6 مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 6 مئي 1523ع تي المعروف صوفي بزرگ، حضرت مخدوم بلاول کي شھيد ڪيو ويو. 6 مئي 1831ع تي شاهه اسماعيل دهلوي کي شھيد ڪيو ويو. 6 مئي 1935ع تي بھترين مصور، ڀڳوان ڪپور اصل نالو ڀڳوان چترو مل ڪپور ڪراچي شھر ۾ ڄائو. 6 مئي 1957ع تي مشھور شاعر اسير ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇتو خان مير بحر، ڳوٺ ڪاري کھي تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. 6 مئي 1960ع تي اداڪاره سنگيتا پٽاڻي جو جنم ڏينھن آهي. 6 مئي 1972ع تي شاعر ۽ افسانه نگار سراج الدين ظفر جو وڇوڙو ٿيو. 6 مئي 1973ع تي صحافي رام ڪولهي جو جنم ڏينھن آهي. 6 مئي 1975ع تي سنڌ جو عظيم انسان عالم، صحافي، پبلشر ۽ سماجي ورڪر عبدالحميد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو. 6 مئي 1976ع تي صوفي شاعر، فقير محمد سليمان جو لاڏاڻو ٿيو. 6 مئي 1995ع تي سگهڙ، ڌڻي بخش ميمڻ راهه رباني ورتي.