پهرين مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. عيسوي سال جو پنجون مھينو مئي آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”ميا“ (MAIA) ديوي جي نالي تي رکيو ويو. هن مھيني ۾ سج اتر اڌ گول خط استوا جي بلڪل ويجهو پهچي ويندو آهي. اتر اڌ گول ۾ گرمي جو آغاز ٿي ويندو آهي ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ سياري جي موسم جو آغاز ٿيندو آهي هن مھيني ۾ 31 ڏينھن ٿيندا آهن. پھرين مئي 1236ع تي شمس الدين التمش جو وڇوڙو ٿيو. پھرين مئي 1840ع تي دنيا جي سڀ کان پھرين ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پھرين مئي 1886ع تي مزدورن جو عالمي ڏينھن طور شڪاگو جي شھيدن جو ڏينھن طور ملهايو وڃي ٿو. مزدور تحريڪ 1811ع ۾ هڪ پورهيت ”ڪمس“ جي اڳواڻيءَ ۾ لڊلائٽ نالي تنظيم ٺاهي جنھن اڳتي هلي مزدورن جا حق تسليم ڪرايا. پھرين مئي 1931ع تي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ مڪمل ٿي. پھرين مئي 1934ع تي عالم، شاعر ۽ صحافي عبدالخالق خليق مورائي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو. آخري آرامگاهه لياري نديءَ ڀرسان مارواڙي مقام ۾ آهي. پھرين مئي 1940ع تي نالي واري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق، ولد تاج محمد سهرياڻي بلوچ جنم ورتو. پھرين مئي 1955ع تي مشھور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پھرين مئي 1961ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر، زخمي چانڊيو اصل نالو (ڄام خان) ولد مولا بخش چانڊيو شھر ڊکڻ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. پھرين مئي 1966ع تي آزاد بخاري، اصل نالو عبدالڪريم شاهه چڪ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار اٿس. پھرين مئي 1969ع تي ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پڊعيدن ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. پھرين مئي 1971ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ نثر نويس ايوب کوسو، ولد محمد حسن کوسو ڳوٺ حاجي احمد خان کوسو لڳ جهڏو ضلعي ميرپور خاص ۾ پيدا ٿيو. پھرين مئي 1973ع تي نوجوان شاعر انور ساگر ڪانڌڙو ڳوٺ الھه بچائي ڪانڌڙي تعلقي موري ۾ جنم ورتو. پھرين مئي 1982ع تي سياستدان، مير رسول بخش ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو. پھرين مئي 1983ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪھاڻيڪار علي صفدر ولد شير احمد بيوس چانڊيو ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ جنم ورتو. پھرين مئي 2011ع تي پاڪستان جي شھر ايبٽ آباد ۾ فوجي آپريشن ۾ القائده اڳواڻ اسامه بن لادن مارجي ويو.