28 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    28 اپريل ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    28 اپريل 1896ع تي قائداعظم بيريسٽري جو امتحان پاس ڪيو.
    28 اپريل 1930ع تي آمريڪي سابق وزير خارجه، جيمس ايڊيشن بيڪر جو جنم ڏينھن آهي.
    28 اپريل 1935ع تي شاعر ۽ اديب آغا ڪاشميري جو لاڏاڻو، لاهور ۾ ٿيو.
    28 اپريل 1936ع تي شاهه فاروق، مصر جو بادشاهه بڻيو.
    28 اپريل 1948ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل شاعر اطهر منگي اصل نالو علي نواز منگي لاڙڪاڻي ضلعي جي واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.
    28 اپريل 1962ع تي نثر نويس، شاعر مرزا گل حسن بيگ ادبي نانءُ احسن ڪربلائي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو.
    28 اپريل 1969ع تي ڪي.ايڇ خورشيد آزاد ڪشمير جو صدر مقرر ٿيو.
    28 اپريل 1985ع تي صدر پاڪستان، جنرل ضياءُ الحق، ريڊيو پاڪستان پشاور جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو.
    28 اپريل 1985ع تي پشاور جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٽئين قائداعظم انٽرنيشنل فٽ بال ٽورنامينٽ فلڊ لائٽ ۾ شروع ٿي.
    28 اپريل 1991ع تي صدر غلام اسحاق خان راولپنڊي ۾ الشفا ٽرسٽ اکين جي اسپتال جو افتتاح ڪيو.
    28 اپريل 1995ع تي راڳي استاد طفيل خان راهه رباني ورتي.
    28 اپريل 2007ع تي چارسده ۾ آپگهاتي حملي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا ، زخمين ۾ گهرو وزير آفتاب احمد خان شيرپائو به شامل هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو