عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقرا مرزا چيو آهي ته قربانين باوجود ڪارڪنن ۾ مايوسي ڇانيل رهي ته حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪو به حق نه آهي، اڳوڻن دورن ۾ ٿرپارڪر کي ننڌڻڪو ڪري رهواسين مٿان ڪارا قانون مڙهيا ويا، ارباب رحيم کي دعوت ڏيان ٿو، اچي مقابلو ڪري ڏيکاري.
ڇاڇري ۾ چارنور ويڌا ڳوٺ ۾ پنج مهينا اڳ باهه لڳڻ سبب بي گهر ٿيل 104 خاندانن کي ڀيڻ بينظير بستي اسڪيم تحت منظور ٿيل گهرن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو ليڊر اڄ تائين پيدا نه ٿي سگهيو آهي، هن عوام خاطر شهادت ماڻي جنهن ڪري اڄ به کيس امامن جيان ياد ڪن ٿا، صدر آصف علي زرداري به ان ئي راهه تي گامزن آهي. هن ٿرپارڪر جي راهمان برداري پاران ارباب کي سخت مقابلو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري وڏي سوچ وارو ڪم ڪندي سيد قائم علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو، هن چيو ته ضلعي ليول جي رنجشن کي ضلعي اڳواڻ ذميوارين سان حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن. جيڪڏهن قربانين باوجود ڪارڪن مايوس رهيا ته حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪو به حق نه آهي. هن چيو ته اڳوڻو وڏو وزير مهنجي غير موجودگي جي ڄاڻ وٺي ان کان بدين ايندو هو پر هينئر جيڪڏهن واپس اچي ته اسان کيس معافي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون