• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

9مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو...؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
9مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي.
9 مئي 1841ع تي مذهبي عالم شيخ محمد عابد انصاري جو وڇوڙو ٿيو.
9 مئي 1857ع تي جنگ آزاديءَ جو آغاز ٿيو.
9 مئي 1877ع تي رومانيه جي پارليامينٽ ترڪيءَ کان آزادي حاصل ڪئي.
9 مئي 1896ع تي دنيا جو پھريون زير زمين ريلوي سسٽم جوآغاز بڊالپسٽ ۾ ٿيو.
9 مئي 1912ع تي اديب ۽ محقق الھه بچايو، يار محمد سمون جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
9مئي 1914ع تي جي ٽي هيرن پهريون بالر بڻجي ويو جنهن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ٽي هزار وڪيٽون ورتيون.
9 مئي 1927ع تي آسٽريليا جو نئون گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا ٿيو.
9 مئي 1929ع تي ممتاز علام دين، روحاني پيشوا مولانا محمد شاهه امروٽي ولد ميان نظام الدين شاهه ڳوٺ ديواني پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
9 مئي 1931ع تي شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سڀ کان پھريان ڀوپال ويو.
9 مئي 1948ع تي ليکڪا رضيه ناز ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
9 مئي 1962ع تي شاعر حاجي پيرزادو ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو.
9مئي 1970ع تي هڪ ملين ماڻهن ويٽنام جنگ خلاف احتجاج ڪيو.
9 مئي 1978ع تي سنڌي صحافت جو روشن ستارو ۽ سنڌ جو معمر سياستدان قاضي سليم اڪبر ڪراچي ويجهو روڊ حادثي ۾ راهه رباني ورتي.
9 مئي 1998ع تي اداڪار ۽ مشھور گلوڪار طلعت محمود جو وڇوڙو ٿيو.
9مئي 2002ع تي بحرين ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ عورتن کي پهريون ڀيرو ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.
9مئي 2008ع تي آمريڪي فوجي اهلڪارن عراقي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته عراق ۾ القاعده جي سربراهه ابو ايوب المصري کي عراق ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
 
Back
Top