• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

11مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو...؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
11مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي.
11 مئي 1911ع تي سوامي ڪلا چند لاڏاڻو ڪيو. آسٿان ڪلياڻ مندر تي ٽي ڏينھن ميلو لڳندو هو، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ اهو ميلو لڳڻ بند ٿيو.
11 مئي 1912ع تي مشھور افسانه نگار، سعادت حسن منٽو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
11 مئي 1926ع تي مشھور اديب همايون جو جنم ڏينھن آهي.
11مئي 1927ع تي اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز تحت اڪيڊمي اوارڊ قائم ڪيو.
11 مئي 1938ع تي مشھور اداڪار مصطفى قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1942ع تي عالمي صھيوني ڪانفرنس نيويارڪ ۾ منعقد ٿي.
11 مئي 1944ع تي سياستدان حيدر علي ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1944ع محقق، نقاد، افسانه نگار ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“ لغاري ڳوٺ تاج پور ضلعي مٽياري ۾ پيدا ٿيو. ”تاجپور جي لغاري خاندان جون علمي خدمتون“ پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس.
11مئي 1953ع تي لاهور جي مارشل لا ڪورٽ مولانا مودودي ۽ عبدالستار نيازي کي موت جي سزا ٻڌائي.
11 مئي 1973ع تي پاڪستان، چين کي تسليم ڪيو.
11مئي 1995ع تي نيو يارڪ ۾، 100 ملڪن غير مشروط جوهري عدم پکيڙ واري معاهدي تي دستخط ڪيو.
11 مئي 1998ع تي هندستان، راجسٿان ۾ ايٽمي تجربو ڪيو، ايٽمي عدم ڦهلاءَ واري معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي.
 
Back
Top