10مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    10مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    10 مئي 1854ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر ديپڪ روهيت چند جو جنم ڏينھن آهي.
    10مئي 1857ع تي برٽش انڊين آرمي جي مقامي سپاهين برطانوي حڪومتن جي خلاف بغاوت ڪئي.
    10 مئي 1908ع تي پھريون ڀيرو مائرن جو (ماءُ جو عالمي ڏينھن) ملهايو ويو.
    10 مئي 1930ع تي شاعر ۽ شاه لطيف جو پارکو الھه نواز رُڪڻائي ڳوٺ رُڪڻ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
    10 مئي 1940ع تي ٻئي جنگ عظيم ۾ جرمني، بيلجيم، نيدرلينڊز ۽ ليڪسمبرگ تي حملو ڪيو.
    10 مئي 1940ع تي ناميارو محقق، اديب ۽ شاعر پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ولد در محمد ڳوٺ ٿاڻو سوڍر المعروف فيص محمد سوڍر تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
    10 مئي 1952ع تي وجودي فڪر جو ڪھاڻيڪار، مشتاق شورو سجاول ۾ عبدالڪريم شورو جي گهر ۾ جنم ورتو.
    10 مئي 1963ع تي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي نيپال فوج جو اعزاز، فيلڊ مارشل ان جي دوري دوران نيپال ۾ بڻايو ويو؟
    10 مئي 1963ع تي ليکڪ قربان ٻگهيو جو جنم ڏينھن آهي.
    10 مئي 1966ع تي ناميارو فنڪار، غلام رباني چانڊيو ولد سجاول فقير چانڊيو ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
    10 مئي 1971ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جو انائونسر شبير شاهه ولد سيد محمد شاهه ڳوٺ دودائي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    10 مئي 1974ع تي غزل گوشاعر، حافظ شاهه ناطق حسيني حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
    10 اپريل 1974ع تي نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر محمد عالم جي گهر نئين ديري ۾ جنم ورتو.
    10 مئي 1994ع تي نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جو پهريون ڪاري نسل جو صدر ٿيو.
    10 مئي 2002ع تي هندي ۽ اردو ٻوليءَ جو مشھور شاعر ڪيفي اعظمي جو وڇوڙو ٿيو.
    10مئي 2005ع تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گنگا ڊيم تي ڳالهين جي راءِ کان سواءِ ڳالهيون ختم ٿيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو