7مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو...؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    7مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    7 مئي 1828ع تي ريڊ ڪراس جي باني، هنري ڊرنئٽ جو جنم ڏينھن آهي.
    7 مئي 1861ع تي بنگالي زبان جي عظيم شاعر، رابندر ناٿ ٽئگور ڪلڪتي ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ جنم ورتو.
    7 مئي 1898ع تي قادر الڪلام شاعر مرزا علي محمد بيگ ولد مرزا قربان علي بيگ ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو.
    7 مئي 1920ع تي سوويت يونين، جارجيا جي آزادي تسليم ڪئي.
    7 مئي 1924ع تي سگهڙ عبدالرحمان چانڊيو رهه رباني ورتي.
    7 مئي 1959ع تي مذهبي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ادبي نالو اُبو راشد سنڌي ۽ ابو ناصر عاقلائي ولد مولانا علي محمد حقاني لاڙڪاڻي شھر جي قديم ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
    7 مئي 1962ع تي شاعر وفا رضا سيال جو جنم ڏينھن آهي.
    7 مئي 2004ع تي چليءَ ۾ طلاق کي قانوني حيثيت حاصل ٿي.
    7 مئي 2004ع تي ڪراچي ۾ جمعي نماز دوران امام بارگاهه تي خودڪش ڌماڪيو ٿيو جنھن ۾ 10 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. سَوَن کان مٿي زخمي ٿي پيا.
    7 مئي 2015ع تي محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي جو چالاڻو ٿيو.
    7 مئي 2018ع تي راڳي محمد عرس چانڊيو هميشه لاءِ وڇڙي ويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو