13 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    13 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

    فقير محمد سنڌي.

    13 اپريل 1829ع تي تي برطانوي پارليامينٽ، رومن ڪيٿولڪس کي مڪمل مذهبي آزادي ڏني.
    13 اپريل 1885ع تي شيرين زبان ڳائڻو ۽ ايڪي ۽ امن جي پرچار ڪندڙ ڀڳت ڪنور رام پٽ تارا چند گهوٽڪي جي ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ جنم ورتو.
    13 اپريل 1915ع تي مشھور استاد، اديب، شاعر، ڊرامه نويس ۽ آرٽسٽ پروفيسر الف ب ت ميروخاني جنم ورتو. اصل نالو الله بخش هئس.
    13 اپريل 1915ع تي مشھور شاعر ۽ نثر نويس احمد خان اختر ولد عبدالرحيم ميمڻ ڳوٺ بولان خان شورو تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو.

    13 اپريل 1919ع تي برطانوي فوج، امرتسر جي جليانوالا باغ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 379 غير هٿياربند مظاهرين کي قتل ڪيو.

    13 اپريل 1938ع تي سنڌ جي نالي واري شخصيت، قمر شهباز (قمر الدين ٻگهيو) نوابشاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس هئس.
    13 اپريل 1944ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو هڪ نه وسرندڙ آواز ۽ بھترين فنڪار انور بلوچ هيرآباد حيدرآباد ۾ ڄائو.
    13 اپريل 1960ع تي پاڪستان ۽ متحده عرب جمھوريه ۾ پھريون تجارتي معاهدو ٿيو.
    13 اپريل 1960ع تي فرانس ايٽمي صلاحيت رکندڙ چوٿون نمبر ملڪ بڻيو.
    13 اپريل 1965ع تي جي ايم رئيساڻي مدئجوي اصل نالو، غلام محمد ولد حمزه علي رئيساڻي چوهڙپور ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ استاد شاعر، مضمون نگار، تحقيق نگار ۽ ڪھاڻيڪار اٿس.
    13 اپريل 1968ع تي علامه آءِ آءِ قاضي پنھنجي ضعيف ۽ ڏٻري جسم کي مھراڻ جي موجن حوالي ڪندي موت کي ڳلي لڳايو.
    13 اپريل 1972ع تي عدليه کي انتظاميه کان الڳ ڪري مستقل قانوني ڪميشن جو قيام عمل ۾ آيو.
    13 اپريل 1987ع تي پاڪستان جي ماهر قانوندان، ميان محمود علي قصوري جو وڇوڙو ٿيو.
    13 اپريل 1987ع تي گلوڪاره بيگم فقيرياڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
    13 اپريل 1992ع تي موسيقار سي ارجن بمبئي جي اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ دوران دل جي دوري سبب وفات ڪئي.
    13 اپريل 1993ع تي اداڪار، سعيد احمد واگهو جو وڇوڙو ٿيو.
    13 اپريل 2004ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر هري دلگير ڀارت ۾ وفات ڪئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو