15 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    15 اپريل 1450ع تي اتر فرانس جي برطانوي تسلط کي ٽوڙڻ لاءِ فارميني جي جنگ ۾ فرانسيسين کي فتح حاصل ٿي.
    15 اپريل 1632ع تي سويڊن ٽيھن سالن جي جنگ ۾ پاڪ رومن سلطنت کي شڪست ڏني.
    15 اپريل 1705ع تي ملڪه اين، سائنسدان نيوٽن کي سر جو خطاب ڏنو.
    15اپريل1827ع تي ڪئناڊا جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي ٽورانٽو يونيورسٽي چارٽر ڪئي وئي.
    15 اپريل 1877ع تي انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پھرين ٽيسٽ ميچ ٿي.
    15 اپريل 1888ع تي مشھور انگريز شاعر ۽ نقاد آرنلڊ ميٿوي جو وڇوڙو ٿيو.
    15 اپريل 1914ع تي مولانا شفيع اوڪاڙوي زندگيءَ جي آخري تقرير ڪئي.
    15 اپريل 1917ع تي سائنسدان ڊاڪٽر آءِ ايڇ عثماني جو جنم ڏينھن آهي.
    15 اپريل 1941ع تي سياستدان، سردار سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ، مٽياريءَ ۾ خان بھادر سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جي گهر ۾ جنم ورتو.
    15 اپريل 1950ع تي برک اديب، شاعر ۽ صحافي مقصود گل اصل نالو قاضي مقصود حيات رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    15 اپريل 1955ع تي آغا نور محمد پٺاڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر اڪادمي ادبيات ڪراچي، ڪھاڻيڪار، نقاد ۽ مترجم آهي.
    15 اپريل 1969ع تي نوجوان شاعر، ڊاڪٽر خادم منگي اصل نالو خادم حسين ولد حاجي خالق ڏنو منگي ڳوٺ دودو ڏيٿو ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
    15 اپريل 1975ع تي شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار علي آڪاش جو جنم ڏينھن آهي.
    15 اپريل 1980ع تي ليکڪ اصغر ڳاهو جو جنم ڏينھن آهي.
    15 اپريل 2007ع تي اڳوڻي سينيٽر حسين شاهه راشدي جو وڇوڙو ٿيو.
    15 اپريل 2021ع برک تعليمي ماھر، اسڪائوٽ ليڊر، ريڊيو پاڪستان خيرپور جي روزاني پروگرام "سهڻي ڌرتي" ۾ پنهل خان جو ڪردار نڀائيندڙ ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خير پور جو سيڪريٽري مولا بخش لاڙڪ جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو