• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

11 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو...!

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
11 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

فقير محمد سنڌي.

11 اپريل 1755ع تي مشھور سرجن ۽ دماغي بيمارين تحقيق ڪندڙ جيمس پارڪنسن پيدا ٿيو.

11 اپريل 1829ع تي مشھور زمانه انا الحق جو پيروڪار، حضرت سچل سرمست رح ولد بزرگوار جو نالو ميان صلاح الدين آهي. سچل جي وفات درازا ۾ ٿي. سچل سرمست رحه جي ولادت 1739ع ۾ ٿي.
11 اپريل 1934ع تي شاعر، صحافي ۽ اديب فضل احمد بچاڻي ولد خان صاحب ڇٽل بچاڻي، ٽنڊي الهيار، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
11 اپريل 1934ع تي پروڊيوسر، ممتاز اعواڻ جو جنم ڏينھن آهي.
11 اپريل 1944ع تي شاعر، ڊاڪٽر عابد لغاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
11 اپريل 1947ع تي ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ ارباب کهاوڙ اصل نالو ارباب علي نبي بخش کهاوڙ آهي، هو ابتدا ۾ ارباب سنڌي جي نالي سان به لکندو هو. سندس جو جنم وارهه ۾ ٿيو.
11 اپريل 1967ع تي ليکڪ، ابراهيم کرل ولد مولا بخش خيرپور ۾ جنم ورتو.
11 اپريل 1971ع تي شاعر، ڪوثر هالائي جو جنم ڏينھن آهي.
11 اپريل 1976ع تي ڪمپيوٽر ايپل ون ٺاهيو ويو.
11 اپريل 1980ع تي عالم دين مولانا احتشام الحق ٿانوي جو وڇوڙو ٿيو.
11 اپريل 1983ع تي پاڪستان جو مقبول گلوڪار، احمد رشدي، دل جي دوري سبب راهه رباني ورتي.
11 اپريل 1984ع تي چيني فوج، ويٽنام تي حملو ڪيو.
11 اپريل 1986ع تي شاعر، نذير سروهي گمبٽ ۾ جنم ورتو.
11 اپريل 1990ع تي شاعر، عجب شيخ جو جنم لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ مالاهي شيخ ۾ ٿيو.

11 اپريل 2006ع تي عيد ميلاد نبي جي ڏينهن تي، نشتر پارڪ ڪراچي سانحي ۾ گهڻي تعداد ۾ عالم دين راھ رباني ورتي.

11 اپريل 2006ع تي ايراني صدر احمدي نزاد، يورينيم افزودگي ۾ ڪاميابي جو اعلان ڪيو.

11 اپريل 2011ع تي مشھور عالم علي محمد حقاني دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. علي محمد حقانيءَ جي جنم ڀومي نئون ديرو آهي جتي 1908ع جنم ورتو.
11 اپريل 2011ع تي اسٽيج جي معروف اداڪار مرتضى حسن مستانه جو لاڏاڻو ٿيو
 
Back
Top