23 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    23 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

    فقير محمد سنڌي.

    23 اپريل 1616ع تي انگريزي شاعر ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو وڇوڙو ٿيو.
    23 اپريل 1850ع تي انگريزي جو مشھور شاعر وليم ورڊس ورٿ جو وڇوڙو ٿيو.
    23 اپريل 1858ع تي نوبل انعامي يافته جرمن ماهر طبيعات ميڪس پلانڪ جو جنم ڏينھن آهي.
    23 اپريل 1899ع تي مخدوم غلام حيدر صديقي، قريشي هالا نوان ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ڇٺي جو نالو محمد سعيد هئس. پاڻ حضرت غوث مخدوم نوح رحه جو چوڏهون سجاده نشين هو.

    23 اپريل 1965ع تي ناليواروصحافي، ليکڪ ۽ تجزیہ نگار زرار پيرزادو ٻلهڙيجي ۾ لطيف شناس، صحافي ۽ليکڪ انور پيرزادو جي گهر جنم ورتو.
    23 اپريل 1968ع تي عظيم موسيقار ۽ گويو استاد بڙي غلام علي خان جو لاڏاڻو ٿيو.
    23 اپريل 1982ع تي پروفيسر يوسف سليم چشتي جي ڪتاب ”تاريخ تصوف“ کي ضبط ڪيو ويو.
    23 اپريل 1984ع تي ايڊز جو سبب بڻجندڙ خطرناڪ ايڇ.آءِ.وي، وائرس دريافت ٿيو.
    23 اپريل 1986ع تي سلامتي ڪائونسل ۾ لبيا تي آمريڪي حملي خلاف قرارداد کي ويٽو ڪيو ويو.
    23 اپريل 1988ع تي مشھور غزل گو شاعر درگاهي ميراڻي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.

    23 اپريل 1990ع تي نميبيا گڏيل قومن جو 160 هون ۽ دولت مشترڪه 50هون ميمبر بڻيو.

    23 اپريل 1992ع تي اڪيڊمي ايوارڊ يافته ڀارتي اداڪار ۽ فلمساز ستيا جيت راءِ جو وڇوڙو ٿيو.

    23 اپريل 1998ع تي آمريڪي انساني حقن جي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جو قاتل، جيمس ارل راءِ جيل ۾ فوت ٿي ويو.

    23 اپريل 1999ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪاڻيڪار ڪيھر شوڪت لاڏاڻو ڪيو، آخري آرامگاهه ڳوٺ آگاڻي لاڙڪاڻي ۾ اٿس.

    23 اپريل 2002ع تي اردو زبان جو مشھور نقاد، شاعر، صحافي ۽ مترجم تاج سعيد،جو وڇوڙو پشاور ۾ ٿيو.

    23 اپريل 2006ع تي القاعده سربراهه اسامه بن لادن، عيسائين خلاف جھاد جو اعلان ڪيو.

    23 اپريل 2007ع تي آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا اسٽيريو خلائي جهاز مان سج جون پهرين 3D تصويرون جاري ڪيون.

    23 اپريل 2013ع تي طالبان جي باني ملا عمر جو بيماريءَ سبب زابل صوبي افغانستان ۾ موت واقعي ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو