ٿو ته ”جيڪي معاملات صدمو پھچائن ٿا، اُھي سبق سيکارين ٿا.“ شايد انھي ئي ڪري چيو وڃي ٿو ته زندگيءَ جا ڪجھ تمام گھڻا تڪليف ڏيندڙ سبق ڪافي قيمتي به ھوندا آھن. جڏھن ڪا ڳالھ اسان کي جسماني يا جذباتي طرح ڏکي لڳي ٿي ته اسان سڀ کان پھريون ڪم اھو ڪريون ته اسان انھيءَ مان ڪا نه ڪا معنيٰ ڳوليون. ڇو ته تڪليف اسان کي ڪجھ نه ڪجھ ضرور سيکاري ٿي. ليڪن اسان کي انھيءَ مان سکڻ جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي آماده ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ جڏھن اسان تڪليف مان سبق حاصل ڪري وياسين ته پوءِ اسان وڌيڪ مضبوط بڻجي وينداسين. زندگيءَ ۾ اسان جي حقيقي ڪاميابيءَ جو سڄو دارومدار انھيءَ تي آهي ته اسان مخالف حالتن کي منهن ڏيون ۽ انھن کان راھِ فرار اختيار ڪرڻ جو ڪڏھن به نه سوچيون. ڇو ته ڪو به شخص اسان کي اھا پڪ نٿو ڏئي سگھي ته اسان جي زندگي اذيتن ۽ تڪليفن کان آجي ھوندي. اھڙيءَ طرح ڪو به شخص اسان کي اھو يقين نٿو ڏياري سگھي ته اسان جي زندگي مڪمل طرح محفوظ ۽ اسان جي اختيار ۾ ھوندي. اسان انھيءَ ڪيفيت ۾ اڪيلا نه آھيون، ھر انسان انھيءَ ڪيفيت سان زندگي گذاري رھيو آھي. ھر سمجھ رکڻ وارو ناانصافين کي منهن ڏئي رھيو آھي. گڏوگڏ ڏک ڏسي ٿو ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن ڪو نقصان پڻ کڻي ٿو. سوال اھو نه آهي ته اسان سان ئي ائين ڇو ٿو ٿئي، سوال اهو آھي ته اسان انھن حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگھ ڪيئن رکون ٿا؟ جيڪي ماڻھو زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، اُھي ناانصافين کان راھِ فرار اختيار نه ڪندا آھن. ھو انھن کي قبول ڪرڻ جو گُر سکي ٿا وڃن ۽ پوءِ ھو انھن مان تعميري انداز ۾ فائدو حاصل ڪن ٿا! اوھانجو خادم ندیم حیدر شر ايڊوڪيٽ سچل ڳوٺ ڪراچي