5مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 5 مئي 1818ع تي معروف جرمن سياسي فلسفي ڪارل مارڪس پروشيا جرمني ۾ جنم ورتو. 5 مئي 1821ع تي فرانس جو سپھ سالار ۽ شھنشاهه بوناپارٽ نيپولين جو وڇوڙو ٿيو. 5 مئي 1925ع تي خانبھادر غلام محمد خان اسراڻ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو. 5 مئي 1952ع تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاسپورٽ جو سلسلو پھريون دفعو شروع ٿيو. 5 مئي 1952ع تي پاڪستان ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ پھريون سڌو سنئون ريڊيو، ٽيلي گرافڪ رابطو ٿيو. 5 مئي 1953ع تي سماجي ورڪر محمد اشرف کهاوڙ ولد خانصاحب امداد حسين خان کهاوڙ شھدادڪوٽ ان وقت جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 5 مئي 1956ع تي ٽوڪيو ۾ عالمي جوڊو چيمپئين شپ مقابلي طور افتتاح ٿيو. 5 مئي 1957ع تي موسيقي جو بي تاج بادشاهه شاهه محمد نابينا وفات ڪئي. 5 مئي 1961ع تي آمريڪا، انسان کي خلا ۾ موڪليو. 5 مئي 1963ع تي راڳي ذوالفقار علي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر پريم پتافي اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو. 5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر ساٿي محبوب زنگيجو ولد محمد بچل رنگيجو ٻيڙو خان گاڏهي ڪي اين شاهه ۾ جنم ورتو. 5 مئي 1980ع تي نوجوان شاعر سرفراز عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 5 مئي 1986ع تي شاعر رضا نادر شيخ، اصل نالو نادر حسين لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 5 مئي 2006ع تي ننڍي کنڊ جو عظيم موسيقار نوشاد علي دل جي تڪليف سبب بمبئي جي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. 5 مئي 2009ع تي سنڌ جي نالي واري شخصيت قمر شهباز لاڏاڻو ڪيو. ادبي سڃاڻپ، ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس هئس.