اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 14 اپريل 1845ع تي هز هائينس، مير نصير محمد خان ٽالپر وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس. 14 اپريل 1865ع تي صدر ابراهيم لنڪن کي فورڊ ٿيٽر ۾ا داڪار جان ولڪس بوٿ ۾ گولي هنئي. 14 اپريل 1870ع تي ٿامس ايڊيسن، پھريون برقي ليمپ ايجاد ڪيو. 14 اپريل 1881ع تي نواب غيبي خان ولد سردار محمد خان چانڊيو پنھنجي اباڻي ڳوٺ غيبي ديرو تعلقي قنبر ۾ تولد ٿيو. غيبي خان جو اصل نالو علي نواز خان چانڊيو هو. 14-اپريل 1891ع تي شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جو لاڏاڻو ٿيو. 14 اپريل 1893ع تي عالم دين، شاعر، صحافي ۽ تحريڪ آزاديءَ جو رهنماءَ مولانا دين محمد وفائي ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ پيدا ٿيو. 14 اپريل 1894ع تي قادر الڪلام شاعر، شھمير خان ولد جلال خان چانڊيو ٽنڊي ولي محمد (حيدرآباد) ۾ ڄائو. شھمير خان جا وڏا اصل ڳوٺ گاهي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي جا هئا. 14 اپريل 1902ع تي آمريڪا ۾ پھريون گهمندڙ سئنيما گهر، لاس اينجلس ۾ شروع ٿيو. 14 اپريل 1925ع تي شاعر، نقاد ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر احسان احمد ولد لطف الله بدوي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. 14 اپريل 1948ع تي ناميارو موسيقار، اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ اداڪار رستم علي ولد شوڪت علي ٻرڙو قنبر ۾ پيدا ٿيو. 14 اپريل 1967ع تي ليکڪ ۽ ناول نگار منظور ٿھيم جو جنم ڏينھن آهي. 14 اپريل 1972ع تي ذوالفقار علي ڀٽو سٺي اڪثريت سان قومي اسيمبليءَ جو صدر چونڊيو ويو. 14 اپريل 1986ع تي ممتاز ايراني رهنما آيت الله ڪاظم شريعت مدار جو وڇوڙو ٿيو. 14 اپريل 1992ع تي سنڌ جو هر دل عزيز اديب ۽ صحافي طارق اشرف دل جو دورو پوڻ سبب انتقال ڪيو. 14 اپريل 1994ع تي پاڪستاني سائنسدان سليم الزمان صديقيءَ جو وڇوڙو ٿيو. 14 اپريل 1997ع تي فن جي دنيا جو انسان، مير محمد لنڊ وفات ڪئي، اباڻي ڳوٺ لڳ اصحابين جي قبرستان ۾ آرامي آهي. 14 اپريل 2007ع تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه جو وڇوڙو ٿيو. 14 اپريل 2010ع تي مذهبي عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جو وڇوڙو ٿيو.