منور هاليپوٽو اڻ هوند جي هجڻ جو دلڪش عذاب آهي هر پهر زلزلن م ڌرتي جان دل ڌڏي ٿي، سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو؟؟ غربت عجيب شئي آ ماڻهو م لٽ اڏي ٿي. هن عيد لاء سوچيان ڇا ڇا وٺي سگهان ٿو؟ ڪپڙن جو جوڙو هڪڙو هڪڙي جتي ليلامي!! گهر جي اداس چُلھ جو ڏسڪو بہ ياد آهي فاقن جي مند بڇري جنهن جي ڀريون سلامي، غالب جو شوق سائيڪل ان کي بہ ڪيئين ٽاريان کيسي جي بادشاهي لالڻ مگر لُڏي ٿي. سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو غربت عجيب شئي آ ماڻهو م لٽ اڏي ٿي.. امان جي مومنياڻين سوچن سدائين سمجهيو ڏاتار نيٺ ڏيندو ايندو بہ ان اُٺن تي. ڪاڙهي م روز ڪڙهندي جلندي رهي جواني او ڪاش ڪو ڏسي ها پنهنجا هي ٻن پٺن تي. پنهنجي تہ رزق جي هئي ٻيڙي ڀڳل پراڻي هڪ لهر مان چڙهي جي ٻي لهر م ٻُڏي ٿي. سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو غربت عجيب شئي آ ماڻهو م لٽ اُڏي ٿي... هن بک جي چٽي م ڇا ڇا نہ پاڻ هاريو ؟؟ سرگم جهڙا سيارا بيتن جهڙيون بهارون ، انجام ڪي ملڻ جا اڌ م ڇڏي هلياسين ڳاڙهن ڳلن کان پرتي پنهنجون ڪهيون قطارون. تقدير بي تحاشا پيرن م روز چپليو جندڙي دلير ايڏي ڪنبندي وري ڪُڏي ٿي، سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو غربت عجيب شئي آ ماڻهو م لٽ اُڏي ٿي.. ڇت جي وڇائي جهڙو ورھ وڏو لڳل آ ڏاتار پو ڏٺو مون بکيا سڀئي ٽٽل هئا، بجري تي سوتلي جي ٻوري اڌڙ وڇائي مزدور خواب منهنجا مونسان ٿڪي ستل هئا. اولھ مان چنڊ سنهڙو اڀري اکين م آيو پوئين وکن اچڻ لئہ گهر جي گهٽي سڏي ٿي سريو ڪندي سڌو مون کلندي هي خيال سوچيو؟ غربت عجيب شئي آ ماڻهو م لٽ اڏي ٿي... منور ھاليپوٽو