12 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    12 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

    فقير محمد سنڌي.

    12 اپريل 1204ع تي چوٿين صليبي جنگ ۾ قسطنتنيه کي لٽيو ويو.

    12 اپريل 1900ع تي استادالشعرا، حافظ محمد احسن ذات چنو والد جو نالو جمعه خان ڳوٺ ملڪاڻي شريف، دادو ۾ جنم ورتو.
    12 اپريل 1912ع تي بخش جمالي ولد ڪريم بخش جمالي ڳوٺ بچل مھيسر تعقلي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ ڪھنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي.
    12 اپريل 1917ع تي ڀارت سجو ڪرڪيٽر ونو منڪڊ جو جنم ڏينھن آهي.
    12 اپريل 1921ع تي اجمل بيگ مرزا، ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب، دانشور عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
    12 اپريل 1929ع تي اخبار همدرد جو آخري پرچو شايع ٿيو.
    12 اپريل 1930ع تي خوبصورت شاعر، نياز همايوني شڪارپور ضلعي ۾ جنم ورتو.
    12 اپريل 1931ع تي شاعر، اسدالله شاهه بيخود حسيني ولد الله بخش شاهه ڳوٺ ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو.
    12 اپريل 1945ع تي چترڪار، قاضي خضرحيات ادبي نالو خ ح ع قاضي ولد عبدالحئي قائل رتوديرو شھر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    12 اپريل 1945ع تي آمريڪي صدر روز ويلٽ جو وڇوڙو ٿيو ۽ آمريڪي نائب صدر هيري ايس ٽرومين صدارت واري عھدي تي فائز ٿيو.

    12 اپريل 1946ع تي شام، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.

    12 اپريل 1949ع تي فلم، ريڊيو اسٽيج جو ليکڪ ۽ هدايتڪار حيات علي شاهه بخاري ولد غوث علي شاهه بخاري حيدرآباد ۾ ڄائو.
    12 اپريل 1953ع تي صحافي، عبدالحميد شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    12 اپريل 1957ع تي سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو هڪ اعليٰ آرٽسٽ/ مصور، خدا بخش ابڙو جو جنم ڏينھن آهي.
    12 اپريل 1967ع تي شاعر، يونس همدم جو جنم ڏينھن آهي.
    12 اپريل 1967ع تي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ضراب حيدر، غلام حيدر ڪليار جي گهر سکر ۾ جنم ورتو.
    12 اپريل 1995ع تي مظفر حسين ”جوش“ وفات ڪئي.
    12 اپريل 2006ع تي بالي ووڊ اداڪار ۽ گلوڪار راجڪمار جو وڇوڙو ٿيو.
    12 اپريل 2016ع تي شاعر، ڊاراما نگار، افسانه نگار ۽ اديب آغا سليم جو وڇوڙو ٿيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو