• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زوار شاھ بيگ شر (فقير)

نديم حيدر شر

سينيئر رڪن
منھنجو نانو مرحوم زوار شاھ بيگ شر

انسان خوبين ۽ خامين جو مجسمو آهي. پر اسانجي ناني مرحوم زوار شاھ بيگ جون خوبيون خامين تي ڇانيل هيون. اسانجو نانو مرحوم زوار شاھ بيگ ڪم گو صاف گو خاموش طبع گوشه نشين. خوش طبع، ھمدرد. دلنشين ڳالهائيندڙ ھو. ادب جو گوهر. علم جو جوھر ۽ معلومات جو ڀنڍار هو. سندس ذهن تاريخ ساز واقعن سان لبزيز هو.ھو ھيڻن جو ھڏڏوکي، ھو غريبن جو مددگار، ھو ھٿ ٻڌي کيڪارڻ وارو، ھو يارن جو يار، ھو فقير طبيعت جو مالڪ، ھو جنھن جي اندر پيار محبتن جو سمنڊ ڇوليون کائيندو ھيو جڏھن گفتگو ڪندو ھو ته معلومات جا واهڙ وھائي ڇڏيندو ھو. ايڏو ته سنڀالي سنڀالي ڳالهائيندو ھو جو جڻ موتين جي ورکا پيو ڪري سمجهي سوچي هر لفظ کي مناسب وقت تي استعمال ڪرڻ جي کيس خدائي ڏات مليل هئي .پر اسانجو نانو مرحوم زوار شاھ بيگ سادگي پسند. غريبن ۽ پاڙي وارن جو وقت ۾ ڪم اچڻ وارو انتهائي پاڪيزه زندگي گذارڻ وارو انسان پھنجي سموري زندگي سچائي ڪم گوئي۽ پرهيزگاري سان بسر ڪيائين پنهنجي دور جو سالڪ، باڪمال درويش ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. زوار شاھ بيگ ظاهري توڙي باطني رنگ ۾ ريٽو ٿيل سالڪ، انسان دوست، فڪر و فن، محبت ۽ رياضت جو قائل هو. حق موجود سدا موجود جون صدائون آلاپيندڙ ازلي آواز، مالڪ مرشد مولا علي ع جي ذڪر ۽ فڪر تي ثابت قدميءَ سان عمل ڪندڙ حسيني حبدار باعمل خوش لباس خوش گلو ۽ اهلِ دل فقير هو سندس شفقت ۽ پيار جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهجي
 
Back
Top