• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

20 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
20اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي.
20 اپريل 571ع تي ٻنهين جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي دنيا ۾ تشريف آوري ٿي.
20 اپريل 1870ع تي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو جنم ڏينھن آهي.
20 اپريل 1889ع تي ايڊولف هٽلر آسٽريليا ۽ جرمني جي سرحد بويريا جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو.
20 اپريل 1918ع تي مشھور شاعر اختر هوشيارپوريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
20 اپريل 1924ع تي ترڪي ۾ آئين نافذ ڪيو ويو.
20اپريل 1952ع تي پاڪستان جو اڳوڻو چيف آف آرمي اسٽاف اشفاق پرويز ڪياني، جو جنم ٿيو.
20اپريل 1952ع تي پاڪستاني سياستدان سيد خورشيد شاهه ولد سيد ذوالفقار علي شاهه جي گهر سکر ۾، جنم ورتو.
20 اپريل 1961ع تي پاڪستان دفاعي ادارو داؤد فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو.
20 اپريل 1966ع تي نالي وارو شاعر، ڊاڪٽر مشتاق ڦل اصل نالو مشتاق حسين ولد خان محمد ڦل ڳوٺ ٽالپر وڏا، خيرپور ۾ جنم ورتو.
20 اپريل 1973ع تي لاڙڪاڻي جي مشھور چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد رکيو ويو.
20 اپريل 1974ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو وڇوڙو ٿيو.
20 اپريل 1975ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي پھرين وائيس چانسلر ابوبڪر حليم وفات ڪئي.
20 اپريل 1986ع تي پاڪستان جو ممتاز اديب ۽ نقاد سيد سبط حسن جو وڇوڙو ٿيو.
20 اپريل 1988ع تي پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪاره سائره يوسف، جو جنم ٿيو.
 
ڀلو ٿا لکو پيا پاءَ...
اهڙي قسم جا موضوع تاريخ جي دري سيڪشن ۾ موڪليندا ڪريو...
لک لائق
 
ڀلو ٿا لکو پيا پاءَ...
اهڙي قسم جا موضوع تاريخ جي دري سيڪشن ۾ موڪليندا ڪريو...
لک لائق
تاريخ جي دري، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لاءِ مختص ٿيل آهي ان جي هيٺان واضح لکيل آهي ته :هتي ٻيو مواد نٿو رکي سگهجي وڌيڪ رهنمائي ڪندا.
 
Back
Top