چوٽيھون در جو مختصر اڀياس مير سردار چنڙ ”چوٽيهون در“ نسيم کرل جي شاھڪار ڪھاڻي آھي جنهن ۾ پوليس جي ڪارڪردگي ۽ فرض شناسي تي روشني وڌل آھي. ھي ڪھاڻي اسان جي پوليس جي فرض شناسي ۾ ڪوتاھين جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي ھن ڪھاڻي جو مرڪزي ڪردار ھڪ مسڪين ننڍڙو ايريگيشن ملازم آھي سکر پيل جي 66 دروازن تان پاڻي ماپيندڙ آھي. ان گيچ ريڊر جو نالو غلام محمد ولد نور محمد آھي ھي ويچارو صبوح سوير ڏسي ٿو ته سکر بيراج تي در نمبر 34 تي ھڪ عورت جو لاش لٽڪي رھيو آھي تنهن تي ھي انسانيت جو احساس کائيندي تر جي پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڏيارڻ وڃي ٿو. نسيم کرل جي ھي هڪ اخبار جي خبر تان متاثر ٿيل ڪهاڻي آهي. سپر هاءِ وي تي پيل لاش کي دادو ٿاڻي وارا نه کڻن ۽ حيدرآباد ٿاڻي وارا چون ته اسان جي حد ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي به بهترين تاثر واري هاڻي آهي. اسان وٽ عام طور تي ايئن ٿيندو آھي پوليس اھڙن ڪيسن تي ڪو به توجهه ڌيان ناھي ڏيندي جنهن ۾ کين ڪجهه پيسا ڏوڪر نه ملن . ھو اھڙن ڪيسن ۾ ھٿ ئي ناھي وجھندي جنهن ۾ کين ڪو فائدو نه ٿئي . اسان جي پوليس جيڪا صرف چمچاگيري وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ڄاڻي جيڪا سدائين مظلومن کي جيلن ۾ واڙي ۽ ظالمن کي گرفتار ڪرڻ کان ئي ڪوھين ميل پري ڀڄي اگر گرفتار ڪري به ته انھن کي جيلن بدران وڏن عاليشان بنگلن ۾ رکي رشوتن جھڙين ڪڍن ڪم ۾ ملوث اھا غريبن مسڪينن کي بيگناھ نپوريندي رھي ٿي . اسان وٽ پوليس جو نظام دنيا جي بدترين نظامن مان ھڪ آھي جنهن جو ڪو به نظم و ضبط ناھي. ڪا ترتيب ناھي جيڪو دل چوي جيئن ڪري انھن کي خودمختياري مليل آھي انھن تي ڪير سوال اٿارڻ جي سگھ نٿو رکي؟ ڏٺو وڃي ته پوليس اسان جي حفاظت ڪرڻ لاء اسان جي ملازم آھي پر ھي ته اسان کي غلام رکيون اچي پئي. پوليس جي اھڙي لاپرواھي تي لکيل نسيم کرل جي ھي ڪھاڻي جنهن ۾ گيج ريڊر جڏهن پوليس اطلاع ڏيڻ لاء ڪيس (First InformationReport) داخل ڪرائن سکر ٿاڻي تي اچي ٿو ته پوليس کيس ٽول مٽول ڪري سندس وقت ضايع ڪري کيس بيوقوف بڻائي ٿي ڪيس داخل ڪرڻ جاچ ڪرڻ بدران مٿس الزام ھڻي ٿي ته اھو قتل تو ڪيو آ . اسان وٽ مشھور پھاڪو آ " پوليس نوڙي مان نانگ ٺاھڻ ڄاڻي"۔ اھڙي طرح پوليس وارا کيس بيوقوف بڻائي لاش دروازي نمبر 34 مان ڪڍي دروازي نمبر 33 ۾ ڦاسائي اچن ٿا ۽ کيس چون ٿا ته اھا اسان جي حد ناهي اھا روھڙي جي حد آھي جڏهن ته ھي گيج ريڊر کين چوي ٿو ته سائين مان چوٽھين در تي ڏسي آيو آھيان تنهن تي پوليس کيس ڌمڪائي ٿي ۽ وري ويچارو صبح صادق سان نڪتل باھ اڃ ۾ پاھ ٿيندڙ وري روھڙي پوليس ڏي وڃي ٿو۔ جتي صوبيدار کيس چوي ٿو ته تون ھن وقت تائين ايتري دير ڇو ڪئي ضرور ڪجهه گھڙٻڙ آھي غريب صفا لوھ ٿي وڃي ٿو. انسانيت جو احساس جيڪو کڻي نڪتو ھاڻ اھو کيس جيل جي سلاخن ۾ بند پيو ڪرائي ڇاڪاڻ ته ايس ايڇ او روھڙي کيس چيو ته توتي اسان ڪيس داخل ڪيون ٿا ڇاڪاڻ ته تو ٻن حدن جي افيسرن کي وڙھائي رھيو آھين ايئن روھڙي وارو صوبيدار به ھن کي ڳالهين ۾ ويھاري ٽول مٽول ڪندي بيوقوف بڻائي. لاش وري ٽيٽھين دورازي مان ڪڍي چوٽھين ۾ ڦاسائي کيس چوي ٿو ھي اسان جي حد ناهي واپد وڃ سکر ٿاڻي جي حد آھي ھي ويچارو پوليس وارن جي چلاڪين ۽ مڪارين کي سمجھي نٿو ۽ مجبورن لاش کي لوڙھي ڇڏي ٿو آخر ۾ نسم کرل ڪمال جا جملا لکيا آھن ته : ”بابل ٻنهي صوبيدارن لاش ڪو نه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ“ انهيءَ افساني پڙهڻ سان پوليس جو رويو جيڪو زنده ماڻهن سان ته هونئن ئي ناقابل برداشت آهي ۽ فرض کان غفلت وارو آهي پر هو مُردن جي لاءِ به دل ۾ رحم نٿا رکن، محسوس ٿئي ٿو. نسيم کرل ڪھاڻي ۾ بلڪل ڪامياب ويو آھي انھن فرض کان ڪوتاھي ڪرڻ ڪري اڄ به اسان وٽ سنڌ ۾ امن امان نالي پري پري تائين ڪو چارو نظر نٿو اچي . قانون جا رکولا پان قانون جو تقدس پائمال ڪن ٿا اگر ڪير ھنن ڏانهن آڱر سڌي ڪري ٿو ته ان کي لاڪپ جا داٻا ڏئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو کين زوري پنهنجي ايمانداري جا چرچا ٻڌائن ٿا پر حقيقت ان جي اھا آھي ته پوليس اسان وٽ وڏي رشوت خور چورن ڌاڙيلن جي ساٿاري ڪم کان نٽائو آھي اڄ به اسان جي سماج جي عڪاسي ڪري ٿي. نسيم کرل ڪھاڻي سان ڀرپور نڀايو ھن ۾ شاھڪار جملا ۽ ڪردارن سان نڀاء به ڪمال جو آ گيج ريڊر جي بيوسي ۽ پوليس جي رعب دٻدٻي کي اھڙي نموني پيش ڪيو اٿس جھڙو حقيقت ۾ ھوندو آھي سندس ھي ڪھاڻي حقيقت نگاري جي علامت آھي ۽ سنڌي ادب جي شاھڪار ڪھاڻين مان ھڪ ڪھاڻي آھي.