13مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو...؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    13مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    13 مئي 1846ع تي آمريڪا، ميڪسيڪو جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
    13 مئي 1881ع تي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين پھرين ريل گاڏي هلائي وئي.
    13 مئي 1883ع تي سنڌ جو سياسي اڳواڻ ۽ سرهندي پيرن جو نامور فرد پير غلام مجدد سرهندي ولد ميان عبدالحليم سرهندي مٽياري ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
    13 مئي 1911ع تي گلوڪار ڪالاچند ڪلياڻ جو وڇوڙو ٿيو.
    13 مئي 1921ع تي شاعر نواب بھاول خان لغاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
    13 مئي 1969ع تي ليکڪ ربنواز بڙدي جو جنم ڏينھن آهي.
    13 مئي 1970ع تي مذهبي عالمِ دين مولانا غلام رسول عباسي جو لاڏاڻو ٿيو.
    13 مئي 1978ع مفتي مير رشد الله امروٽي جو جنم ڏينھن آهي.
    13 مئي 1983ع تي پاڪستان جو مشھور ادڪار علاؤ الدين جو وڇوڙو ٿيو.
    13 مئي 1998ع تي ڀارت 2 جوهري تجربا ڪيا، جنھن کانپوءِ آمريڪا ۽ جاپان ڀارت تي معاشي پابندي لڳائي ڇڏي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو