هيڏي وڏي جل ٿل ۾ جيءُ جلي ٿو. هن نفسا نفسي جي عالم ۾ سڀ ڪو پنهنجا تابوت کنيو ڊڪندو ڀڄندو پيو وتي. موت پٺيان ڪاهيندو ٿو وتي، پيرا کنيو پيو اچي ۽ انسان ويچارو جيئڻ خاطر يڪ ساهي هڪ رستي تي ڊڪندو ٿو رهي. موت ڪيترو نه سولو آهي، موت ڪيترو نه ويجهو آهي، موت ڪيترو نه سستو آهي. پوڙها ٺوڙها ته پيا جيئن. اُنهن ويچارن جي نه ڪنهن کي ضرورت ۽ نه وري انهن جي اهميت. سڀ ڪنهن تي بوجهه هوندي به هو پيا جيئن. آخر به ته جيتري زندگي هوندن ته ضرور جيئندا. ها باقي ڏکيو آهي ٺري ميرواھ جي نوجوانن جو. اُهي نوجوان جيڪي پنهنجي روزگار، نوڪري ۽ وجود جي جنگ جوٽڻ لاءِ ٻاهر ٿا نڪرن. انهن جي گهر مان نڪرڻ کانپوءِ اهو سوچڻ ضروري ٿي پوندو آهي ته خير سان جيئرا موٽندا به الائجي نه؟....... جوانن جي جوانين جو خير، گهر جي وارثن جو خير، عورتون ويچاريون سڄو ڏينهن تسبيح وانگر اهو ورد ڪيو ڏينهن ٿيون گذارين.ا ڄ جڏهن انسان ايتري ترقي ڪئي آهي. سائنسي ۽ ايٽمي دور آهي. اُن جي باوجود به اسان فرسودھ پيري مريدي جي بيماري ۾ وڪوڙيل. ذهن ۾ هميشه اهو سوال اڀرندو آهي ته هيءَ الله ڪڏھن انھن پيرن ٺوڳي مرشدن جي غلامي مان جان ڇڏائيندو ذهن ۾ هزارين سوال پيا پيدا ٿيندا آهن جن جو ڪو به جواب نه ملندو آهي. سچ به ته ظلم کي سهڻ وارا، ماٺ ڪري چپ ڪري ويهڻ وارا وڌيڪ ڏوهي آهن. ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪمزوري ۽ بي همتي ڏيکاري ظالم جو من وڌائڻ وارا به اوترائي گناهگار آهن ۽ انهن کي اوتري ئي سزا ملڻ گهرجي جيڪا هڪ ظالم کي ملي ٿي. هن وٺ پڪڙ جي ماحول ۾ چئني طرف نظر ڦيرائجي ته معلوم ٿيندو ته ٺري ميرواھ جو علائقو اهڙو آهي جيڪو هر طرح سان مڪمل جڪڙيل آهي، هر طرح جي عذابن ۾. پيرن جو ظلم، سياسي طور بدحال ۽ يتيم ، بي ضميرن جي بادشاهي، پيري مريدي جو راڄ، ريلن ۽ ن روڊ ن رستا، مٿان وري چمچن جو عذاب؟ آخر هتان جا بي گناهه رهواسي ڪنهن جي گناهن جو عيوضو ڀري رهيا آهن؟ يقيناً توهان اسان سڀ سمجهون ٿا خبر آهي اسان سڀني کي ڪير آهن اُهي جن جي ڪري هيءَ ٺري ميرواھ تپي ٽامو ٿي آهي ۽ هتان جون هوائون فضائون به رخ مٽائين پيون. انهن گناهگارن ۾ ڪي پنهنجا ڪي پرايا سڀ شامل آهن. انهن ڪجهه ظالم رهزنن ۽ بي ضميرن جي ڪري ئي سڄي ٺري ميرواھ ٻري پئي تپي پئي. همت نه آهي هتان جي ڪمزورن ۾ مقابلي ڪرڻ جي، همت نه آهي سچ سان مقابلو ڪرڻ جي همت نه آهي پنهنجي حقن گھرڻ جي، عزتن ۽ لڄن جي حفاظت ڪرڻ جي، همت نه آهي کلئي عام چوواٽي تي بيهي سچ چوڻ جي...... بي همت، بي لڄا، بي شرم هن شھر ٺري ميرواھ جا رهواسي جيڪي نه دوستيون نڀائي سگهيا نه دشمن جو مقابلو ڪري سگهيا. اڄ قسمت جو ڍارو اُبتو پيو ڦري. اڄ هتان جي رهواسين جون ٻه به گم آهن ته ڇهه به گم آهن..... چئني طرفن کان وٽيل هن شھر جا رهواسي جيڪي جيئڻ جي خاطر ڊوڙندا ٿا وتن. پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن پر ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ پيري مريدي جو ڀوت ھنن جو پيڇو نه ٿو ڇڏي. اڄ ٺري ميرواھ جا رهواسي نه زمين جا رهيا آهن، نه آسمان جا، خلائن ۾ کينوهڙن وانگر ڌڪا جهليندڙ هن شر دشتي جوڳي ملاح بوذدار سومرا راڄپر گوپانگ دراصل حساب ڪتاب ڏين پيا پنهنجن اعمالن جو، پنهنجي بي همتي جو، پنهنجي ضميري جو.... سچ ته جيئڻ جو ڪو حق ئي ڪونهي هنن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي حق لاءِ وڙهي نٿا سگهن. ڪاش ڌرتي ڌٻي غرق ٿئي، آسمان مان ڪا سنگ باري ٿئي ڪجهه نه بچي ڪجهه نه رهي. رهجي وڃن دڙا، دڙن مٿان دڙا، شل ڪو ٻيو موهن جو دڙو ٺهي، شل ڪو ٻيو ڪاهوءَ جو دڙو ٺهي.........