9اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    9 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

    فقير محمد سنڌي.

    9 اپريل 1667ع تي پهريون عوامي آرٽ نمائش، فرانس جي گادي واري شهر پئرس ۾ منعقد ڪيو ويو.

    9- اپريل 1915ع تي لاڙڪاڻي جي سماجي ورڪر ۽ ادبي خيالن جي مالڪ شري سرلا ديوي سنڌ جي قديم شاهوڪار ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
    9- اپريل 1930ع تي اڪبر آشرم لاڙڪاڻو، هيءُ ادارو مشھور صوفي ويدانتي شاعر ۽ اديب امرت راءِ جئه سنگهاڻي ”سام“ قائم ڪيو.
    9- اپريل 1935ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر اسحاق ”راهي“ ولد محمد صالح سومرو ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
    9- اپريل 1948ع تي پاڪستان فٽ بال فيڊريشن جو وجود پيو.
    9- اپريل 1951ع تي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو.
    9- اپريل 1965ع تي مشھور ليکڪ ۽ شاعر رکيل مورائي، پورو نالو الھه رکيو ولد جاڙو خان سولنگي، ڳوٺ حاجي مالڪ ڏني سولنگي تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
    9- اپريل 1965ع تي ڀارت جي خلاف رڻ ڪڇ جي جنگ شروع ٿي.
    9- اپريل 1973ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمود حسين جو وڇوڙو ٿيو.
    9- اپريل 1980ع تي صوفي، علي محمد ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
    9- اپريل 1995ع تي سنڌ جي مشھور سياسي شخصيت، سردار غلام محمد خان مھر وفات ڪئي، سردار غلام محمد خان مھر جي جنم ڀومي خانڳڙهه ضلعو گهوٽڪي آهي.
    9- اپريل 1997ع تي ماهر نقاد ۽ اديب ڊاڪٽر محبت ٻرڙو وفات ڪئي آخري آرام گاهه قنبر ۾ اٿس.

    9 اپريل 2009ع تي هندستاني فلم ساز، شڪتي سامنتا جو وڇوڙو ٿيو.

    9 اپريل 2009ع تي بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي تربت ۾ بلوچ نيشنل موومينٽ جي صدر غلام محمد بلوچ کي ٻن ساٿين سان گڏ قتل ڪيو ويو.

    9- اپريل 2013ع تي شاعر عاجز اڄڻ جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو