• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

27 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
27 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
فقير محمد سنڌي.
27 اپريل 1847ع تي شاعر سيد علي گوهر شاهه اصغر بنگلاڻي جو وصال ٿيو.
27 اپريل 1907ع تي باڪمال شاعر عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي ڳوٺ عاقل، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
27 اپريل 1909ع تي ليکڪ هوتچند هيرانند جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
27 اپريل 1909ع تي عثماني سلطنت جي مراد پنجين پنھجي ڀاءُ سلطان عبدالحميد جو تختو اونڌو ڪري حڪومت کي پنھنجي قبضي هيٺ رکيو.
27 اپريل 1937ع تي سنڌ اسميبليءَ جو پھريون اجلاس هيرانند جي اڳواڻي ۾ ٿيو.
27 اپريل 1941ع تي جرمن فوج يوناني شھر ايٿنز تي قبضو ڪيو.
27 اپريل 1942ع تي سياستدان عبدالله هارون جو وڇوڙو ٿيو.
27 اپريل 1959ع تي آمريڪي سائنسدان گورڊن آرم اسٽرانگ، نيونيٽل ڪيئر ڊيوائس جو موجد، وفات ڪري ويو.
27 اپريل 1960ع تي مغربي آفريقه جي ملڪ ٽوگو، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
27 اپريل 1962ع تي قرارداد پاڪستان پيش ڪندڙ شيرِبنگال مولوي فضل الحق ڍاڪا ۾ لاڏاڻو ڪيو.
27 اپريل 1968ع تي نور محمد ترهه کي افغانستان جو صدر مقرر ڪيو ويو.
27 اپريل 1974ع تي آمريڪا جي اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن جي مواخذي لاءِ 10 هزار ماڻهن واشنگٽن ۾ مارچ ڪيو.
27 اپريل 1978ع تي فائن آرٽ، صحافي ۽ ليکڪ اياز جوکيو محرابپور ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.
27 اپريل 1982ع تي مزاحيه ڪالم نگار، تنقيد نگار ۽ شاعر غلام مستانو سيوهاڻي ابڙو وفات ڪئي.
27 اپريل 2008ع تي حامد ڪرزئي تي طالبان جو حملو، پارليامينٽ جي ميمبر ۽ 3 حملي آورن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، افغان صدر حامد ڪرزئي محفوظ رهيو.
 
Back
Top