دُشمن جڏھن کان جانَ جو جانان ٿِي ويو ڪيڏو نہ مون غريب جو نقصان ٿِي ويو. جنھن جي ڪري بنايو مون، ڀڳوان کي خُدا! اُن جو خُدا بدلجي سو رحمان ٿِي ويو. ڪافر ٿيس مان جنھن جي محبت ۾ دوستو! ھُو ٻئي ڪنھن جي عشق ۾ مسلمان ٿي ويو ھردم غفور جنھن جي ڪئي مون ثناگري منھنجي رقيب جو سو ثناخوان ٿي ويو. __ آواز : محمد جمن پانڌياڻي شاعري: سيد غفور شاھ تقوي